هڱورجا ( ن ع آ ) ھڱورجا بس اسٽاپ تي ايل پي جي گيس وڪرو ڪندڙ دوڪاندار کي 35 سالا نوجوان جاويد احمد ڀٽو کي نامعلوم ھٿياربندن دوڪان ۾ اندڙ ڦرلٽ دوران مزاحمت ڪرڻ تي گوليون ھڻي کيس کي قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي ايس ايڇ او ھنڱورجا امير چانگ پھچي لاش اسپتال منتقل ڪري پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو نوجوان دوڪاندار جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو مقتول نوجوان جي وارثن مظھر حسين ڀٽو پرويز ڀٽو جو چوڻ آھي ت ظالمن اسان جي نوجوان کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن ھنڱورجا پوليس ٻن چوڪيدارن محمد صفر سھتو ـغلام عباس کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي جڏنھن قتل واقعي جو اڃان تائين ڪوب ڪيس داخل ٿي ناھي سگھيو ايس ايڇ او امير چانگ ٻڌايو ته دوڪاندار جاويد احمد ڀٽو جي قتل ۾ ملوث ڏوھارين کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ٻي پاسي ھنڱورجا ۾ دوڪاندار جي قتل واقعي تي علائقي ۾ خوف حراس پکڙيل آھي