نصيرآباد (ويب ڊيسڪ) نصيرآباد ۾ پٽ فيڊر ڪينال وٽ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو ٿيو.
پوليس اختيارين موجب اڻڄاتل ماڻهن ريلوي ٽريڪ تي بم رکيو هو ۽ ان ٽريڪ تي ڪجهه دير کانپوءِ جعفر ايڪسپري گذرڻ واري هئي.
پوليس ٻڌايو ته ڌماڪي سان ٽريڪ کي جزوي نقصان پهتو ۽ مسافر ٽرينن کي ويجهي ريلوي اسٽيشنز تي روڪيو ويو.
ايس ايس پي غلام سرور موجب ڌماڪي ۾ ريلوي جو هڪ ملازم مارجي ويو.
You might also like