جيڪڏهن توهان ٽرين ۾ سفر ڪيو آهي ته توهان کي علم هوندو ته گاڏين ۽ جهازن جي ابتڙ انهن ۾ سيٽ بيلٽ موجود ناهي هوندو.
لڳ ڀڳ سڀني تيز رفتار سوارين ۾ سيلٽ بيلٽ هوندو آهي ۽ رڳو گاڏين جي ان سيفٽي فيچر سان حادثن ۾ فرنٽ سيٽ تي ويٺل ماڻهن جي موت جو خطرو 45 سيڪڙو تائين ۽ شديد زخمي ٿيڻ جو خطرو 50 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.
جهازن ۾ به سيٽ بيلٽ کي مسافرن جي تحفظ لاءِ ڏنو ويندو آهي پر گاڏين ۽ جهازن ۾ مسافرن کي تحفظ ڏيندڙ سيٽ بيلٽ ٽرينن ۾ ڪارآمد ناهن هوندا، ڇو ته ٽرين مختلف انداز سان سفر ڪندي آهي ۽ ان ۾ مسافرن جون سيٽون به مختلف هونديون آهن.
ٽرينن ۾ سفر دوران خطرو گهٽ هوندو آهي ۽ سيٽ بيلٽ لڳائڻ پيسي جو زيان آهي.
ماهرن موجب جيڪڏهن ٽرينن جي حادثن جي انگن اکرن جو جائزو ورتو وڃي ته علم ٿيندو انهن جي شرح گهڻي گهٽ هوندي آهي ۽ سيٽ بيلٽ جي استعمال سان تحفظ ۾ ڪا خاص واڌ ناهي ٿيندي، تنهن ڪري ٽرينن ۾ سيٽ بيلٽ لڳائڻ فائديمند ناهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جهازن ۾ جيئن ٽو پوائنٽ ليپ بيلٽ سسٽم کي استعمال ڪيو ويندو آهي، اهو ٽرينن ۾ مسافرن کي درست تحفظ فراهم نٿو ڪري سگهي.
کوڙ گاڏين ۾ جيئن ٿري پوائنٽ سيٽ بيلٽ استعمال ڪيو ويندو آهي، اهو ٽرينن جي موجوده سيٽن تي لڳائڻ ئي ڏکيو آهي، جيڪڏهن سيٽ بيلٽ لڳائجي ته ٽرينن جي بوگين جي اندروني انفرا اسٽرڪچر کي ئي مڪمل طور تبديل ڪرڻو پوندو.
ماهرن موجب سيٽ بيلٽ حقيقت ۾ ٽرينن جو سفر محفوظ بڻائڻ بدران وڌيڪ خطرناڪ بڻائي سگهن ٿا.
You might also like