اسلام آباد(منصور علي خان)وفاقي وزير طارق بشير چيما چيو آهي ته عمران خان ڪرپٽ آهي،هن کي سياستدان نٿو سمجهان، مون زرتاج گل کي ڪا به گار ناهي ڪڍي،هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويو ۾ هن چيو ته مان تقرير ڪري رهيو هئس ته پٺيان کان زرتاج گل جملو هنيو ته تون عمران خان جي ڳڻتي نه ڪر،پنهنجي پٽ جو فڪر ڪر جيڪو يونيورسٽي ۾ منشيات ۾ ملوث آهي،مون کيس چيو ته تو کي جيڪا تڪليف آهي اها ختم ڪري ڇڏيندس،مون کيس چيو ته آئون تو کي گهڻو سڃاڻان،توکي وائکو ڪري ڇڏيندس،هن جيڪو الزام لڳايو ان جو نه منهن هو نه پير هو، جنهن بعد آغا رفيع الله ۽ ٻيا ميمبر وچ ۾ پئجي ويا،مون گار ڏني آهي ته ثبوت ڏنا وڃن، هن چيو ته زرتاج گل جو روئڻ ايڪٽنگ هو، ان معاملي تي ڀلي جڊيشل ڪميشن بڻائي وڃي، هن چيو ته عمران خان ايترو به ويچارو ناهي جيترو ميڊيا ان کي بڻايو آهي،عمران دور ۾ هائوسنگ جو وزير هئڻ باوجود نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي منهنجي ماتحت نه هئي، هڪ اجلاس ۾ ملڪ رياض،جنرل فيض،عمران خان جو دوست انيل مسرت ۾ موجود هئا،اقتصادي ڪوريڊور ۾ ملڪ رياض هڪ پلاٽ جي قيمت 5 ارب رکڻ جي تجويز ڏني،جنهن تي مون اختلاف ڪيو،مون چيو ته غريبن لاءِ 50 لک گهر ڪيڏانهن ويا، ٻئي ڏينهن عمران خان مون کي گهرائي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مان نه مڃيس،جنهن بعد مان آرمي چيف جنرل باجوا سان ملاقات ڪئي،مون کيس چيو ته مون کي بچايو، هن مون کي خاطري ڪرائي،نيا پاڪستان اٿارٽي جو چيئرمين رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل انور علي حيدر کي بڻايو ويو هن جي ماتحتي ۾ حاضر سروس فوجي آفيسر مقرر ڪيا ويا،هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن عمران خان کي ڪم ڪرڻ نه پئي ڏنو ته هو انهن جي ڪلهن تي سوار ٿي ڇو آيو هو؟اسٽيبلشمينٽ جي حمايت کان بغير عمران خان حڪومت نه پئي ٺاهي سگهيو،قومي اسيمبلي اجلاس جو ڪورم پورم ڪرڻ لاءِ جنرل فيض حميد کان مدد ورتي ويندي هئي، هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ پارليامينٽ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو آفيسر مقرر ڪيل هو،هو رڳو اهو ڏسندو هو ته ڪهڙو ميمبر پنهنجي اوقات کان ٻاهر وڃي رهيو آهي،اسيمبلي ۾ ”ڪرنل“ جي سوال تي طارق بشير چيما چيو ته منهنجا هڏا ايترا به مضبوط ناهن، نالو نه کڻايو مون کان،هن چيو ته موجوده حڪومت به اسٽيبلشمينٽ جي حمايت سان ٺهي هوندي،چوڌري پرويز الاهي ۽ چوڌري شجاعت وچ ۾ اختلافن ۾ منهنجو ڪردار ناهي،ٻنهي ۾ ٺاهه ان ڪري نه پيو ٿئي ته سندن اولادن ۾ جهيڙو آهي،جنرل باجوا مون سان سدائين شفقت سان پيش آيو،مون کي خبر ناهي ته عمران خان جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائڻ پئي چاهيو،هن چيو ته عمران خان چوندو هو ته مونس الاهي کي وزارت نه ڏيندس،ٻي وزارت لاءِ اسان جا عمران خان سان روز جهيڙا ٿيندا هئا،آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل فيض مونس الاهي کي فون ڪري چيو ته اڄ کانپوءِ تون وزارت نه گهرندين،عمران خان تنهنجي شڪل ڏسڻ به پسند نٿو ڪري،جنرل فيض هڪ ڀيري چوڌري شجاعت کي چيو ته طارق بشير چيما کي وزارت تان جبري موڪل تي موڪليو،بي اعتمادي رٿ دوران مون کي ڪنهن نه چيو ته عمران خان کي ووٽ ناهي ڏيڻو،مان ذاتي طور تي سياست ۾ فوج جي مداخلت جي خلاف آهيان،هن چيو ته رجيم چينج ۾ عمران خان جو ئي ڏوهه هو،جنرل ظهيرالاسلام ،جنرل شجاع پاشا عمران خان کي ٿاڦيو،ٻين جنرلن جا نالا ڊپ سبب نه کڻندس، ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ پنجاب حڪومت جو ڪردار آهي.
نوٽ: منصور علي خان جو هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 20 مئي 2024ع تي شايع ٿيو
#Establishment #ImranKhan #PTI