ميان صاحب جون ڪمزور وضاحتون !

تحرير: غلام حسين لغاري

پاڪستان مسلم ليگ ن جي 28 مئي واري جنرل ڪائونسل جي اجلاس کان اڳ ٽيون ڏينهن ن ليگ جي مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي جو هڪ اجلاس لاهور ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان محمد نواز شريف پارٽي صدر ٿيڻ کان اڳ پنهنجي ماضي جلاوطني ۽ کيس مليل سزائن بابت وضاحتون پيش ڪيون آهن جنهن کي سياسي توڙي عوامي حلقن سندس ڪمزور بيانيو تصور ڪن ٿا جنهن سان ن ليگ کي هن وقت ٽڪي جو به فائدو ان ڪري نه پوندو جو حساب ڪتاب برابر ٿي چڪو آهي۔ميان صاحب پنهنجي خطاب ۾ جيڪا وضاحت ڪئي آهي تنهن ۾ هن ٽن ماڻهن کي سياسي حالتن جو ذميوار قرار ڏنو آهي جن سندس خلاف سازشون ڪري مٿس جڙتو الزام هڻي نه صرف کيس تاحيات نااهل ڪرا ئي عمر قيد جون سزائون ڏياريون ۽ نتيجي ۽ جلاوطن ڪرايو ۔هن ٻيهر ڳالهه ورجائي ته سندس اهو قصور هو ته هن اقامه ڪيس ۾ پنهنجي فرزند کان پگهار نه ورتي هئي۔هن اهو به دانهيو ته هڪ سازش تحت مشرف دور ۾  کيس ڦاهي تي چاڙهڻ جي به ڪوشش ٿي۔هن پنهنجي تقرير ۾ وقت جي رٽائرڊ آرمي  چيف قمر جاويد باجوا ، جنرل ظهير الحسن ۽ عدليه جي ڪجهه ججن بشمول رٽائرڊ چيف جسٽس ثاقب نثار جو به ذڪر ڪيو ۽ وڌيڪ چيو ته هو اهڙن ڪيسن مان باعزت سرخرو ٿيو سمورا ڪيس جڙتو ثابت ٿيا۔هن اهو به انڪشاف ڪيو ته ثاقب نثار جي آڊيو رڪارڊنگ به وٽس موجود آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته نواز کي لاهي عمران کي وزيراعظم ڪرائڻو آهي بهرحال مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي ميان صاحب تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته ايندڙ جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ مٿس اعتماد جو حتمي اظهار ڪندي کيس ٻيهر ن ليگ جي صدارت لاءِ  منتخب ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي

ميان صاحب اها به وضاحت ڪئي ته 2013 جي عام چونڊن بعد هو بطور وزيراعظم بني گالا ويو هو جتي هن عمران خان کي گڏجي ملڪي وهنوار هلائڻ جي درخواست ڪئي هئي جنهن ۾ هن خاطري به ڪرائي پر بعد ۾ هن لنڊن سازش تيار ڪري سندس پٺي ۾ خنجر هنيو جنهن لاءِ   هو لنڊن پهتو جتي وقت جا ڪجهه جنرل ظهيرالسلام، مولانا طاهر القادري قادري ۽ ٻيا به پهتا جن ن ليگ حڪومت ڪيرائڻ لاءِ  ڌرڻن هڻڻ واري سازش تيار ڪئي پارليامينٽ سامهون پرتشدد ڌرڻا هنيا پر حڪومت صبر جو رستو ورتو ڪنهن کي لٺ به نه لڳي۔هنن  ڌرڻن جي ڪري چيني صدر کي پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻو پيو جنهن سان ملڪ کي معاشي نقصان پهتو۔ن ليگ سربراهه پنهنجي مختصر خطاب ۾ ڪافي وضاحتون پيش ڪيون ۽   چيو ته چين جو صدر ملڪ ۾ اچي ها ته شايد ملڪ وڏي ترقي ڪري چڪو هجي ها ملڪ ۾ دولت اچي ها ۽ قرضن کان بچجي ها

پاڪستان مسلم ليگ ن ماضي جي لاهن چاڙهن بعد 28 مئي کان هڪ نئين سفر ڏانهن اسهي رهي آهي۔نئين سفر جي آغاز کان اڳ پي ايم ايل ن جي  موجوده صدر ميان محمد شهباز شريف پنهنجي سياسي صدارتي عهدي کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ميان محمد نواز شريف لاءِ  صاف رستو فراهم ڪيو اٿس ته جيئن هو پنهنجو مورثي عهدو ٻيهر ماڻي سگهي جيڪو بقول سندس ته اهو عهدو عوام نه پر عدالتن پاران کسيو ويو هو۔ آزاد ڪشمير سميت چئني صوبن جي مک اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي 28 مئي تي لاهور طلب ڪيو ويو آهي جتي هڪ ڪنوينشن وسيلي هڪ گڏيل ٺهراءُ پاس ڪرائي کيس ٻيهر صدر منتخب ڪري سندس خواهش پوري ڪئي ويندي جنهن بعد ن ليگ هڪ نئين بياني سان نئون ساهه کڻندي ۽ سندس اهو بيانيو 28 مئي جي حوالي سان شروع ٿيندو پر شايد ئي ڪامياب وڃي جو هن وقت ملڪ معاشي توڙي سياسي عدم استحڪام جو شڪار آهي ۽ ائٽمي ڌماڪن وارو ن ليگ جو بيانيو هاڻ بي اثر نظر اچي ٿو وري به ڪو نئون بيانيو آندو وڃي۔جهڙي طرح ۽ جنهن انداز ۾ ترازو جا پڙ برابر ڪري عمران خان خلاف انتقامي ڪاروايون ڪيون ويون ۽  کيس هڪ  ئي وقت سون ڪيسن ۾ جڪڙيو ويو آهي ن ليگ جو پنجاب وارو ووٽ بئنڪ متاثر ٿيو آهي جنهن جا نتيجا عام چونڊن ۾ ن ليگ کائي چڪي آهي۔ن ليگ جي موجوده دور حڪومٿ ۾ عدالتن جا جج پاڻ کي غير محفوظ ۽ غير آزاد سمجهن ٿا ۽ ن ليگ خود به اندروني انتشار جو شڪار ٿي چڪي آهي جو انجي مک قيادت پاسيري آهي ۽ پي ٽي آء طرف لاڙو رکي ٿي

ميان صاحب کي ٻيهر ن ليگ جو سربراهه بنائڻ لاءِ  28 مئي جو ڏينهن انهي ڪري منتخب ڪيو ويو آهي جو اهو ن ليگ جو هڪ قسم جو قومي ڏهاڙو آهي جڏهن 1998  ۾ ميان محمد نواز شريف بطور وزيراعظم پنهنجي دور حڪومت ۾ بلوچستان جي علائقي چاغي ۾  پنج ائٽمي ڌماڪا ڪرايا هيا جڏهن ته ڌماڪي جو اصل هيرو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو جنهن ملڪ کي پهريون ڀيرو ائٽمي پلانٽ ڏياريو جنهن جي نتيجي ۾ کيس اقتدار کان هٽائي ڦاهي چاڙهيو ويو ۽ ائٽم بم تيار ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالقدير خان سازشن جو شڪار ٿي وفات ڪري ويو جڏهن ته انجي ڀيٽ ۾ ڀارت کي ائٽمي بم مهيا ڪندڙ سائنسدان ذاڪر نائڪ ملڪ جو صدر بڻيو ۽ اعزاز ماڻيا۔ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ميان محمد نواز شريف ائٽمي ڌماڪا ڪرائي سي پيڪ تحت روڊ رستا ڏنا جيڪي ملڪ جي مفاد وٽان عظيم ڪارناما ته آهن پر ملڪ کي غربت مان ٻاهر ڪڍي نه سگهيو نه وري ملڪ کي ڪو سياسي استحڪام ڏياري سگهيو جيڪو الڳ الميو آ جو ملڪ اڃا تائين آء ايم ايف پيو هلائي انجي قرضن ۾ ڦاٿل آهي مهانگائي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي ۽ سرڪاري ملازم توڙي پينشنر مايوسين جو شڪار آهي

پاڪستان مسلم ليگ ن جو وجود تڏهن پيو جڏهن وقت جي آمر ضياء الحق جو دور حڪومت هو جنهن ۾ پي ايم ايل جو وجود پيو جنهنجو سربراهه وقت جو وزيراعظم مرحوم محمد خان جوڻيجو هو بعد ۾  پي ايم ايل ٻن ڌڙن ۾ ٽٽي جنهن مان جوڻيجو ۽ نواز گروپ ٺهيا۔اڳتي هلي ن ليگ جي ميان محمد نواز شريف کي چونڊن ۾ وڏي اڪثريت ڏياري ملڪ جو وزيراعظم ڪرايو ويو ۽ سنڌ ڄائي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي کي وقت کان اڳ بي ٽو تحت لاهي اهو پيغام ڏنو ويو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏو فرق آهي سنڌ جو وزيراعظم گهڻي دير رهي نٿو سگهي اهو سبب آهي جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جون ٻئي حڪومتون وقت کان اڳ بي ٽو جو نشانو بڻيون ۽ ختم ٿيون جنهن سان ن ليگ کي اڳتي آڻڻ جي هر وقت هر محاذ تي محلاتي ڪوشش ٿيندي رهي۔ن ليگ کي اقتدار ۾ رهڻ جو ايترو ته شوق هيو جو وقت جي چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه ۽ وقت جي صدر سردار فاروق لغاري کي به اقتدار مان هٽايو ويو ۽ بينظير جو به ساڳيو حشر ٿيو جو سندس جي ٻه ڀيرا وقت کان اڳ حڪومت ختم ڪئي وئي جهڙي طرح عمران کي هٽرايو ويو ۽ مٿس سوين ڪيس داخل ٿيا۔ساڳي پ پ پ جيڪا ماضي ۾ ن ليگ جي زيادتين ۽ محلاتي سازشن جو شڪار ٿيندي رهي آهي هاڻ جزوي اقتدار لاءِ  ن ليگ جي مجبور اتحادي بڻيل آهي ۽ کيس صدارت جو عهدو ته مليو پر بلاول ڀٽو وزارت اعظمي وارو پنهنجو خواب پورو ڪري نه سگهيو جنهن لاءِ  ڪوشش ڪئي وئي

ن ليگ سان اتحاد سبب پنجاب ۾ پ پ پ جو وجود شايد ئي رهي يا مستحڪم ٿي سگهي جنهنجا سٺا پراڻا اڳواڻ سردار لطيف کوسو اعتزاز احسن ۽ ٻيا پارٽي مان الڳ ٿي چڪا آهن جنهن سان به پ پ پ کي پنجاب ۾ وڏو ڌڪ لڳو آهي۔پ پ پ کي به روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي جو پنجاب سنڌ ناهي جو وڏيرا کيس ووٽ ڏياري سگهن هتان جا چوڌري سگهارا ۽ عوام ۾ سياسي شعور آهي۔ ن ليگ سان مشرف ۽ باجوا جي دورن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو زيادتيون يا انتقامي ڪاروايون ٿيون انهن جي آکاڻي الڳ الڳ رهي آهي جنهن بعد ن ليگ انهي ڪري به ڪمزور ٿي ۽ پوئتي پئجي وئي جو انجي قيادت وڏو عرصو جيلن ۾ يا جلاوطن رهي جنهنڪري سندس اڳواڻ ن ليگ کي سگهه ڏياري نه سگهيا نه وري ڪارڪنن جي ڪا مالڪي ٿي۔ن ليگ جي بيانئي ۽ مقصدن ۾ اهو تسلسل ناهي جيڪو ماضي ۾ جاري رهيو آهي۔ن ليگ قيادت هن وقت به ادارن ۽ عدالتن کي پنهنجي تابع رکڻ چاهي ٿي ۽ پسند جا فيصلا وٺڻ چاهي ٿي جيئن جسٽس عبدالقيوم جي دور ۾ ٿيو ۽ اهي آڊيوز هن وقت به عوامي رڪارڊ تي موجود آهن جن ن ليگ کي عوامي سطح تي وائکو ڪيو هو۔ن ليگ جي مک قيادت جي روين سبب ن ليگ جي مک اڳواڻ خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل اڳ ۾ ئي  ن ليگ کان رستا جدا ڪري پنهنجي پارٽي ٺاهڻ جي موڊ ۾ آهن ۽ اهي به افواهه آهن ته اهي عمران خان طرف به لاڙو ڪري سگهن ٿا۔ن ليگ پنهنجي روين ڪري پنهنجي اصل طاقت واپس وٺي ناهي سگهي ۽ اهي امڪان آهن ته ڪٿي ن ليگ جو 28 مئي وارو بيانيو به اڌورو رهجي نه وڃي

ن ليگ جي ڪمزور ۽ عوام کان پري هجڻ جو اهو به سبب آهي ته ن ليگ سنڌ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي ننڍي ڪارڪن کي اڪيلو ڇڏيو آهي جن کي نوڪريون ته پري جي ڳالهه پر حوصلو ۽ تحفظ به نه مليو ۽ دربدر رهيو آهي۔سنڌ ۾ عام چونڊن وقت اهي وڏيرا ۽ سردار چور رستي مان گهڙي آيا جيڪي عوام دشمن ڏوهاري قبضه خور هئا يا ماضي ۾ پ پ پ ۽ پي ٽي آء جو حصو رهيا جن کي ن ليگ قبوليو ۽ سنڌ ۾ پروٽوڪول ڏنو اهوئي ڪارڻ آهي جڏهن سنڌ ۾  ميان محمد نواز شريف جي بطور صدر لاءِ  ٺهراء پاس ڪرائڻ لاءِ   ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو اجلاس ڪوٺايو ويو هو ته ن ليگ جي مخلص ننڍن ڪارڪنن پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ اهڙن نون وڏيرن ۽ اڳواڻن جي شموليت تي سخت اعتراض ڪيو هو۔ ننڍن صوبن ۾ ن ليگ کي ملڪي سطح تي جيڪڏهن مضبوط ڪرڻو آهي ته صوبائي سطح تي ننڍن بنيادي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو حوصلو وڌائڻو پوندو چور دروازي کان شامل ٿيندڙ بدنيت ڏوهاري قسم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي حوصله شڪني ڪري ننڍن ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻو پوندو۔سيد غوث علي شاهه محمد اسماعيل راهو لياقت علي جتوئي نوشهروفيروز جي سيدن جتوين ۽ شڪارپور جي مهرن ٺٽي جي شيرازين ٿر جي اربابن  کي ن ليگ ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ لاءِ  ساڻن ڳالهائڻو ۽ پارٽي ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ لاءِ  مڃائڻو پوندو باقي سنڌ جي موجوده ن ليگ قيادت اڪيلي سر ن ليگ کي سنڌ ۾ مضبوط شايد ئي ڪري سگهي جن وٽ هڪ ته حڪومتي عهدا ۽ اختيار ناهن  يا وري اهي ننڍن ڪارڪنن مان مايوسي ختم ڪري ٿا سگهن۔سنڌ ۾ اهي اڳواڻ جيڪي چور دروازن کان ن ليگ ۾ شامل ٿي پراڻن ڪارڪنن کي ذهني ٽارچر ڏين ٿا تن سان لاتعلقي جو اظهار ڪرڻو پوندو۔بيروزگار ڪارڪنن کي وفاقي ادارن ۾ روزگار مهيا ڪرڻو پوندو۔ن ليگ جو نئون سياسي سفر جيڪو 28 مئي کان شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي ن ليگ کي متحد ۽ مضبوط بنائڻ جو ميان محمد نواز شريف لاءِ   آخري موقعو آهي جنهن لاءِ  ڪنهن به غير ضروري وضاحت جي ضرورٿ ناهي پر آئيني ۽ جمهوري انداز ۾ مخالفن سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ انتقامي رويا ترڪ ڪرڻا پوندا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.