مريم نواز ڏچي ۾، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وزيرعليٰ مريم نواز جي طلبي جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اي ٽي سي ون راولپنڊي مان ڪيسن جي ٻي عدالت منتقلي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته حڪومتي ڪميٽي ججن جي مقرريءَ واري معاملي تي وزيرعليٰ مريم نواز سان صلاح مشورو ڪيو، مريم نواز ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ججن جي مقرريءَ وارو معاملو ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ايڊووڪيٽ جنرل جي موقف تي عدالت ججن جي مقرريءَ لاءِ پنجاب حڪومت کي آخري موقعو ڏيندي چيوته جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تائين جج مقرر نه ٿيا ته پنجاب جي وزير اعليٰ پاڻ عدالت ۾ ٿئي.
ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته وزيرعليٰ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ججن جي مقرريءَ واري معاملي کي ايجنڊا نمبر وَن رکڻ جو چيو آهي، ان تي چيف جسٽس چيو ته اوهان کي ڪابينا جو خاص اجلاس طلب ڪرڻ گهرجي ها.
ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جمعي جي ڏينهن ڪابينا جو اجلاس سڏائي اِهو معاملو حل ڪنداسين، حڪومت کي هاءِ ڪورٽ طرفان ڏنل نالن تي ڪو به اعتراض ناهي.
ان تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ حڪومتي ڪميٽي جا ماڻهو به ناهن آيا، اوهان عدالت جي اِها عزت ڪريو ٿا.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ ڪابينا ايندڙ ٻڌڻي تائين ججن جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري، ايندڙ ٻڌڻي تائين نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيا وزيراعليٰ پاڻ پيش ٿئي، عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 24 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

#CMPunjab #Lahorehighcourt #MaryamNawaz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.