سيالڪوٽ( م ڊ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پاڪستانين جي زندگين ۾ وڏي تبديلي ايندي، معيشت ساهه کڻڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، مخالف جيڪي به ملڪ جا مخالف آهن، اهي معاشي بدحالي چاهين ٿا، هنن جيڪا ڦرلٽ ڪئي آهي ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي. سيالڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بچاءَ واري وزير اهو به چيو ته هو اقتدار جي لالچ ۾ چيف جسٽس کي دبنگ سڏي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن لاءِ آرمي چيف کي چوندا. هنن جنرل باجوه کي زندگي جي آڇ ڪئي، هو اقتدار لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا، پنجاب ۾ اي نئين نسل جي قيادت ٿي رهي آهي، اسان کي اميد آهي ته نه رڳو پنجاب پر ملڪ جو مستقبل نئين هٿن ۾ وڃي رهيو آهي.