آئين ۾ مقرر حدن ۾ رھڻ ئي مسئلي جو حل آھي

پاڪستان ۾ ھن وقت جيڪا ڇڪتاڻ نظر اچي رھي آھي ان جي تاريخ ڪافي پراڻي آھي،سول ادارن ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ تڪرار  جي شروعات ملڪ جي وجود ۾ اچڻ سان ئي ٿي وئي ھئي.جنھن جو ئي نتيجو آھي جو ملڪ جي مٿان وقت بوقت فوج قبضو ڪندي رھي آھي.دلچسپ پھلوءَ ھي آھي تھ قائم ٿيڻ کان ويندي ھن وقت تائين، ملڪ جي ڪل ڄمار ۾جمھوريت جو وقت ٿورڙو ئي رھيو آھي.جنھن ۾ بھ سڌي يا اڻسڌي ريت اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت رھندي آئي آھي.ان دوران ڪيل بندوبست تحت فوج جي مرضي سان ھٿ سان جوڙيل اسيمبليون بھ قائم ٿينديون رھيون آھن.جنھن ۾ محمد خان جوڻيجو واري حڪومت ۽ پرويزمشرف جي دور ۾ جوڙيل جڙتو سول حڪومتون شامل آھن.

ملڪ جي پھرين سول ۽ ڪنھن حد تائين جمھوري حڪومت جو دور  1970 کان ڳڻي سگھجي ٿو.جنھن ۾ اسٽيبلشمينٽ گھڻي دٻاءَ ۾ اچڻ سبب ھڪ جمھوري حڪومت کي ڪجھه وقت ڏنو ھو،پر جيڪڏھن ملڪي تاريخ جو بي رحمي سان جائزو ورتو وڃي تھ ملڪ ۾ غيرجمھوري قوتن جي قبضي ۽علبي سبب ملڪ ۾ جمھوريت اڳتي وڌي نھ سگھي آھي.جنھن جو نتيجو اھو نڪتو آھي تھ سموري سماج ۾جمھوري قدر سگھارا نھ ٿي سگھيا آھن.سھپ جھڙو ماحول پئدا نھ ٿي سگھيو آھي.جنھن ڪري جمھوريت پختي نھ ٿي سگھي آھي.

ويجھي ماضي ۾ جنرل مشرف بعد 2008 کان پوءِ، ايندڙ جمھوري مرحلي کان ھن وقت تائين ڪو بھ وزيراعظم پنھنجو مدو پورو ڪري نھ سگھيو آھي.ھاڻي تھ اھو جھڙو ۽ ڇڪتاڻ اھڙي وچڙي وئي آھي جو ادارا ذري گھٽ ھڪ ٻئي جي سامھون ٿي ويا آھن.عدليا، اسٽيبلشمينٽ ۽ پارليامينٽ وچ ۾ اختيارن جي اھا جنگ  گھڻي شدت اختيار ڪري وئي آھي.جمھوري طور طريقي نھ ھئڻ ڪري  ملڪ ۾ صورتحال گھڻي ڳڻتي واري آھي.

ملڪ جا ڏاھا ۽ مفڪر  ھن وقت جي حڪومت کي ھاءِ برڊ جمھوريت جو نالو ڏين پيا،جنھن مان شايد انھن جو مطلب ھي آھي تھ ھڪ اھڙي جمھوريت جيڪا اسٽيبلشميٽ اڳيان وڌيڪ  اختيارن تان ھٿ کڻي وڃي ۽  ان ۾ سندس  حصيداري سان ملڪ جو ڪاروھنوار ھلائي.اھڙي جمھوريت جو پھريون تجربو پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت سان شروع ٿيو،جيڪو ساڳي ئي پارليامينٽ ۾ پي ڊي ايم حوالي حڪومت ڪرڻ سان انھن سياستدانن کي پڻ ساڳئي تجربي سان نوازيو ويو .

2024  وارين چونڊن جي ڪمال سان آيل پي ڊي ايم پارٽ ٽو ۾ ھاڻي بھ ملڪ ۾ جمھوريت جو حال ساڳيو ئي آھي،رڳو ڪردار بدليا آھن،باقي ڪيفيت ۾ ڪو فرق نھ آيو آھي.ھاڻوڪين چونڊن جو ڪمال جو ڪنھن بھ ھر ڌر ان کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار آھي تھ وري ھي سياسي جماعت کي ان جي شفافيت تي اعتراض بھ آھي.

جيتوڻيڪ اپوزيشن جماعتون حڪومت خلاف گڏ ٿيڻ جي ڳالھھ ڪري رھيون آھن پر ان کان  اڳ ئي 9 مئي بابت اسٽيبلسمينٽ جي پراڻي بيانئي جي نئين سر اچڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ماڻھن طرفان سڌي اڻ سڌي ريت عدليا جي سامھون ٿيڻ سان ھڪ نئون معاملو شروع ٿي ويو آھي.

ھاڻي جڏھن سموري ملڪ ۾ چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين جو ن دانھون سامھون  اچي رھيون آھن، ان جو حل تھ اھو ئي آھي تھ وقت جي حڪومت ٿوري ھمٿ ڪري ھڪ آزاد ڪميشن  جوڙي جيڪا اھو طئي ڪري تھ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪنھن سان ھاڻوڪي چونڊڻ ۾ زيادتيءَ ٿي آھي،پر عدليا بابت اڳي ئي موجود اھو تاثر وڌيڪ پختو ٿي رھيو آھي تھ اتي ورڇ آھي.جنھن ڪري ھن وقت سموري ملڪ ۾ ھڪ ڳڻتي واري لھر پکڙجي وئي آھي،

بدقسمتيءَ سان ھر اقتدار ۾ ايندڙ ڌر اسٽيبلشمنيٽ کي پنھنجو ڪلھو استعمال ڪرڻ واسطي ڏيڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿي ۽ جڏھن اپوزيشن ۾ ھوندي آھي تھ وري اقتدار ۾ موجود ڌر کي طعنا ڏيندي آھي، پر پنھنجي اندر ۾ جمھوري روين کي بھتر ڪرڻ ۽ حقيقت پسندي واري روئي تي عمل ڪرڻ نھ چاھيندي آھي.

اھو سمورين سياسي ڌرين کي سوچڻ گھرجي تھ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ھر طرح سان نازڪ دور ۾ داخل ٿي رھيو آھي.جيڪڏھن ان کي سمجھڻ ۽ ان موجب ڏاھپ ۽ تحمل سان قدم نھ کنيا ويا تھ ان جو ملڪ عوام ۽ جمھريت کي اھڙو نقصان رسندو جنھن جو وري شايد ازالو ٿيڻ ممڪن نھ ھجي.

عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ جي جهيڙي ۾ جمهوريت کي خطرا پيدا ٿي ويا آهن.جيڪڏھن ھن وقت رائج آئين تي عمل ڪندي ھر ادارو پنھنجي مقرر ڪيل حد اندر رھي ڪري عمل ڪرڻ چاھي تھ ھوند ان جو حل نڪري سگھي ٿو،پر اصل جھيڙو ئي انھن ادارن جي اختيارن ۽ انھن اختيارن جي استعمال جو آھي.

ملڪ جي سمورين سياسي ڌرين تي ھن بحراني صورتحال کي درست ڪرڻ جو فرض لاڳو ٿئي ٿو،جيڪڏھن ڪنھن بھ ڌر اٻھرائي جو مظاھرو ڪيو تھ ان جو  نتيجو ملڪ ۽ عوام جي لاءِ بھتري وارو نھ نڪري سگھندو. مختلف حلقن کان اھي تجويزون سامھون آيون آھن تھ ايوان صدر ان بحران مان نڪرڻ لاءِ ڪو رستو  ڪڍي سگھي ٿو.

ميڊيا موجب وزيراعظم ان حوالي سان صدر مملڪت ڏانهن سمري به موڪليندو ۽ کيس درخواست ڪئي ويندي ته ان ڊيڊلاڪ جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري،ن ليگ جا حلقا ان ڳالهه جي تصديق ڪري رھيا آهن.خيال ڪيو پيو وڃي تھ صدر زرداري ان حوالي سان ڪو وچيون رستو ڪڍي سگهي ٿو.ڇاڪاڻ جو مملڪت جو سربراهه ۽ هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر هئڻ جي حيثيت ۾ صدر زرداري ٽنهي فوجن جي سربراهن، چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم،سمورين هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسز کي ملاقات جي دعوت ڏئي سگهي ٿو.

جيڪو بھ ھن ملڪ سان ھمدردي رکي ٿو ان جي لاءِ ھي معاملو ڪافي ڳڻتي وارو آھي.پاڪستان جي سمورين سياسي سماجي ۽ آئين تي عمل جي خواھش رکندڙ ڌرين کي ڪوشش ڪري آئيني رستو اختيار ڪرڻ گھرجي،ڪنھن بھ سياستدان جي لاءِ ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ ئي اصل امتحان ھوندو آھي،ملڪ ۾ جاري بحران ھن  وقت جنھن مرحلي ۾ آھي، ان مان نڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ سمورين سياستدانن ۽ آئيني عھدي تي مقرر اڳواڻن تي فرض آھي.ڪوشش ڪجي تھ ملڪ جي آئين ۾ مقرر ڪيل حدن جي اندر رھندي ان جي حل جي ڪوشش ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڪنھن بھ مھم جوئي سان وڏو نقصان ڪري ويھنداسين.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.