اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ تعليم حاصل ڪري پنهنجو مستقبل سنوارڻ جي خواهشند پاڪستاني شاگردن لاءِ بهترين موقعو اچي ويو.
هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستاني شاگردن لاءِ آمريڪا جي مشهور يونيورسٽين ۾ مڪمل اسڪالرشپ تي پي ايڇ ڊي جا موقعا فراهم ڪري ڇڏيا.
ايڇ اي سي ترجمان ٻڌايو ته پاڪستاني شاگرد هاڻ آمريڪا جي 300 بهترين يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا، اهو منصوبو ”پاڪ – آمريڪا علم راهداري پروگرام“ تحت شروع ڪيو ويو آهي.
درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 نومبر آهي، جڏهن ته اميدوار رڳو ايڇ اي سي جي ويب سائيٽ ذريعي آن لائن درخواست ڏئي سگهندا.
ترجمان موجب اميدوار پاڪستاني يا آزاد ڪشمير جو شهري هجڻ لازمي آهي ۽ درخواست ڏيندڙ جي گهٽ کان گهٽ تعليم 16 سال هجڻ گهرجي.
اسڪالرشپ ۾ ٽيوشن فيس، ماهوار وظيفو، علاج جي سهولت ۽ واپسي جي هوائي ٽڪيٽ به شامل هوندي.
Prev Post
You might also like