سنڌ ۾ سج سوا نيزي لهي آيو، اڄ به 50 ڊگري پار ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي، ايندڙ هفتي وڌيڪ سخت گرمي جي لهر جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. ڪراچي ۾ آچر  تي به سخت گرمي برقرار رهي ۽ شام ٿيڻ باوجود سج جي گرمي گهٽ نه ٿي سگهي. نوابشاهه ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، شهر ۾ سخت گرمي سبب بازارون ۽ گهٽيون سڄو ڏينهن ويران ٿي ويون. ميرپورخاص ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به سڄو ڏينهن گرمي جو راج رهيو، جنهن کان بچڻ لاءِ شهرين واهن جو رخ ڪيو. گرمي سبب شهر ۾ برف ۽ ٿڌين شربتن جي طلب وڌي وئي آهي. موسميات کاتي پاران 21 مئي کان 27 مئي تائين سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گرمي جي لهر جي اڳڪٿي کانپوءِ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سنڌ حفاظتي قدمن بابت ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي.

  1. گرمي جي اڳڪٿي سبب يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان ملتوي

ڪراچي(رپورٽر) سخت گرمي جي لهر سبب ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ انٽرميڊيٽ جا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير جي  ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جي سفارش تي انٽرميڊيٽ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏني.  ترجمان جو چوڻ آهي ته انٽر جا امتحان 22 مئي بدران 27 مئي کان شروع ٿيندا. يونيورسٽين ۽ بورڊز امتحانن جي تاريخ ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.