تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو سهرو ڪنهن ڏي وڃي ٿو؟

تحرير: سڪندر چنو

پاڪستان هڪ بهترين زرعي ملڪ آهي. پر اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته پاڪستان ۾ زراعت سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي؟. ملڪ جي بدقسمتي اها آهي جو جيڪا به سياسي پارٽي اقتدار ۾ ايندي آهي اها هر قسم جي ڪابينا ٺاهيندي آهي. ڪراچي کان وٺي خيبر تائين جنهن کي به ڪرپشن ڪرڻ لاءِ ڇڙواڳي ۽ نوازڻو هوندو آهي ان مٿان پارٽيون آشيرواڌ جو هٿ رکنديون آهن. پوءِ ان جي مرضي هوندي آهي ته باغ مان ميوا ڪچا پٽي يا پڪا. پارٽي سربراهه جي دربار ۾ ريوڙين جيان وزارتون ورهايون وينديون آهن. پوءِ ٿيندو ائين آهي ته جيڪو صاحب معيشت جو ماهر هوندو آهي ان کي ٻيلي کاتي جو قلمدان ملندو آهي. ۽ جيڪو ٻيلي کاتي جو ماهر هوندو آهي ان کي ماحوليات جو قلمدان ڏنو ويندو آهي. ۽ پوءِ عوام آڏو مختلف طلسماتي افسانا پيش ڪيا ويندا آهن ته فلاڻو خان فلاڻي وزارت ۾ وڏي مهارت رکندڙ آهي. بس ان کان سواءِ فلاڻي وزارت هلندي ئي ڪونه.

جڏهن ته ان جو ڪجهه ٻيو مقصد هوندو آهي ته فلاڻو خان ڪرپشن جو وڏو ماهر ۽ گرناڙي آهي ان کان سواءِ ادارن کي ڪوبه برباد ۽ تباهه ڪري ڪونه سگهندو. ان کان علاوه مخالف سياستدانن جي ڪردار ڪشي ڪرڻ لاءِ وڏي آواز وارو لشڪر پاليو ويندو آهي. ته جيئن پنهنجي خلاصي آواز سان ڪردار ڪشي ڪندي عوام کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري سگهي.

ڪنهن به چينل تي زراعت جي اهميت کي وڌائڻ لاءِ ڪوبه پروگرام نٿو ڪيو وڃي. پاڪستان زرعي ملڪ ته آهي پوءِ به ڪڻڪ روس ۽ يوڪرين کان گهرائي وقت پاس ڪيون ٿا. پاڪستان زرعي ملڪ هوندي به خوراڪ ۾ پاڻ ڀرو نه ٿي سگهيو آهي. فصل تيار ٿيندي ئي واپاري ۽ زميندار هارين کان اناج کڻي وڃن ٿا ۽ جڏهن هارين وٽان اناج نڪري وڃي ٿو ته پوءِ انهن کي ئي مهانگي اگهه تي ڏنو وڃي ٿو. هارين کي سرڪاري اگهه تي ڀاڻ يعني ڪلر نه ٿو ڏنو وڃي. ان لاءِ حڪومت مختلف ڪوڙا بهانا ڪندي رهندي آهي. اسان جي حڪمرانن هميشه زراعت، صحت ۽ تعليم لاءِ ناڪاره پاليسيون جوڙيون آهن. عوام کي مختلف مهانگائي جي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي. امير وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي ۽ غريب ته غريب ٿيندو پيو وڃي.

گذريل سال جي طوفاني بارشن عوام جي هر شيءِ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو هيو. هاڻي جڏهن سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ چانورن جو فصل تيار ٿي ويو آهي ته غريب هارين کان اناج هٿن مان کسڻ لاءِ سارين جي قيمتن کي ڪيرايو ويو آهي. آخرڪار هاري غريب ڪاڏي وڃي؟ ڀاڻ مهانگو، سارين جو ٻج جون قيمتون ڳاٽي ٽوڙ، ٽريڪٽر جو هر مهانگو. قيمتن جي لاٿ سبب هاري پيٽ گذران ڪرڻ بدران قرضن ۾ وڪوڙجي ويو آهي.

بنيادي طور پاڪستان هڪ غريب ناهي پر ان کي حڪمرانن غريب ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي. زراعت اسان وٽ، تيل اسان وٽ، گئس اسان وٽ، ٿر جو ڪوئلو اسان وٽ، سبزيون اسان وٽ، ڪاپر اسان وٽ، سون اسان وٽ، لوهه جا ذخيرا اسان وٽ. ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي 2250 ڪيلريز حاصل ڪرڻ لاءِ ڏوڪڙ ناهي. ان لاءِ 3.65 ڊالر في ڪس آمدني، جو هجڻ تمام ضروري آهي. يعني روزانه ماڻهو 900 رپيا پاڻ تي خرچ نه ٿو ڪري سگهي. 1990ع ۾ پاڪستان ۾ غربت تمام گهٽ هئي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هاڻي به اڪثر ترقي پذير ملڪن جي غربت جي في ڪس آمدني سوا ڊالر آهي. پاڪستان ۾ مهنگائي جي شرح 50 سيڪڙو آهي. اسان وٽ روزانه اڪثر ڪري مزدور طبقو جيڪو اڪثريت ۾ آهي 800 کان 1000 روپيه ڪمائي ٿو پر ان جو خرچ گهر هلائڻ لاءِ 1500 روپيه هجي ٿو.

1990 ۾ عام ماڻهو به خوش زندگي گذاري پيو 2009 کان پوءِ پاڪستان جي معيشت جي ٻيڙيءَ ٻڏڻ شروع ڪيو ۽ ائين پي ڊي ايم جي نام نهاد حڪومت ۾ اها ٻيڙي ٻڏندي ٻڏندي وڃي سمنڊ جو ترو ورتو. انهيءَ ٻيڙي کي پاڻي کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ آرمي چيف جنرل حافظ عاصم منير وڏيون ڪوششون ورتيون نيٺ پنهنجي مدد پاڻ تحت ان ٻڏل ٻيڙي کي تاري ٻاهر ڪپر تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. شهباز شريف يعني پي ڊي ايم جي نام نهاد حڪومت جنهن ۾ پي پي اول دستي وارو ڪردار ادا ڪيو. ملڪ جي عوام کي مهانگائي جي جبل هيٺيان ڏيندي چيڀاٽي ڇڏيو. ۽ عوام روزانه خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيو. حڪمرانن ملڪ جي عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي. جيترو عذاب عوام پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ ڀوڳيو ان جو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي. پي ڊي ايم حڪومت جي وڃڻ کان پوءِ عوام ڪجهه نه ڪجهه سک جو ساهه کنيو آهي.

هن وقت آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ڪوششن سان ملڪ جي خزاني ۾ نيٽ ڪيش 14 ارب ڊالرن کان به وڌي ويئي آهي پي ڊي ايم جي وڃڻ وقت قومي خزاني ۾ نيٽ ڪيش 4 ارب ڊالر هئي. آرمي چيف جي بهتر پاليسن سبب ملڪ جي مافياز جنهن ۾ کنڊ، ڊالر، آٽو، گيهه، ڪڻڪ شامل آهن خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي نه رڳو ڊالر روزانو ڪرندو رهي ٿو پر تيل جي قيمتن ۾ به وڏي لاٿ آئي آهي. جنهن سان عام شين ۾ به لاٿ اچڻ گهرجي. آرمي چيف غير معاشي سرگرمين خلاف جيڪا وٺ پڪڙ شروع ڪئي آهي ان سان پاڪستان جي معيشت ۾ وڏي بهتري اچي رهي آهي. بهرحال عوام کي ملندڙ رليف جو سمورو ڪريڊٽ آرمي چيف ڏانهن وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.