استاد بخاريءَ جي شاعري ۾ سماجي تبديليءَ جو فڪر

تحرير: ڊاڪٽر اظهر علي شاهه

ادب کي ماضي، حال ۽ مستقبل جي سماج جو آئينو چيو ويندو آهي. اديب، شاعر، ليکڪ ۽ دانشور پنهجي وطن سان گڏ سموري سنسار جي ماضي ۽ حال جي بهتر سماجي قدرن جي واکاڻ پڻ ڪندا آهن ته ماضي ۽ حال جي سماجي ڪمزورين ۽ اوڻاين جي نشاندهي ڪري مستقبل جي نئين سماج لاءِ فڪري رهبري پڻ ڪندا آهن. استاد بخاريءَ جي شاعري ۾ پڻ هڪ طرف سنڌي معاشري جي شاندار تھذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي اپٽار ملي ٿي ته ٻئي طرف موجودہ معاشري جي ڪمزورين جي نشاندهي ۽ انهن ڪمزورين جي خاتمي لاءِ فڪري رهنمائي پڻ ملي ٿي. موجوده سنڌ جي سماجي ڪمزورين جي عڪاسي ڪندي استاد بخاري چوي ٿو ته:

سنڌ جي سورن جو ڪونهي آند پاند

گھر ڊٺل، وهڪيل ڍڳي، ڪمزور ڏاند

پوءِ به شهپر کي وٽيندي ٿو چوي

سوٽَ سان ڪرڻو اٿم جلدي پلاند!

هڪ ٻئي سان ساڙ، حسد، نفرت ۽ ويڙهه جهڙن شيطاني عملن ۾ گهيريل فرد ڪهڙو اعلي سماجي قدرن وارو معاشرو جوڙيندا؟ اهڙن انسان نما ابليسن کي نه ڪنهن انسان جي نقصان جي پرواهه نه ڪنھن پکي پکڻ جو خيال ۽ نه ئي وري ڪنهنجي انساني رضامندي جو خيال. اهڙن حيوان صفت ڪردارن جي نشاندهي ڪندي استاد بخاري چوي ٿو ته:

ڪٿي ڪنهن جي ٻيڙي ٻڏي وئي ته ڇاهي؟

جي لوڙهي تان جھرڪي اُڏي وئي ته ڇاهي؟

سڄو ڳوٺ دهلن دمامن تي جھومي

جي گھر مان ڪا گونگي گُڏي وئي ته ڇاهي؟

جانورن جيان صرف پنهجي موج ۽ مستيءَ ۾ مگن رهندڙ اهڙن ڪردارن کي ڪهڙي خبر ته انساني رشتا ناتا ڇا ٿيندا آھن؟ رشتن جا فيصلا گونگن جانورن جيان ڪرڻ ڪهڙي انسانيت آهي؟ نه نياڻين کي پڙهائين، نه انهن کي پڙهڻ ڏين، نه انهن کان رشتن جي باري ۾ پڇن ۽ نه انهن سان ڪا صلاح مشورو ڪن پر انهن سان اهڙو ورتاء ڪن ڄڻ اهي جانورن جيان گونگيون هجن. اهڙين سماجي ڪمزورين جي نشاندهي ڪندي استاد بخاري انهن بظاهر پڙهيل لکيل ڪردارن کي پڻ آئينو ڏيکاري ٿو جيڪي اهو سڀ ڪجهه ڏسندي خاموش رهن ٿا ڇاڪاڻ ته سندن خصيص ذاتي مفاد کين خاموش رهڻ تي مجبور ڪن ٿا. استاد بخاري چوي ٿو ته اهڙن خاموش ڪردارن جي اکين ۾ پُتلين بجاءِ ڄڻ پٿريون آهن جن سان هو سماجي ظلم ۽ استحسال ڏسي ئي نٿا سگهن ۽ ٻه لڙڪ به ڳاڙي نٿا سگهن. اهڙن خاموش ڪردارن جي بت ۾ رت جي بدلي ڄڻ ريتي ڀريل هجي جو ماڻهن جي لڇڻ تي سندن دل ڇرڪي ئي نٿي. اهي اهڙا ته ڪٺور دل ڪردار آهن جن ڪربلا جهڙا ڪيس به ڏٺا پر وري به خاموش ئي رهيا.

تنهنجي اک ۾ پُتلي ناهي، پٿري آهي

سنڌ سڙي پئي تنهنجي اک روئي به نه ٿي

تنهنجي بُت ۾ رتُ جي بدلي ريتي آهي

خلق لڇي پئي تنهنجي دل ڇرڪي به نه ٿي

جيڪي خاموش تماشبين ڪردار بڻجن ٿا انهن جا پنهجا شيطاني مقصد هوندا آهن. شيطان کين حرص ۽ لالچ ۾ ايترو ته انڌو ڪندو آهي جو هڪ پاسي ماڻهون پيا بک مرندا آهن پر ٻئي طرف اهي شيطان صفت ڪردار پيا ڀانڊا ڀريندا آهن. سندن حرص ۽ لالچ جيڪري سنڌ جي ٿر کان وٺي اٿوپيا جي مسڪين ماروئڙن تائين سموري سنسار ۾ انسان پنھجي ئي وطن ۾ غلامن ۽ نڌڻڪن جيان زندگي گهاري رهيا آهن پر هنن کي ڪو ڪڪر ئي نٿو پوي.

لکين ٽن ڀَرِي ڪڻڪ ڀانڊن ۾ پئي آ

ٿري لک بکارا، نڌڻڪا نه آهن؟

گذارن غلامن جان پنهنجي وطن ۾

هي سنڌي سگھارا، نڌڻڪا نه آهن؟

اٿوپيا ۾ انسان لولي لئي ڦتڪي

هي گگدامَ ڪارا نڌڻڪا نه آهن؟

استاد بخاري اهڙين سماجي ڪمزورين ۽ اوڻاين جي نشاندهي ڪندي عوامي عشق، جدوجهد، جستجو، قربانيءَ، سورهيائيءَ جا نوان تصور ڏئي ٿو.  انهن نون تصورن ذريعي عوامي سوچ، احساس ۽ عمل جي مٽي نئين سر ڳوهي کين جهالت ۽ خودفريبين جي ڌٻڻ مان ڪڍي، پنهنجي ۽ سماج جي قسمت بدلائيندڙ عوام ۾ تبديل ڪري ٿو ۽ پوء ھو انقلابي بڻجي چون ٿا ته:

سڄو وقت آهيون اسان انقلابي

رُتن کي ڳتن کان وٺي ٿا گھمايون

خزائن کي لوڌي، لُڪن کي تڙائي

بهاريون گھرايون، کٿوريون ورهايون

استاد بخاري هڪ اهڙي عوامي انقلاب جي ڳالهه ڪري ٿو جنهن کي خزائن ۽ لُڪن جي جاءِ تي بهارن جي موسمن سان گڏ کٿورين جي خوشبوئن ورهائڻ جي طاقت ۽ سگهه حاصل آهي. جهڙي طرح سائنسي ايجادن ذريعي انسان موسمن جي اثرن تي پنهنجو ظابطو رکي ٿو ساڳي طرح عوامي انقلاب جي فڪري طاقت وسيلي انساني سماج ۾ ٻهارن ۽ خوشبوئن جي ورکا جي طاقت آڻي سگھجي ٿي ۽ ان طاقت سان سماجي ڪمزورين ۽ اوڻاين کي ختم ڪري انهن جي جاءِ تي بهتر سماجي قدر اپنائي سگھجن ٿا. اهڙن بهتر سماجي قدرن لاءِ گھربل نون فڪرن جي استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ اپٽار ملي ٿي.

بانس ڪري ٿو بيٺل پاڻي، دنيا آ دريا

ڇوليون ڏيندا، ايندا رهندا، فڪر نوان تازا

استاد بخاري اڄ جي ڳالهه ۽ اڄ جي فڪر تي زور ڏئي ٿو. ماضيءَ ۾ ڇا ٿيو جيڪڏهن صرف ان جو ورجاءِ پيو ڪبو ته اهو پڻ عذاب بڻجي ويندو تنهڪري استاد بخاري چوي ٿو ته ماضيء جي ڳالهه کي هر هر نه دهرائجي پر اڄوڪي نئين ۽ نرالي فڪر کي اپنائي بهتر سماج جوڙجي. اڄ جيڪو نئون سماج جڙي ٿو تنهنکي پڻ سڀاڻي نئين فڪر مطابق بدلجڻو آهي تنهڪري اسٽيٽسڪو کي ٽوڙي روشن خيال ۽ ترقي پسند معيارن تي نئون سماج جوڙجي.

ڪلهوڪي ڳالهه کي هر هر نه دهرايو

اڄوڪي سوچ جو نُڪتو نرالو آ

جو ڪالهه هيو سو اڄ ناهي، جو اڄ آ سو نه سُڀان هوندو

ڪلهه دور ٻيو اڄ دور ٻيو، هر دور مٿان نئون دور ڪبو

روشن خيال ۽ ترقي پسند معيارن تحت نئين سماج جوڙڻ لاءِ فڪري رهنمائي ڪندي استاد بخاري چوي ٿو ته اهڙي سماج جوڙڻ لاءِ محنت گهرجي. آبادگاري، مزدوري، هنر ۽ ڌنڌي سميت پڙهائيء ۾ پڻ محنت گهرجي. رات هجي يا ڏينهن هجي، جھنگ هجي يا شهر هجي، تتي هجي يا ٿڌي هجي پر هر حال ۾ ۽ هروقت محنت ۽ محبت سان پنهجي ڪرت ۾ مشغول رهبو تڏهن ئي پنهجي ڌرتيء تي قدم ڄمائي سگهبا ۽ انهن قدمن جي سگهه سان نئون سماج جوڙي سگھبو.

پوک، مزدوري، هنر، ڌنڌو پڙهو!

رات توڙي ڏينهن مڙسيءَ سان ڪمايو، دوستو!

جھنگ ۾ پکڙي وڃو ۽ شهر کي چهٽي وڃو

پنهنجي ڌرتيءَ تي قدم پنهنجا ڄمايو دوستو.

محنت ۽ محبت سان گڏ نئين سماج لاءِ تعليم، تربيت ۽ تبليغ جي پڻ ضرورت آهي. ماڻهن سان ڳنڍجڻ ۽ رابطا ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي. سماجي آگاهي واري تحريڪ ذريعي سماجي طاقت حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ ان سماجي طاقت سان نئين فڪر کي پنهنجائي نئون سماج جوڙي سگهجي ٿو.

پڙهيل ماڻهو ڀليل ماڻهوءَ کي سمجھائي

پڙهائيءَ جي ائين تحريڪ ٿي ويندي

برابر سنڌ سورن ۾ ٿي چيچلائي

دوا ٿيندي ته رڳ رڳ ٺيڪ ٿي ويندي

جڏهن نئون سماج جڙندو ته ان نئين سماج ۾ سنڌ جا ڳوٺ پڻ سڌري پوندا ۽ جھنگ جهر ۾ پڻ روشنيون اڀري پونديون. برپٽ باغ بڻجي پوندا ۽ اهڙي طرح جيئري ئي جنتون ماڻي سگھجن ٿيون.

جھنگ، جھر ۾ روشنيون اڀري پون!

برپٽن ۾ زندگيون اسري پون!

ماڻجن جيئري ئي جڳ ۾ جنتون

سنڌ تنهنجا ڳوٺ جي سڌري پون

استاد بخاري چوي ٿو ته انسان سائنسي طرح ڪيڏي به وڏي ترقي ڪري پر جيستائين هو نئون سماج نٿو جوڙي تيستائين کيس عظيم انسان نٿو چئي سگهجي. انساني عظمت صرف ۽ صرف هڪ بهتر سماجي نظام ذريعي ئي ماڻي سگهجي ٿي. هڪ اهڙو سماجي نظام جنهن سان سموري سنسار جا ڳوڙها سڪائي سگھجن ۽ انهن ڳوڙهن جي جاءِ تي بهارون ۽ کٿوريون آڻي سگهجن.

پهاڙن جون وڏيون چوٽيون جهڪائين تون

خلائن ۾ اپالن کي ڊڪائين تون

عظيم انسان مان توکي مڃيندس پو

جڏهن سنسار جا آنسو سڪائين تون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.