اسان جا وڏا پاڪستان جا ها، شاهد ڪپور جو پيءُ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور جي پيءُ، فلمساز پنڪج ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته سندن ابن ڏاڏن جو تعلق پاڪستان جي صوبي پنجاب سان هو، جڏهن ته سندس پيءُ به لاهور جي هڪ ڪاليج مان تعليم پرائي هئي.
پنڪج ڪپور تازو ئي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف معاملن سميت پنهنجي ڪٽنب بابت به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پروگرام دوران هن پنهنجي پٽ شاهد ڪپور جي اداڪاري ۽ شخصيت جي واکاڻ ڪندي کيس سپر اسٽار قرار ڏنو ۽ چيو ته هو بهترين ڪم پيو ڪري.
سندن چوڻ هو ته کيس شاهد ڪپور جي اداڪاري شروع ڪرڻ کان اڳ ئي اندازو ٿي ويو هو ته هو سٺو اداڪار بڻجندو، پر هن پنهنجي پٽ کي سپورٽ نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو چاهيندو هو ته سندس پٽ انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي جاءِ پاڻ ٺاهي.
پنڪج ڪپور ٻڌايو ته هن شاهد جي پهرين فلم ”عشق وشق“ سميت گهڻي ڀاڱي سندس هڙئي فلمون ڏٺيون آهن.
هن چيو ته شاهد ”حيدر“، ”رام ليلا“، ”موسم“ ۽ ٻين ڪيترين ئي فلمن ۾ شاندار اداڪاري ڪري پنهنجي الڳ سڃاڻ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
پنڪج ڪپور جو چوڻ هو ته هڪ پيءُ طور هو پنهنجي پٽ جي ساراهه نٿو ڪري سگهي، تنهنڪري هن کيس سپورٽ ڪرڻ بدران پنهنجي محنت سان اڳتي وڌڻ لاءِ آزاد ڇڏيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته جيڪڏهن سندس پيءُ ٿوري ڪوشش ڪري ها ته هو ننڍي کنڊ جو بهترين انگريزي ناول نگار بڻجي پئي سگهيو، پر تدريس سان لاڳاپيل مصروفيتن سبب ائين نه ٿي سگهيو.
هن چيو ته سندس پيءُ هاڻوڪي پاڪستاني پنجاب جي راڄڌاني لاهور جي مشهور ۽ تاريخي ”ايف سي ڪاليج“ ۾ پڙهيو هو، جتي هو انگريزي مئگزين جو ايڊيٽر پڻ رهيو.
پنڪج ڪپور ٻڌايو ته سندس ڏاڏو به درس تدريس واري شعبي سان واڳيل هو ۽ ورهاڱي کان اڳ ئي سرڪاري ملازم هو، تنهنڪري سندس بدلي پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ٿيندي رهندي هئي، جن ۾ هاڻوڪو پاڪستاني پنجاب ۽ ڀارتي پنجاب جا علائقا پڻ شامل آهن.
هن چيو ته سندس ڏاڏي سميت ڪپور ڪٽنب جو تعلق هاڻوڪي پاڪستاني پنجاب جي علائقي حافظ آباد سان هو ، جتي اڄ به ڪپور فيملي جا ڪيترائي ماڻهو آباد آهن.
ورهاڱي ۽ هجرت بابت سوال تي پنڪج ڪپور ٻڌايو ته خوش قسمتي سان ورهاڱي وقت سندس پيءُ ڀارتي پنجاب ۾ ئي آباد هو، تنهنڪري کيس لڏپلاڻ نه ڪرڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.