اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن، اسان افغانستان کي پيغام ڏئي رهيا آهيون ته هاڻ دهشتگردن کي ڪا رعايت نه ڏني ويندي.
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته افغانستان مان دهشتگردي جي معاملي تي عالمي فورمز تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، نائب وزيراعظم افغانستان ويو پر انهن ڪوششن جو ڪو سٺو نتيجو نه نڪتو، هاڻ صورتحال اتي وڃي پهتي آهي ته گذريل ڏينهن آرمي جي ٻن آفيسرن سميت 9 نوجوان شهيد ٿيا ۽ اڄ به شهادت جون خبرون وصول ٿيون آهن، هاڻ گهڻو ٿيو.
هن چيو ته دهشتگردن کي پناهه ڏيندڙن کي به حساب ڏيڻو پوندو، دهشتگردن لاءِ نرمي رکندڙ سوچ به برداشت نه ڪئي ويندي، دهشتگردن جي سهولتڪارن کي معاف نه ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڏهاڪن کان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي پر انهن جي پاڪستان سان وفاداري نظر نه پئي اچي، توهان ڪنهن تندور تي وڃي انهن کي چئو پاڪستان زنده آباد جو نعرو هڻو ته نه هڻندا، اهي ماڻهو اسان جو کائيندا آهن ۽ اسان جي خلاف دشمن سان ملي ويندا آهن.
خواجا آصف چيو هڪ وفد کي ڪابل موڪلڻ جي تجويز آهي ته جيئن افغان اختيارين سان اتي وڃي ڳالهائي سگهجي ۽ واضح ڪري سگهجي ته اها صورتحال برداشت کان ٻاهر ٿي چڪي آهي.
”افغاني کائين به اسان جو ۽ دشمني به اسان سان، هاڻ دهشتگردن کي رعايت نه ملندي: خواجا آصف
You might also like