اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر حسين بخاري چيو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ صوبائي حڪومت جي ناڪامي جي صورت ۾ گورنر راڄ لڳي سگهي ٿو.
نيئر بخاري چيو ته خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ آئين کان مٿانهون نه هوندو ۽ جيڪڏهن وفاقي حڪومت ان معاملي تي پيپلز پارٽي سان صلاح مشورو ڪيو ته آئين موجب مشورو ڏنو ويندو.
پ پ اڳواڻ موجب، خيبر پختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال بابت خدشا موجود آهن، جڏهن ته گورنر راڄ بابت ڪو به قدم آئيني طريقيڪار تحت ئي کنيو وڃي سگهي ٿو.
”خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ لڳي سگهي ٿو“ پيپلز پارٽي جو موقف به سامهون اچي ويو
You might also like