عدليه اسٽيبلشمينٽ ڇڪتاڻ :ايوان صدر جو ڪردار وڌي ويو؟

اسلام آباد(نجم سيٺي)سوال اهو آهي ته ججن جي خط واري معاملي جي حل جو فارمولو پيش ڇو پيو ڪيو وڃي؟ هڪ صحافي ڪالم لکي  ٿو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته اسٽيبلشمينٽ تي عدليه جو دٻاءُ وڌي ويو آهي ۽ صدر ۽ وزيراعظم ڇو چپ آهن؟ جنهن بعد راڻا ثناءُ الله جو عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ صلح صفائي وارو بيان اچي ٿو، ماضي جي اسٽيبلشمينٽ ته عدليه کي سياستدانن خلاف استعمال ڪندي هئي، پ پ ۽ ن ليگ سمجهن ٿيون ته اسٽيبلشمينٽ اسان کي ”گرم سيٽ“ تي ويهاري ڇڏيو آهي، اختيار کسي ذميواريون اسان جي ڪلهن تي وڌيون ويون آهن، هر شئي ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ کان پڇيو وڃي ٿو، عوام ته گهٽ وڌ اسان کي ڳالهائي ٿو، هاڻي عدليه سان جهيڙو ٿيو آهي ته  توهان ڀاڻ ڀوڳيو،هاڻي اسٽيبلشمينٽ پاران حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ته عدليه سان ڇڪتاڻ ختم ڪرايو،اسان جو دفاع ڪريو،پ پ آئيني عهدا وٺي ڪنڊ وٺي ويٺل آهي،ايوان صدر ۾ ماضي ۾ چيف جسٽس ۽ آرمي چيف جون ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، راڻا ثناءُ الله جي تجويز اهميت رکي ٿي،عالمي طور اسٽيبلشمينٽ کي هن وقت ڪا به سپورٽ نه ملي سگهندي،اميد اها هئي ته چيف جسٽس ججن کي ڪنٽرول ڪري سگهندو،هو روز هڪ نئين طوفان کي منهن ڏئي ٿو، ججن ۾ به اختلاف راءِ آهي، چيف جسٽس کي اداري اندر به مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، عدليه ۾ عمر عطا بنديال جا ويجها ماڻهو اڃا موجود آهن.

نوٽ: نجم سيٺيءَ جو هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 20 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

#Establishment #Judiciary#Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.