2017 ۾ ٺاهيل سنڌ سينيٽيشن پاليسي تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي

ڪراچي (محسن ٻٻر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچيءَ سميت سنڌ جي 32 ضلعن ۾ پبلڪ ٽوائلٽ ٺاهيا وڃن. ڪراچيءَ جي 42 وڏن روڊن، 133 اسپتالن ۽ ڪيلنڪس،38 پارڪس،33 وڏين بازارن،قبرستانن ۽ ٻين هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس ناهن. ٻئي طرف سنڌ حڪومت مئي 2017 ۾ سنڌ سينيٽيشن پاليسي جو هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن تحت اها ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو هو ته 2025 تائين پبلڪ ٽوائلٽ ٺاهي کليل هنڌن تي ٿيندڙ ٽوائلٽ کي ختم ڪيو ويندو پر ان پاليسي تي اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي. ان کانسواءِ اهو ٽارگيٽ به هو ته 2020 تائين 23 ضلعن جي70 سيڪڙو ڳوٺن مان اوپن ٽوائلٽ سسٽم ختم ڪيو ويندو پر اهو به نه ٿي سگهيو. 2025  تائين سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن جي هر گهر کي ٽوائلٽ جي سهولت ڏيڻ جو هدف به پورو نه ٿي سگهيو. انهن مان ڪنهن تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.