ڪراچي ۾ گرمي ڪيستائين رهندي؟ موسميات کاتي ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ مئي جي آخر تائين موسم گرم ۽ گهميل رهندي جڏهن ته 15 جون کانپوءِ ملڪ ۾ پري مون سون برساتن جي شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيف ميٽرولوجوسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته هوام جي وڌيڪ دٻاءُ سبب گهڻي قدر علائقن ۾ گرمي پد معمول کان وڌيڪ آهي ۽ جون جي پهرئين هفتي تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ مئي جي آخر تائين موسم گرم ۽ گهميل رهندي، شهر ۾ مئي دوران سراسري گرمي پد 35 ڏهائي 8 ڊگري سينٽي گريڊ آهي جڏهن ته گرمي پد 38 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.
سردار سرفراز جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هيٽ ويو نه آهي جڏهن ته سراسري طور گرمي پد معمول کان 2 يا 3 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته 15 جون کانپوءِ ملڪ ۾ پري مون سون برساتون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

#Heat #Sindh #Karachi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.