ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس جي بنگلي ۾ نينگري جي پراسرار موت تي وارثن پاران ڪورنگي روڊ کان گورنر هائوس ۽ پوءِ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. صوبائي گهرو وزير به واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته پاريا ڪماري کي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس واقعي کي خودڪشي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پاريا جي پيءُ هيرا جو چوڻ آهي ته واقعي کان ڪجهه دير اڳ گهر وارن سندس ڌيءَ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. احتجاج ۾ شريڪ عورتن دعويٰ ڪئي ته پريا جي جسم تي تشدد جا نشان پڻ آهن، کيس قتل ڪيو ويو آهي، اسان انصاف چاهيون ٿا. ٻئي طرف سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ڏکڻ کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هوڏانهن ، ڊي ايس پي درخشان منيشا روپيتا چيو آهي ته پاريا قتل ڪيس ۾ ٽن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي جن کان جاچ شروع ڪئي وئي آھي ، جن ۾ حراست ۾ ورتل جوابدارن ۾ بنگلي جو مالڪ ڊاڪٽر شھروز ۽ سندس 2 ملازم آھن ۽ پاريه جي لاش ڦاھو کاڌل مليو جنھن بعد شڪ جي بنياد تي ناري جي وارثن جي مرضي سان قتل ڪيس داخل ڪيو ويوآهي، ناري جي موت جي ڪارڻ جو پتو ھن وقت تائين ناھي پئي سگھيو، پوسٽ مارٽم جي رپورٽ کانپوء حتمي فيصلو ڪيو ويندو. ٻي طرف ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ 16 ورهين جي هندو نينگري پاريه عرف پريا ڪماري جي جنسي ڏاڍائي ۽ وحشياڻي قتل ڪرڻ خلاف صوبائي انساني حق واري کاتي نوٽس وٺي ڇڏيو ۽ انساني حق واري کاتي نينگري پاريه عرف پريا ڪماري سان جنسي ڏاڍائي ۽ وحشياڻي قتل ڪرڻ خلاف ضروري ڪاروائي ڪري جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ، جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ واري ايس ايس پي ڏکڻ ، ايس ايچ او درخشا خلاف کاتي جي ڪاروائي ڪرڻ بابت خط لکي ڇڏيو آهي، انساني حق واري کاتي چيو آهي ته آء جي پوليس سنڌ موبائل فوننن جي فرانزڪ ڪري 10 ڏينهن اندر رپورٽ اماڻي ڇڏيندو.
#Karachi # Sindh #Deadbody