”هڪ پاسي آءِ ايس آءِ پيغام موڪلي رهي آهي، ٻئي پاسي چئي ٿي ته فرهاد اسان وٽ ناهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شاعر احمد فرهاد جي گمشدگي جي ڪيس ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته آءِ ايس آءِ شاعر جي موجودگي کان انڪار ڪيو آهي، جنهن تي عدالت ڪاوڙجي پئي ۽ چيو ته هڪ پاسي ميسيج اچي رهيا آهن ۽ ٻئي پاسي چيو پيو وڃي ته همراهه اسان وٽ ناهي، ايجنسيون ملڪ هلائينديون يا قانون؟ سيڪٽر ڪمانڊر ڪو چنڊ تي ناهي ويٺو، ان کي پنهنجي اوقات ۾ رکو.
شاعر احمد فرهاد جي آزادي بابت درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، احمد فرهاد جي گهرواري جي درخواست تي جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌڻي ڪئي، احمد فرهاد جي گهرواري جي وڪيل ايمان مزاري عدالت سامهون پيش ٿي.
درخواستگذار چيو ته هڪ هفتو اڳ احمد فرهاد پنهنجي گهر ٻاهران گم ٿيو، ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سڀاڻي صبح تائين وقت ملي وڃي ته رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏينداسين.
جسٽس محسن اختر ڪياني جي پڇاڻي تي بچاءَ واري وزارت جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته آءِ ايس آءِ جواب ڏنو آهي ته احمد فرهاد وٽن ناهي.
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو هاڻ معاملو آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جي اختيار کان ٻاهر نڪري ويو آهي، بچاءَ وارو سيڪريٽري سڀاڻي پيش ٿئي ۽ رپورٽ ڏئي، گهرو سيڪريٽري کي چيو ته اهو به ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي، انهن جي ٿاڻن جا رجسٽر ڀريا پيا آهن، اڄ تائين ڪيترا ماڻهو ريڪور ٿيا؟ پوءِ وزيرن کي طلب ڪنداسين ۽ پوءِ وزيراعظم کي طلب ڪبو.
عدالت چيو ته اهو معاملو ايترو سادو ۽ آسان ناهي، مان جڏهن فيصلو ڏيندس ته معاملو ٻئي پاسي نڪري ويندو، هڪ پاسي ميسيج موڪلي رهيا آهيو ۽ ٻئي پاسي چئي رهيا آهيو ته همراهه اسان وٽ ناهي، ايجنسيون هي ملڪ هلائينديون يا قانون موجب هي ملڪ هلندو؟
عدالت چيو ته سيڪٽر ڪمانڊ ڪو چنڊ تي ناهي رهندو، ان کي پنهنجي اوقات ۾ رکو، ان کانسواءِ به ملڪ هلي ٿو سگهي، سيڪٽر ڪمانڊ ڪير آهي، وڌ کان وڌ 18هين گريڊ جو آفيسر هوندو، توهان ان کي آسمان تي ويهاري ڇڏيو آهي.
عدالت جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته سيڪٽر ڪمانڊر جو بيان وٺي سڀاڻي پيش ڪيو.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي بچاءَ ۽ گهرو کاتن جي سيڪريٽرين کي طلب ڪري ورتو.

ahmadfarhad IHC islamabadhighcourt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.