مون 1981 ۾ انٽرنيشنل رليشنس ۾ ماسٽرس ڪئي ان حساب سان سياسي دنيا ۾ گهري دلچسپي رکڻ لازم هئي. ان وقت واري دنيا اڄ واري دنيا کان ڪيترن لحاظن کان مختلف آهي. ٻي جنگ عظيم کان پوءِ واري ماحول ۾ دنيا جو هر انسان ”بين الاقوامي سياسي“ انسان هو، اڄ ان جي بلڪل ابتڙ آهي. خاص طور سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ دنيا جا مهانڊا ئي بدلجي ويا آهن يا ايئن چئجي ته دنيا جا مهانڊا بدلايا ويا آهن.
جنهن دور جا اسين اکين ڏٺا گواهه آهيون ان ۾ فلسطين مسئلو سڀ کان نمايان هو. جتي ويهبو فلسطين مسئلي تي ڳالهائبو يا ان تي هلندڙ ڳالهه ٻولهه ٻڌبي هئي. هر ماڻهو پاڻ کي سياسي سوچ سان وابسته رکندو هو/رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سوويت يونين جيڪو دنيا ۾ طاقت جي توازن کي برقرار رکيو ويٺو هو تنهن کان پوءِ دنيا جو هر ماڻهو غير سياسي ٿي ويو يا ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهيو. سوويت يونين کان پوءِ دنيا جو گولو ”پنهل پڄاڻان واري ڀنڀور“ وارو ڏيک ڏيڻ لڳو. اهو ڪيئن ٿيو اهو به ڏاڍو دلچسپ قصو آهي.
سرمائيدار دنيا پنهنجي حريف کي ختم ڪرڻ کان پوءِ سڄو ڌيان ان پاسي ڏنو ته دنيا جي سڀني علمن کي سرمائيدار سوچ هيٺ آندو وڃي، يونيورسٽين ۾ اهڙا علم وڌيڪ پڙهايا وڃن جيڪي سڌا يا اڻ سڌا سرمائيداريءَ کي هٿي ڏيندڙ هجن ان سان گڏوگڏ اهڙن علمن لاءِ سرڪاري/غير سرڪاري ادارن ۾ نوڪرين جا ايترا بندوبست ڪيا ويا جو هر شاگرد جي زبان تي بس اهڙن علمن جو نالو اچي ويو. تاريخ، جاگرافي، نفسيات، سياست، ٻولين سان لاڳاپيل علم سڀ پوئتي ڪيا ويا سمورن علمن پڙهائڻ جو مطلب رڳو اهو ئي هو ته جيئن دنيا مان ”ٻيو“ آپشن ختم ڪري سگهجي. هن سوچ کي هٿي وٺرائڻ ۽ عملي روپ ڏيڻ ۾ سرمائيدار دنيا ڪامياب ويئي. دنيا مان ٻيو آپشن ختم ٿيڻ کان پوءِ چين جهڙا ملڪ (جنهن جي باني چيئرمين مائو چيو هو ته دشمن جي ڪُلهيءَ تي وڙهڻ جو مطلب آهي اوهان جو هارائجي وڃڻ) به سرمائيداريءَ واري ”پِچِ“ تي کيڏڻ تي مجبور ٿيا.
نتيجي طور سرمائيدار دنيا جو اڳواڻ آمريڪا دنيا کي اهو باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو ته چين به ان سان ”سرمائيداريءَ واري ڊوڙ“ ۾ شامل آهي. سولن لفظن ۾ اهو ته ”سرمائيدار آمريڪا“ بمقابلا ”سرمائيدار چين“. هن نتيجي دنيا جي هر ماڻهوء کي سرمائيدار يا ان جو مدمقابل ٿي سوچڻ سيکاريو جنهن جي آخري نتيجي طور هر ماڻهو محدود سوچ سبب ”غير سياسي/غير بين الاقوامي سياسي“ ٿي پيو. اهو ئي سبب آهي ته اسرائيل جو اهو عمل جنهن جو مطلب آهي ته دنيا مان فلسطينين جو خاتمو ٻڌي/ڏسي به سموري دنيا خوفناڪ خاموشيءَ ۾ آهي. پاڻ کي مذهب جا ٺيڪيدار سڏائيندڙ ته سڪتي ۾ اچي ويا آهن. ڪيترائي دانشور وري قرآن جا مثال ڏيئي سمجهائين پيا ته بني اسرائيل جو پنهنجو ملڪ آهي ان ڪري هو جيڪو ڪجهه ڪن پيا سڀ جائز آهي.
ان سيڙپڪاريءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ”مسئله فلسطين“ هاڻي ”مسئلا اسرائيل“ آهي يعني ”ويچارا فلسطيني“ نه ”ويچارا اسرائيلي“. اڄ دنيا جا چڱا ڀلا ويچارا اسرائيلي پيا چون جيڪو هن ريت صحيح آهي ته فلسطين جو ٻارڙو مارڻ گناهه آهي ته اسرائيل جو ٻارڙو مارڻ به ايترو ئي گناهه آهي. دنيا جي گولي تي سڀني جو هڪ جيترو حق آهي. اسرائيل زنده باد تڏهن ٿيندو جڏهن فلسطين زنده باد هوندو.
فلسطين مسئلي جو وسارجي وڃڻ هنن جي وڏي ڪاميابي هئي. ايتري قدر جو دنيا جي هر ملڪ جي هر ماڻهوء َکان وٺي ياسر عرفات تائين اهو پيو سوچيندو هو ته فلسطين جي رياست جي قيام کان پوءِ اسرائيل کي به تسليم ڪرڻ گهرجي ان بجاءِ ”فلسطين نه هجي به اسرائيل کي تسليم ڪرڻ گهرجي“ سڀني جي ذهنن ۾ ڪاميابيءَ سان وڌو ويو. سعودي عرب جيڪو ان قدم کڻڻ جي ويجهو هو ان کان پوءِ دنيا جو ڪوبه ذڪر جوڳو ملڪ پوئتي نه رهي ها. سعوديءَ جي سلمان کي ترقي پسند سمجهو ويندو آهي ان سان مون سميت دنيا جا کليل ذهن رکندڙ پيار ڪندڙ به آهن ان کي مثال بڻائي اسرائيل کي تسليم ڪيو وڃي ها.
”جنهن جي گُنديءَ ۾ داڻا تنهن جا چريا به سياڻا“ جي مصداق هن وقت اسرائيل جي گُنديءَ ۾ داڻا آهن آمريڪا به ان جي ڀر آهي ته سرمائيدار دنيا جا سڀ سربراه به. پر ان جو مطلب اهو بلڪل به ڪونهي ته اسرائيلي سڪون جي زندگي گذاريندا. دنيا وري سٺ واري ڏهاڪي ۾ پهچي سگهي ٿي يعني جڏهن اسرائيلي پنهنجي ملڪ ۾ به ڊڄندي گهمندا هئا وري به ايئن ٿي سگهي ٿو جو گهر ۾ به هو پاڻ کي محفوظ نه سمجهن. هيءَ دنيا وري ڪنهن وڏي جنگ جي اوڙاهه ۾ به اڇلائي سگهجي ٿي ۽ ”کاءُ وتايا کاءُ“ وارو ماحول تيار ڪري سگهجي ٿو جيئن ٻي جنگ عظيم ۾ ڪيو ويو. هاڻي ان ۾ ڪو شڪ ڪونه رهيو آهي ته سموري دنيا جنهن جنگ ۾ لٽجي ڪنگال ٿي، ان جنگ مان آمريڪا وڏو سيٺ ٿيو.
ان سيڙپڪاريءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ”مسئله فلسطين“ هاڻي ”مسئلا اسرائيل“ آهي يعني ”ويچارا فلسطيني“ نه ”ويچارا اسرائيلي“. اڄ دنيا جا چڱا ڀلا ويچارا اسرائيلي پيا چون جيڪو هن ريت صحيح آهي ته فلسطين جو ٻارڙو مارڻ گناهه آهي ته اسرائيل جو ٻارڙو مارڻ به ايترو ئي گناهه آهي. دنيا جي گولي تي سڀني جو هڪ جيترو حق آهي. اسرائيل زنده باد تڏهن ٿيندو جڏهن فلسطين زنده باد هوندو.