جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي پاران سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ بک هڙتال

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان ) جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي سڏ تي قومي حقن جي حاصلات ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ, سنڌ جي زمينن تي والار ۽ ٻين مسئلن خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون  رھبر ڪميٽي جي سربراھه ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو،  جسقم اڳواڻ فتاح چنا، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، راوت خان چانڊيو، باغي ڪالرو، زاھد لغاري، ايوب ڪوريجو، حيدر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 24 ڪلاڪن واري بک هڙتال ختم ٿي وئي. بک هڙتال جي پڄاڻي جي موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي رياض علي چانڊئي چيو ته سنڌ جنھن جو شاندار تھذيبي ۽ ثقافتي تعارف ھو، اڄ ان کي ڌارين جي آبادڪاري، معاشي بربادي، ٻارن جي اغوا ڪاري، بک ۽ بيمارين جو مرڪز بڻايو ويو آھي، سرڪاري سازش تحت سالن کان سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ هلندڙ آھي، عام شھري جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آھي، پريا ڪماري کي گم ٿيندي سال ٿيا آھن، پنو عاقل وچ شھر مان معصوم محمد حسن آرائين کي سري عام ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آھن، معصوم ٻالڪن نياڻين، بزرگن، استادن، واپارين ۽ ڪاروباري ماڻھن کي ڏينھن ڏٺي جو اغوا ڪري ماريو وڃي ٿو يا وڊيو ڀري سنڌ جي عوام کي خوفزدا ڪن ٿا، سنڌ ۾ ھن وقت ڪو وڏو ٻيلو ناھي جتي ڌاڙيل نٿا رھن، ھي سڄو سرڪاري ناٽڪ آھي، جنھن جي ذريعي سنڌ جي معيشت امن امان ۽ ترقي جي ھٿرادو ناڪابندي ڪئي وئي آھي، جنھن جي مذمت ڪريون. هن چيو ته اڄ اسان جي ھي سڄي سنڌ جي ڊويزنل ھيڊ ڪواٽرن ۽ مختلف شھرن ۾ پرامن بک ھڙتال ٿي رھي آھي، احتجاج اسان جو جمهوري حق آھي، اسين مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ جا وسيلا ۽ سنڌ جو روزگار سنڌ جي ماڻھن حوالي ڪيو وڃي، حڪومتي سرپرستي ۾ سنڌين کي پنائڻ، اپاھج بنائڻ اين جي اوز ۽ بينظير انڪم سپورٽ جي ذريعي محتاج ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي، سنڌ جا شاندار انساني ترقي جا وسيلا سڌ تي خرچ ڪريو، پرڏيهين کي ٻاھر ڪڍو، خوف، بک ۽ بيمارين جي ذريعي نسل ڪشي بند ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڻي صحت ۽ تعليم کسڻ ڏاڍ آھي، ان کي قبول نٿا ڪريون، سرڪاري تعاون سان سنڌين جو وجود ختم ڪرڻ واري رٿا ھاڻ ڀند ٿيڻ گھرجي، سنڌين کي عزت سان پنھجي وطن تي رھڻ جو حق ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي والاريل زمينون واپس ڌرتي ڌڻين حوالي ڪيون وڃن، اسان جي ڊيموگرافي ۽ ماحولياتي تباھي جا ھيوي ميگا منصوبا ختم ڪيا وڃن. هوڏانهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو به جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به بک هڙتال جاري رهي، بک هڙتال جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور،نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي مرڪزي صدر  ممتاز بروهيءَ ۽ سنڌي قومي ناري تحريڪ جي اڳواڻ عروج آزاد سنڌوءَ جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي. جنهن ۾ وڏي انگ ۾ قوم پرست اڳواڻن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ڪئمپ تي پهچي همدردي جو اظهار ڪيو. ڪئمپ تي قومي پارٽيءَ جي چيئرمين نواز خان زئور سنڌ جي سر موڙ شاعر شاهه عبداالطيف جي شاعري  تي ليڪچر ڏنو. هن چيو ته شاهه جي شاعري اڄ به جدوجھدن جو اتساهه آهي. سندس بيتن ۾ سنڌ جو روح جاڳندو رهي ٿو. هو صدیون گذرڻ باوجود اڄ به سنڌ جو قومي آواز بڻیل آهي. ٻئي طرف 24 ڪلاڪ پورا ٿیڻ تي بک هڙتال پنھنجي پڄاڻي تي پھتي، بک هڙتال جي پڄاڻي کان اڳ ۾ قومي پارٽيءَ جي چيئرمين نواز خان زئنور، ممتاز علي بروهيءَ، عروج آزاد سنڌوءَ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي زمينن  تي قبضو، درياءَ تي ڊيمن ، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ڌاري آبادڪاريءَ کي سنڌ خلاف سازش ٿا سمجھون.ٻئي پاسي سکر ۾ به بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي.جڏهن ته  نوابشاهه ۾ به جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي پاران مرڪزي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ نواب شاھ پريس ڪلب ٻاهران ڊي او ابرار مورائي، ساگر ملاح، زوهيب عمراڻيٻئي ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي .

#JeaySindhRahbarCommittee #JSQM #Protest #Sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.