هير باگڙي جو قتل ڪيس

راج ڪمار اوڏ

سڪرنڊ جي اصغر ڪالوني مان اغوا ۽ بعد ۾ بيدردي سان قتل ٿيل معصوم نياڻي هير باگڙي جو الميو نه رڳو هڪ نياڻي جي حياتيءَ جو انت آهي، پر سنڌ جي معاشرتي بيحسي، پوليس جي نااهلي، عدالتي نظام جي سست رفتاري، ۽ حڪومتي بي ڌيانيءَ تي به سخت سوال اٿاري ٿو. هير جي گم ٿيڻ کان قتل تائين جو سفر، ۽ پوءِ انصاف جي تلاش، هڪ سماجي الميي جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. سندس والد لالو باگڙي جي فرياد تي سڪرنڊ ٿاڻي تي FIR نمبر 272 قلم 302 ۽ 201 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. جاچ دوران پوليس ٻڌايو ته مک جوابدار، هير جو ويجهو مائٽ اوم پرڪاش باگڙي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. جوابدار وٽان نياڻي جا سون جون۽ واليون هٿ اچڻ جو دعويٰ پڻ ڪيو ويو.

پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج جي آڌار تي جوابدار جي سڃاڻپ ڪري آپريشن شروع ڪيو، پر ڪيترن ئي سماجي حلقن پاران ان پوليس مقابلي تي شڪ جو اظهار ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي ڌرين جو چوڻ آهي ته جوابدار کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ بدران مقابلي ۾ مارڻ سان اصل حقيقتن تي پردو وڌو ويو آهي. پوسٽ مارٽم رپورٽ جي غيرموجودگي، سهولتڪارن جي ڳولا ۾ سست رفتاري، ۽ حڪومتي سطح تي خاموشي، متاثر خاندان لاءِ وڌيڪ اذيت جو سبب بڻجي رهي آهي.  مختلف سياسي، سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمون مطالبو ڪري رهيون آهن ته: ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي،   قانون ۾ ٻارڙن جي تحفظ لاءِ سخت تبديليون آنديون وڃن،  پوليس کي حساس ڪيسن ۾ تربيتي صلاحيت ڏني وڃي، صحافت کي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ لاءِ آزاد ماحول مهيا ڪيو وڃي. هي ڪيس رڳو پوليس فائيل جو هڪ نمبر نه آهي، بلڪه هڪ معصوم نياڻي جي ويراڻي صدائن جو منظرنامو آهي، جنهن کي نه رياست بچائي سگهي، نه سماج. قاتل جي مارجي وڃڻ سان قانون بند نه ٿو ٿئي  قانون تڏهن جيئرو رهندو، جڏهن نظام، سوچ، ۽ رويي تبديل ٿيندا.

اهو سوال اڃا تائين باقي آهي ڇا اسين صرف احتجاج، ماتم ۽ بيانن تائين محدود رهنداسين؟ يا سچ پچ تبديلي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪنداسين؟ هير جي قتل بعد شهري، سياسي، سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن پاران حڪومتي ڪارڪردگيءَ تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. مختلف NGOز پاران ٻارڙن جي تحفظ بابت قانوني سڌارن، اسڪولن ۽ ڪميونٽيز ۾ شعور آگاهي مهم جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي. هي ڪيس صرف هڪ رپورٽ نه، پر هزارين معصوم ٻارڙن جي مستقبل، تحفظ ۽ سماجي بيحسيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. قاتل جي مارجي وڃڻ سان انصاف مڪمل نه ٿو ٿئي، جيسين حڪومت اهڙن واقعن جي بنيادي سببن تي ڌيان ڏئي، قانون، پوليس، عدليا ۽ تعليم کي هڪ مقصد لاءِ هم آهنگ نه ڪريانصاف، تحفظ ۽ عزتدار زندگي. سوال هي آهي: ڇا هير آخري نياڻي هوندي؟ يا نظام جي خاموشي اهڙي واقعن کي روز جو معمول بڻائيندي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.