ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب شهر جي ڪجهه علائقن ۽ بس اسٽاپن جي غير رسمي نالن تي تنقيد ڪندي ان کي شهر سان زيادتي قرار ڏئي ڇڏيو.
شهر جي مختلف علائقن جي دوري دوران ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب ڪراچي جي ڪجهه جاين ۽ بس اسٽاپن جي عجيب نالن جو حوالو ڏيندي چيو ته خبر ناهي ڪير ظالم هو جيڪو اهڙا نالا رکي ويو.
هن چيو ته ڪنهن جاءِ جو نالو ناگن چورنگي آهي، ڪنهن جو مڇر ڪالوني، ڪنهن بس اسٽاپ جو نالو انڊا موڙ آهي، ڪو اچانڪ موڙ ته ڪا ڪنواري ڪالوني آهي.
سندس چوڻ هو ته نيو ڪراچي جي علائقي ۾ هڪ اسڪول جو نالو ڪالا اسڪول آهي، جيڪا عجيب ڳالهه آهي، اسڪول جو ڪو سٺو نالو رکڻ گهرجي ها يا ڪنهن اهڙي شخصيت جي نالي سان منسوب ڪرڻ گهرجي، جنهن جو ڪراچي جي خدمت ۾ ڪو ڪردار هجي.
ڪنهن ظالم ڪنواري ڪالوني، ناگن چورنگي، مڇر ڪالوني جهڙا عجيب نالا رکيا: مرتضيٰ وهاب ڪاوڙجي ويو
You might also like