عشرت العباد پاران سياست ۾ واپسي جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد هڪ ڀيرو ٻيهر عملي سياست ۾ اچڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. ڊاڪٽر عشرت العباد  چيو ته هن اڃا اهو فيصلو نه ڪيو آهي ته ڪهڙي پليٽ فارم تان سياسي ڪردار ادا ڪرڻو آهي، اهڙي پليٽ فارم جي سخت ضرورت آهي جنهن ۾ باصلاحيت قيادت مسئلن جو حل ڳولي سگهي. عشرت العباد چيو ته اڄ جي صورتحال ۾ عدليه، اسٽيبلشمينٽ ۽ پارليامينٽ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ آهي، اسان جي عدليه، پارليامينٽ ۽ فوج ملڪ جا اهم ٿنڀ آهن، اهو تاثر نه ڏيڻ گهرجي ملڪ جي اهم ٿنڀن ۾ ڪا ڇڪتاڻ آهي. سنڌ جي اڳوڻي گورنر چيو ته اهڙين حالتن ۾ ايوان صدر جو ڪردار انتهائي اهم ٿي ويندو آهي، صدر پاڪستان راست جي آئيني سربراهه ۽ وحدت جي علامت هوندو آهي،هن چيو ته ايوان صدارت کي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ ادارن وچ ۾ غلط فهميون حل ڪرڻ گهرجن، عشرت العباد چيو ته منهنجو ايم ڪيو ايم لنڊن ڏانهن وڃڻ جو تاثر سراسر غلط ۽ من گهڙت آهي،هن چيو ته 2015ع ۾ منهنجي پارٽي سميت باني ايم ڪيو ايم مون کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو جنهن کانپوءِ مان به انهن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو منهنجي خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن انهن کان واقف آهيان، ياد رهي ته ڊاڪٽر عشرت العباد 14 سالن تائين سنڌ جو گورنر رهيو، اڳوڻي ن ليگ اڳواڻن شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل به تازو ڊاڪٽر عشرت العباد سان ملاقات ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.