تيل جي اگهه ۾ لاٿ: عوام کي رليف ملڻ گهرجي

تحرير: محمد اسماعيل لانگاھ 

پي ڊي ايم سرڪار طرفان عوام مٿان ڪيرايل مهانگائي جا پهاڙ نگران سرڪار جي ڪرم نوازين سان گهٽجڻَ شروع ٿي رهيا آهن، عوام جي ووٽن سان چونڊيل حڪمران سياسي جماعتن پ.پ، ن ليگ، جي يو آءِ گڏجي جيڪو غريب  عوام سان نسورو ناحق ڪيو انهن ٽنهي جمهوري ۽ سياسي جماعتن جي ڪارن ڪرتوتن ۽ عملن صاف ڪرڻ جو شرف نگران سرڪار  حاصل ڪندي ٻيو ڀيرو تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي جنهن کانپوءِ  مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندڙ  عوام ۾َ هڪ نئين اميد جاڳي رهي آهي ۽ نگران سرڪار ۾ اهو آسرو ۽ اميد اٿن ته پي ڊي ايم سرڪار پاران جيڪو مفادن خاطر ملڪي ناڻو لٽيو، ان خال کي ڀرڻَ لاءِ  نگران سرڪار رسڪ پنهنجي سر تي کڻي غريب عوام جون دعائون کٽڻ وڃي رهي آهي.

موجوده نگران حڪومت اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ  تيل جي قيمتن ۾ جيڪا واڌ ڪئي ان کانپوءِ  حد کان وڌيڪ کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ڪيو ويون سرڪاري ريٽ بجاءِ منافعي خورن پنهنجا هٿرادو اگھه لڳائي ڇڏيا آهن جيڪي هن وقت تائين پنهنجي مرضي مطابق شيون غريبن کي وڪرو ڪن پيا ملڪ جي وڏن شهرن کان ويندي ٻھراڙين تائين هٿرادو پيدا ڪيل مهانگائي سبب اهم  شيون جنهن ۾ اٽو سئو اسي رپيا، گيهھ ساڍا چار سئو رپيا، چانور پوڻا ٻه سئو رپيا، کنڊ ٻه سئو ويهھ رپيا وڪرو ڪيا ويا جيڪي هن وقت ساڳئي اگهھ تي دڪاندار غريبن کي وڪرو ڪن پيا،

منافعي خورن جي هن ظلم مان اندازو لڳائجي ٿو ته تيل جي قيمتن جي گهٽ وڌاءُ سان هنن جو ڪوبه واسطو ناهي بس انهن کي صرف لٽڻ ۽ ڦرڻ جو طريقو اختيار ڪرڻو آهي هي غريب عوام سان ظلم انڪري ٿي رهيو آهي جو اسان قانون، عدالتن ۽ حڪمرانن کان منافعي خور زور آهن انهن کي اها سڄي پڪ آهي ته هن ملڪ ۾ ڪُجهھ ڪنهن کي ڪجهه نه ٿيندو نگران وزير اعظم خود اعتراف ڪيو آهي ڊالر جي ڀيٽ ۾َ رپئي جو قدر وڌيو.آهي جيڪو ڊالر چار سئو جي ويجهو پهتو هو اهو ٽي سئو کان پوئتي اچي ويو آهي ۽ ٿيندو ايئن آهي ته جڏھن ڊالر جي ملهھ ۾ رپئي جو قدر گهٽجي ٿو يا تيل جون قيمتون وڌن ٿيون ته ڪلاڪ جي اندر گورنمينٽ جي ان علان تي منافعي خور دڪاندار پئٽرول پمپ مالڪ عمل ڪن ٿا جڏھن تيل جي قيمت گهٽجي ٿي ته نه مهانگائي گهٽ ٿئي ٿي نه وري پئٽرول پمپ مالڪ ٽرانسپورٽرن کي حڪومت طرفان جاري نئين اگهن تي تيل فراهم ڪن ٿا مطلب اهو ٿو نڪري ته ملڪ اندر قانون آهي ته صرف غريب عوام لاءِ  آهي جنهن کي حڪمران به نپوڙين ته منافعي خور به تيل جي قيمت گهٽ وڌ ٿيڻَ سان انهن جو موقف اهو ئي هوندو آھي ته اسان جو مال اسٽاڪ ٿيل آهي جيڪڏھن اسٽاڪ ٿيل مال پئٽرول يا کاڌ خوراڪ جون شيون.جنهن ۾ اٽو کنڊ، چانور، گيهه، چانھه ۽ مطلب ٻيون.شييون تيل وڌڻ سان ڪلاڪ اندر وڌايون وڃن ٿيون ته پوءِ  جيڪڏھن سستيون ٿين ٿيون ته انهن جي سستي ٿيڻ جو عوام کي هتا انتظار ڇو ٿو ڪرايو وڃي؟ عوام سان ٿيندڙ هي مذاق ۽ لاقانونيت کي غريب عوام مٿان ڇو مڙھيو ويو آهي؟

اسانجي ملڪ جو قانون ائين کڻي سمجهجي ته طاقتور ڌُرين جي هٿ ۾َ اچي چُڪو آهي هي انصاف ڪورٽون عدالتون قانون غريبن لاءِ  ته تڪڙا فيصلا ڏين ٿيون پر انهن طاقتور ماڻھن لاءِ  ڪوبه قانون ۽ ڪورٽ ناهي هن وقت تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کان پوءِ  حڪومت کي اها خبر هئي پئٽرول پمپ مالڪن ۾ وٽ جيڪو تيل زخيرو ٿيل هوندو هو اهو.تيل نقصان ۾ هرگز نه ڏيندا ٿيو به ايئن ئي تيل جي قيمت ۾ گهٽتائي کانپوءِ  ڪيترائي پمپ بند ڪيا ويا پئٽرول پمپ مالڪن جي هڪ ھٽي جو آزار واري به غريب ماڻُهن ڀوڳيو پر حڪومت ان معاملي  تي ڪو به ائڪشن نه ورتو

اسانجي ملڪ ۾ اهو هر عام  توڙي خاص ماڻھون جي ذهن ۾ ڳالهھ ويٺل آهي ته مهانگائي صرف تيل وڌڻَ سان ٿئي جيڪڏھن تيل جون قيمتون گهٽجن ٿيون ته کاڌي پيتي جون شيون ساڳين اگهن تي برقرار هجن ٿيون مطلب سمجهي وڃڻ گهرجي ته تيل جي قيمتن گهٽ وڌ ٿيڻ سان شين جي گهٽ وڌڻ ٿيڻَ جو ڪوبه تعلق ناهي هتي مهانگائي هٿرادو پيدا ٿيل آهي ڪوبه دڪاندار مارڪيٽ ڪاميٽين جي لسٽن کي کنگهي ئي ڪونه ضلعي يا تعلقي سطح تائين مقرر ڪيل آفيسرن طرفان مارڪيٽ ڪاميٽين طرفان جاري ڪيل لسٽن مطابق شين جي خريد يافروخت نه پابند بڻائن ٿا نه وري انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ  ڪو وزٽ ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب سڄي سنڌ ۾ هٿرادو مهانگائي جون وڏيون عوامي شڪايتون اچي رهيون آهن جيڪڏھن هن موقعي مان به غريب عوام کي ڪو فائدو نه ڏنو ويو ته پوءِ  آخر ڪڏھن ڏنو ويندو جيڪڏهن  مهانگائي جو وڌڻ تيل جي قيمتن سان سلهاڙيل آهي ته پوءِ  حڪومت جي اها ذميواري آهي ته هاڻي فوري طور ڪهڙي به طريقي منافعي خورن پاران غريب عوام مٿان پيل هي مهانگائي جو بار ڪرڻ گهرجي ڇو ته غريب خاندانن جا مهانگائي سبب گذريل ٽن سالن کان وسامجي ويل چلها آهن هاڻي فوري طور سڄي ملڪ اندر خاص طور سنڌ ۾ ڊي سيز، اي سيز ۽ مارڪيٽ ڪاميٽين جي انتظاميه کي منافعي خورن خلاف تحرڪ وٺڻ جون هدايتون جاري ڪري غريبن مٿان پيل مهانگائي جو بار گهٽائي انهن کي پريشانين مان ڪڍي کين جيئڻ جو حق ڏنو وڃي

جيڪڏهن  مهانگائي جو وڌڻ تيل جي قيمتن سان سلهاڙيل آهي ته پوءِ  حڪومت جي اها ذميواري آهي ته هاڻي فوري طور ڪهڙي به طريقي منافعي خورن پاران غريب عوام مٿان پيل هي مهانگائي جو بار ڪرڻ گهرجي ڇو ته غريب خاندانن جا مهانگائي سبب گذريل ٽن سالن کان وسامجي ويل چلها آهن هاڻي فوري طور سڄي ملڪ اندر خاص طور سنڌ ۾ ڊي سيز، اي سيز ۽ مارڪيٽ ڪاميٽين جي انتظاميه کي منافعي خورن خلاف تحرڪ وٺڻ جون هدايتون جاري ڪري غريبن مٿان پيل مهانگائي جو بار گهٽائي انهن کي پريشانين مان ڪڍي کين جيئڻ جو حق ڏنو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.