سڪرنڊ ۾ هير باگڙي جي قتل ۾ ملوث ڄاڻايل نينگر اوم پرڪاش مقابلي ۾ مارجي ويو

سڪرنڊ (رپورٽ : راج ڪماراوڏ) چار ڏينھن اڳ سڪرنڊ شھر جي اصغر ڪالوني ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪيل نياڻي ھير باگڙي جي قتل ۾ ملوث ڄاڻايل 14 ورھين جو اوم پرڪاش کي مبينا پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪرڻ کانپوءِ ڄاڻايل جڙتو پوليس مقابلو سواليه نشان بڻجي ويو، اوم پرڪاش باگڙي جي وارثن موجب گذريل رات سي آءِ پوليس نوابشاھ ۽ سڪرنڊ پوليس جي گڏيل ڪارروائي بعد پوليس جبري طور باگڙي برادري جي ڏھ ماڻھن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ھو جنھن ۾ اوم پرڪاش کي به شامل ڪيو ويو ھو سڪرنڊ پوليس حراست ۾ ورتل ٻين ماڻھن کي آزاد ڪري اوم پرڪاش باگڙي کي پوليس ڪسٽيڊي ۾ رکيو جنھن کانپوءِ گذريل رات جڙتو پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل  ڪري ڇڏيو ۽ صبح جو اسان کي اوم پرڪاش جي قتل جي خبر پئي، سڪرنڊ پوليس اھڙي جڙتو پوليس مقابلي بعد اسان جي گھرن تي ڪڙو چاڙهي حراس ڦھلائي پوليس پنھنجي نگراني ۾ لاش جون آخري رسمون ڪرائي ڌمڪايو آهي ته پوليس خلاف  ڪو به بيان ڏنو ته پوءِ انجا نتيجا خراب نڪرندا، ھنن چيو ته اسان غريب اقليتي برادري جا ماڻھو آھيون انصاف ملڻ جي ڪا اميد ناهي پر الله سائين اسان جو ضرور انصاف ڪندو، ٻئي پاسي سڪرنڊ پوليس اسٽيشن ايس ايڇ او اڪبر چنا دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل چئن ڏينھن جي مسلسل جدوجھد ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد ۽ سي سي ٽي وي فٽيجز ذريعي اصل ڏوھاري جي سڃاڻپ ڪئي جنھن کانپوءِ جوابدار اوم پرڪاش باگڙي کي اصغر ڪالوني مان گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس پارٽي وئي ته جوابدار پوليس کي ڏسي پوليس مٿان فائرنگ ڪئي جنھن کانپوءِ جوابي ڪارروائي کانپوءِ جوابدار گولي لڳڻ ڪري مارجي ويو جنھن وٽان ھڪ پسٽل ۽ نياڻي ھير باگڙي جي ڪنن مان لاٿل واليون ھٿ ڪيون ويون آهن، ھوڏانھن باخبر ذريعن موجب سڪرنڊ پوليس واليون وٺندڙ سوناري کي پڻ گرفتار ڪري تحويل ۾ ورتو، جڏهن ته سڄاڻ ڌرين پاران چيو ويو آهي ته اھڙي قسم جا مقابلا عدالت کان مٿانهون قتل آهن، معاملي جي حقيقي انڪوائري ڪرائي اصل حقيقت کي سامھون آندو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.