حلال ۽ محنت جي ڪمائي عورت جي هجي يا مرد جي الله ان ۾ برڪت وجهندو آهي: فيصل قريشي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار فيصل قريشي پنهنجي سئوٽ اداڪارا صائمه قريشي جي عورت جي ڪمائي بابت بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته حلال ۽ محنت جي هر ڪمائي ۾ برڪت هوندي آهي.
صائمه قريشي ڪجهه عرصو اڳ هڪ ڀيرو ٻيهر اِها ڳالهه ورجائي هئي ته ”عورت جي ڪمائي ۾ برڪت نه هوندي، ڇو ته ڪمائڻ عورتن نه پر مردن جو ڪم آهي.“
هن پنهنجي مثال ڏيندي چيو هو ته هوءَ محنت سان پيسا ڪمائي ٿي، ڪاروبار ڪري ٿي پر اڄ تائين پنهنجو گهر ناهي ٺاهي سگهي، جڏهن ته جيڪڏهن هن جي جاءِ تي ڪو مرد هجي ها ته هو شايد پنهنجو گهر ٺاهي چڪو هجي ها.
ان کان اڳ به صائمه قريشي چيو هو ته عورت جي ڪمائي ۾ برڪت نه هوندي ۽ اهڙي بيان تي کيس تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو ويو هو.
هاڻي سندس سئوٽ اداڪار فيصل قريشي ان بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته عورت جي ڪمائي ۾ برڪت نه هئڻ وارو بيان صائمه قريشي جي ذاتي راءِ آهي، هو ان تي ڪو تبصرو نه ڪندو.
فيصل قريشي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته سندس خيال ۾ حلال ۽ محنت جي هر ڪمائي ۾ برڪت هوندي آهي، ڀلي اهو عورت ڪمائي يا مرد.
هن چيو ته اهو ممڪن ئي ناهي ته حلال ۽ محنت جي ڪمائي ۾ خدا برڪت نه وجهي.
اداڪار جو چوڻ هو ته عورت جي ڪمائي ۾ برڪت نه هئڻ صائمه قريشي جي ذاتي راءِ آهي ۽ هوءَ پنهنجي تجربي موجب ڳالهائي رهي هئي، جڏهن ته سندس ذاتي خيال اهو آهي ته عورت جي ڪمائي ۾ به برڪت هوندي آهي.
فيصل قريشي موجب، عورت جي ڪمائي بابت بيان تي ٻين عورتن جون رايا به سامهون آيون ۽ هر ڪنهن پنهنجا خيال ظاهر ڪيا، بلڪل اهڙي طرح جيئن صائمه پنهنجو خيال پيش ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.