2025ع لاءِ ادب جو نوبيل انعام هنگري سان واسطو رکندڙ ليکڪ لازلو ڪراسز ناهور ڪائي جي نالي رهيو.
سوئيڊش رائل اڪيڊمي طرفان هنگري سان تعلق رکندڙ ليکڪ کي ادب جو نوبيل انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.
ادب جي نوبيل انعام جي فاتح جو فيصلو 18 رڪني سوئيڊش اڪيڊمي ڪندي آهي ۽ عام طور تي ان لاءِ ڪنهن ليکڪ جي سڄي زندگي جي ڪم کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي.
نوبيل ڪميٽي موجب، لازلو ڪراسز ناهور ڪائي اهڙو ليکڪ آهي، جيڪو ڏکي صورتحال ۾ به فن جي طاقت کي يقيني بڻائيندو رهيو.
بيان ۾ چيو ويو ته هو وچ يورپي روايتن بابت لکندڙ بهترين ليکاري آهي، سندس اثرائتي ۽ فهم جوڳين تخليقن جي اعتراف ۾ کيس نوبيل انعام ڏنو پيو وڃي.
سندس شروعاتي ناولن ۾ اڪثر هنگري کان وٺي جرمني تائين مرڪزي يورپ جي شهرن ۽ ڳوٺن جو ماحول کي موضوع بڻايو ويو هو، پر ان کانپوءِ سندس لکڻيون تخليقي ڪم تي آڌاريل رهيون جيڪي پڙهندڙن کي اوڀر ايشيا تائين وٺي ويون.
چين ۽ جپان جي دورن مٿس تخليقي حوالي سان گهرو اثر ڪيو آهي.
واضح رهي ته تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو هنگري سان واسطو رکندڙ ڪنهن ليکڪ کي ادب جو نوبيل انعام مليو آهي.
ان کان اڳ 2002ع ۾ اِمري ڪرٽسز (Imre Kertesz) کي ادب جو نوبيل انعام ڏنو ويو هو.
ڏکڻ اوڀر هنگري جي هڪ ننڍڙي شهر جولاسان تعلق رکندڙ لازلو ڪراسز ناهور ڪائي کي 1985ع ۾ پنهنجي پهرين ناول ”Satantango“ذريعي شهرت ملي، جيڪو هنگري ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو.
سندس ڪيترن ئي ناولن تي فلمون پڻ ٺهي چڪيون آهن، مثال طور”Satantango“تي ئي هڪ فلم ٺاهي وئي هئي، جنهن جو دورانيو ست ڪلاڪ کان وڌيڪ آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سندس نالو اڳ ئي هن سال ادب جي نوبيل انعام لاءِ مضبوط اميدوارن ۾ شامل هو.
ان کان اڳ 6 آڪٽوبر تي انساني جسم جي مدافعتي نظام جي سڪيورٽي گارڊ جي نشاندهي ڪندڙ ٽن سائنسدانن کي طب (فيزيولاجي) جو نوبيل انعام ڏنو ويو هو، انعام ماڻيندڙن ۾ ٻه آمريڪي، ميري برنڪو ۽ فريڊ رمزڊيل، ۽ هڪ جپاني پروفيسر شيمون ساڪاگوچي شامل آهن.
اهڙي طرح 7 آڪٽوبر تي فزڪس جو نوبيل انعام به گڏيل طور ٽن سائنسدانن جان ڪلارڪ، مشيل ايچ ڊورٽ ۽ جان ايم مارٽينس کي مليو.
اٺ آڪٽوبر تي ڪيمسٽري جي شعبي ۾ 2025ع جو نوبيل انعام 3 عالمن کي گڏيل طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.
آسٽريليا جي ميلبورن يونيورسٽي سان لاڳاپيل رچرڊ رابنسن، جپان جي ڪيوٽو يونيورسٽي سان واڳيل سوسومو ڪيٽاگاوا ۽ آمريڪا جي ڪئليفورنيا يونيورسٽي سان سلهاڙيل اردن ڄائي عمر ياگل کي اِهو اعزاز” ميٽل آرگينڪ فريم ورڪ“ تي ڪيل ڪم جي بنياد تي ڏنو ويو.
ياد رهي ته آڪٽوبر تي ادب ۽ 10 آڪٽوبر تي امن جو نوبيل انعام جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته معيشت جو نوبيل انعام 14 آڪٽوبر تي ڏنو ويندو.
You might also like