پاڻيءَ خاطر ٽي ٽي شاديون، عجيب رواج

ڇا توهان کي خبر آهي ته دنيا ۾ هڪ اهڙو ڳوٺ به آهي، جتي مرد پاڻي جي ڪري ٽي شاديون ڪندا آهن.
يقينن اهو ٻڌي توهان کي عجيب لڳندو پر اچو ته ان پويان جي حقيقت ڄاڻون.
ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي ڳوٺ Denganmal ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي ۽ اتان جون عورتون پاڻي لاءِ ڳوٺ کان پري کوهن تي وينديون آهن ۽ اتان پاڻي ڀري اينديون آهن.
اهو کوهه ڳوٺ کان ايترو پري آهن جو عورتن کي روزانو پاڻي آڻڻ ۾ 12-12 ڪلاڪ لڳي ويندا آهن.
دلچسپ ۽ غير معمولي ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڪا عورت اميد سان ٿي وڃي ٿي ته سندس مڙس ٻي يا ٽين شادي ڪري ٿو، جيئن هڪ گهر سنڀالي ۽ ٻي زال کوهه تان پاڻي ڀري اچي.
ڳوٺ جا مرد ٻي يا ٽين شادي اڪثر اهڙين عورتن سان ڪندا آهن، جيڪي طلاق يافتا هجن يا جيڪي ڏاج نه ڏئي سگهن، اهڙيون عورتون معاشري ۾ عزت برقرار رکڻ لاءِ اهڙيون شاديون ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿيون.
هڪ ٻي غير معمولي ڳالهه اها آهي ته جيڪي عورتون ٻي يا ٽين شادي ڪن ٿيون، انهن کي نه ته ٻار ڄڻڻ جي اجازت هوندي آهي ۽ نه ئي مڙس جي ملڪيت مان حصو ملندو آهي.
اهو به ذڪر جوڳو آهي ته هندو مذهب ۾ مردن لاءِ هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ غير قانوني آهي پر پوءِ به هن ڳوٺ ۾ مرد ٽي شاديون ڪندا آهن ته جيئن سندن گهر تائين پاڻي جي فراهمي جاري رهي.
ان سلسلي ۾ هڪ عورت ٻڌايو ته جڏهن مان شادي ڪري گهر آيس ته پاڻي جي کوٽ جو وڏو مسئلو هو، مڙس چيو ته ٻي شادي ڪندس ته هي مسئلو حل ٿي ويندو، تنهن ڪري مون اجازت ڏئي ڇڏي، پهاڄ آئي پر پاڻي جو مسئلو جيئن جو تيئن رهيو.
عورت موجب پوءِ مڙس ٽين شادي ڪئي ۽ اسان گڏجي رهڻ لڳاسين، انهن ٽنهي جي مڙس چيو ته مان ٽنهي سان بيحد محبت ڪريان ٿو ۽ انهن جو خيال رکندو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.