عدليه حڪومت ڇڪتاڻ: نوازشريف جي تقرير نئون محاذ کڙو ڪري ڇڏيو

لاهور(معظم فخر) آزاد سينيٽر فيصل واوڊا کي سپريم ڪورٽ پاران توهين عدالت جي نوٽيس کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اٽارني جنرل ذريعي صلح صفائي جو پيغام عدليه ڏانهن موڪليو وڃي پر صلح صفائي لاءِ عدليه پاران ڪا ”دري“ کلندي نظر نه پئي اچي،عدليه پٺتي هٽڻ لاءِ به تيار ناهي،فيصل واوڊا به عدليه کي چئلينج ڪرڻ تي لهي آيو آهي،پراڪسي ڪوٺڻ تي هو چڙي پيو آهي،هو الزام هڻندڙ جج کي ملڪي عدالتن سان گڏ عالمي انصاف واري عدالت ۾ گهلڻ جو چتاءُ ڏئي رهيو آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ توهين عدالت جي لکت ۾ ڪيل آرڊر ۾ سڀني کي ڇلي ڇڏيو آهي،ڊيڊلاڪ جي خاتمي لاءِ صدر آصف علي زرداري کي ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، عدليه پاران صلح صفائي جي آفر رد ڪندي فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کان غيرمشروط معافي گهرائڻ جو فيصلو رٿيو ويو آهي، جڏهن ته ڪالهوڪي نوازشريف جي پارٽي اجلاس ۾ ڪيل تقرير مان ثابت ٿئي ٿو ته حڪومت هاڻي ان معاملي ۾ ڌر ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي،نوازشريف ججن جي احتساب جو مطالبو ڪندي اهم ڪارڊ کيڏيو آهي.

نوٽ: معظم فخر جو هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 20 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

#Establishment #Judiciary#Pakistan #NawazSharif

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.