قاضي ڇو پيو ڳري شھر جي ڳڻتي ۾!

تحرير: امتياز عالم

محاوري ۾، قاضي شهر جي ڳڻتي ۾ڳري سنھڙو بھ ٿي وڃي تھ ڪھڙو فرق پئي ٿو،پر چيف جسٽس آف پاڪستان کي آئين جي بالادستي، انساني حقن ۽ خود پنهنجي آئيني اداري جي ساک، وقار ۽عظمت  لاءِ سينو تاڻي ميدان ۾ لھڻ گهرجي.ڇاڪاڻ جو اھا ئي آئيني ۽ عوامي منشا آھي ۽ انصاف جي گھرج پڻ.

جڏھن  جسٽس قاضيءَ تي اوچتو مصيبت ٽٽي ھئي تھ، اھو وڏي آن ۽ شان سان سينو سپر ٿي ويو ھو.هاڻي ساٿي ججن تي وقت آيو آهي ۽ عدالت عاليا ۽ عظميٰ جو وقار داءُ تي لڳل آهي. عجيب قسم جو، توهين عدالت جو طوفان متو آھي،مٿان وري پسند ۽ ناپسند سياسي انتها تي آھي. فارم 47 مان فيض حاصل ڪندڙ مسواڙي ڊنڊورچي، ھڪ زبان ٿي ڪري ڇھن شڪايت ڪندڙ معزز ججن ۽ خاص طور تي جسٽس ستار بابر جي تازي، اجائي مداخلت خلاف احتجاج ڪندي ڪپڙن کان ٻاھر نڪتا پيا وڃن.محترم جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي توھين عدالت تي نھايت متحمل نوٽيس جي باوجود، توھين جا ڏوھي ٿيندڙ ملزم نوٽيس ملڻ باوجود قبضي ٿيل ميڊيا تي ”ادارن“ جي اجائي مداخلت تي، ججن جي احتجاج تي،سينو سٽيندي نظر اچي رھيا آھن. پر پنهنجي پروگرام ۾ اينڪر شاهزيب خانزادي ڦيرائي گھيرائي اھو پڇي ئي ورتو تھ  اڳوڻي پاڪ سرزمين جي مجاهد ڪنهن جي اشاري تي اھو ڪم ڪري رھيو آھي،ڪاوڙ ٻاوڙ  اڳي ئي آھي ، جنھن ۾، پنجاهه سالن کان جاگيرداراڻي اسٽيٽس ۾ ڏسندو آيو آهيان، جتي ڪنهن هاريءَ جو قتل ڪيو ويندو آهي يا ڪنهن هاريءَ جي ڌيءَ جي عزت لٽي ويندي آھي تھ اھڙي سنگين ڏوهه ۾ ملوث طاقتور ڏوهاري يا سندس لاٺڙين جو نالو زبان تي آڻڻ،جوابي ستم جي نھ کٽندڙ سلسلي کي دعوت ڏيڻ ھوندو آھي.مظلوم چپ جو روزو رکي جيئري ئي قبر ۾دفن ٿي ويندو آھي. تنهن ڪري، ڏوهن کي لڪائڻ ئي رائج رواج (وھنوار ) ھوندو آھي.ڳجهي ھٿن جي مداخلت کي ڪيرنٿو ڄاڻي. جڏهن ڪو صحافي تنگ ٿي  پنهنجي مهمان کان پڇندو آھي  ٿو ته توهان ڪهڙي ”هٿ“ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، تڏھن جوان ۾ مهمان الٽو سوال ڪندو آھي تھ توهان ئي ٻڌايو، توهان به ڄاڻو ٿا تھ ويچارو اينڪر شرم واري کل سان سوال کي ٽاري ڇڏيندو آھي. ان کي چئبو آهي ”طاقت جي دهشت“! جنھن جي تاثير جو ذائقو چکڻ جي ڪنھن ۾همت آهي؟ جبري گمشدگيءَ  ۾ ھمٿ ڪم اچي ٿي. نھ ڪي منٿ جي.ھيسيل ماڻهو چپ جي روزي ۾ ئي عافيت  ڄاڻندا آهن.

معاملو ڇهن معزز ججن جي گناھ بي لذت  تائين محدود ناھي رهيو.قھر ۽ ظلمن جي شڪار ،پُر جلال منصفن جي شڪايتن جي ٻوڏ اچي وئي آھي.  رڳو وڪيل گردي  جي نھ، بلڪ هر سطح جي طاقتورن جي لامحدود ظلمن جون به شڪايتون آهن. سموريون هاءِ ڪورٽون هڪ آواز ٿي فريادي بڻجي ويون آهن. ھاڻي انھن مٿان ڍڪڻ  ڍڪي تھ ڪير ڍڪي،آتش فشان ڦاٽڻ وارو آهي. جيڪڏهن سڀئي متاثر جج  صاحبان قطار اندر قطار کليل نموني سامھون ٿي بيٺا ته پوءِ پراڪسيز توپچين جي توپن ۾ وڌل بارود آلو ٿي ويندو.

جھڙي طرح آزاد ڪشمير جي متحدھ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ڪامياب عوامي مزاحمت  جي اڳيان سڀئي ڍير ٿي ويا ۽ عوامي مطالبا مڃڻا پيا، پر احتجاج ختم ٿيندي ئي زبان کوليندڙن جي زبان بند ڪرڻ جو سلو ھلي پيو، جيئن ڪشميري شاعر احمد فرھاد جي ”جبري گمشدگي“ اهڙي طرح ئي اعليٰ عدليا ۽ ضلعي عدليا جا ججن صاحبان جي خلاف ھڪڙي زهريلي مهم هلائي پئي وڃي ۽ انصاف واري وزارت ۽ بچاءَ واري وزارت جي ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ به  کلي ڪري سامھون اچي رهيو آهي ۽ حڪومت جو ھوش ختم ٿي ويو آھي.

صورتحال مان اھو ظاھر  آھي ته جنهن کي ”مقتدرا“ چئبو آهي، اھا بھ عرصي کان ميڊيا ۾”رياست“ جي نالي سان سڏي ويندي آهي، جيڪو رياست جي آئيني تشريح جي خلاف آهي، اھا ورهائجي وئي آهي. عدليا اندر به اختلاف آهن ،عدليا ۽ بچاءَ واري کاتي ۾ به ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. اهڙو ئي هڪ مرحلو جنرل پرويز مشرف ۽ چيف جسٽس افتخار چوڌري جي وچ ۾ جھيڙي جي صورت ۾ سامھون آيو ھو.جنھن بعد عدليه جي ”آزادي“ جي تحريڪ ايتري ڪامياب رھي جو اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري پارليامينٽ ۽ انتظاميا کي مات ڏئي طاقتور ٽرائيڪا جو ھڪ مرڪز بڻجي ويو ۽ ھن ھڪڙي ئي جھٽڪي ۾ چونڊيل وزير اعظم کي گهر موڪلي ڇڏيو. عام طور تي چونڊيل حڪومتون، عدالتن جي ھٺ ڌرمي اڳيان جھڪنديون رھيون. پوءِ جنھن طرح سان  چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ سندس ساٿين  وزيراعظم نواز شريف کي نھ رڳو نااهل قرار ڏنو بلڪھ 2018 جي گرينڊ الڪٽرل فراڊ جو حصو بڻجڻندي نوازشريف کي چونڊن کان ڪجهھ ڏينھن اڳ ڊگھي سزا ڏئي ڇڏي. اهڙي طرح عمران خان ۽ تحريڪ انصاف سان طاقت ذريعي جيڪو زوري انصاف ٿي رھيو آھي اھو سڀني جي سامهون آهي. اهڙي طرح سياست ۾ عدليا جي سرگرم مداخلت سبب خود عدليا پڻ ورهائجندي وئي،  نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف پنهنجي پاڻ ۾ دشمني ۽ توهين جو نشانو بڻايو. ان کانسواءِ قاضي فيض عيسيٰ هڪ ايماندار ۽ آزاد جج طور سامهون آيو ۽ ھن فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ذميوار قرار ڏيڻ جي جرعت ڪئي. چيف جسٽس ٿيڻ تي ھن مان وڏيون اميدون وابستا ٿي ويون ۽ خود  سپريم ڪورٽ جي اندر ھن ڪافي مناسب  سڌارن جي شروعات ڪئي. جيتوڻيڪ هن چونڊون ڪرائڻ کي يقيني بڻايو، پر بدقسمتيءَ سان ھن هڪ هائيبرڊ رجيم جي جاءِ تي ٻي ھاءِبرڊ رجيم پلس جي لاءِ مقتدرا جي وڏي اسڪيم جو حصو بڻجندي اليڪشن ڪميشن جي تحريڪ انصاف جي چونڊ عمل مان ھڪ جماعت طور

ٻاھر رکڻ واري سازش کي روڪي نھ سگھيو ۽ قانون، ضابطن جي لفظي تشريح جو شڪار ٿي ويو ۽ تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان کسڻ جي غير جمهوري ڪوشش تي مهر لڳائي ڇڏي. هن جي لاءِ بھ سنڀلڻ ۽ توازن بحال رکڻ جي وڏي ذميواري آھي. سندس اڳواڻيءَ ۾ سپريم ڪورٽ کي، ڇهن ججن جي شڪايت سميت عدليا جي خودمختياري۽ شفافيت لاءِ ڏورانهن سڌارن لاءِ اهم فيصلا ڪرڻا پوندا، جنهن ۾ نه رڳو عدليه جي معاملن ۾ انتظاميه جي مداخلت ۽ ان کي روڪڻ شامل آهي.پر  عدليه جي ۾ ڀرتي جي انتظامي ۽ ججن جي احتساب جي لاءِ نه رڳو هڪ اداري جي حيثيت سان فل ڪورٽ کي اهم فيصلا ڪرڻا پوندا آهن پر ڪيل غلط ڪمن کي درست ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ کي سفارشون پڻ موڪلڻ گهرجن. 19 هين ترميم جي غلطي. نه گهرجي. پارليامينٽ جي بالادستي ۽ عوام جي ووٽن جي حقن جي تحفظ ۽ آئين جي بالادستي جي عظيم محافظ جي حيثيت سان ڪيترن ئي ڪيسن کي جلدي ٻڌڻو پوندو ۽ تاريخي فيصلا ڪرڻا پوندا.

هن کي آڪٽوبر ۾ پنهنجي بروقت رٽائرمينٽ جو اعلان پڻ ڪرڻ گهرجي. اندروني صورتحال تي وزير اعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پاران ادارن کي مفاهمت لاءِ صدر جي طرفان جرگي طلب ڪرڻ جي تجويز ساراهه جوڳي هجڻ باوجود غير آئيني آهي.معاملن جو حل صفا سادو آهي، هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهڻ گهرجي ۽ هر اداري جي سربراهه، خاص ڪري فوج جي سربراهه کي پنهنجي اڳوڻن طرفان ڇڏيل غلط روايتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ گهرجي.سياستدانن کي سياسي اختلافن کي جمهوري طريقي سان ڳالهين سان حل ڪرڻ گهرجن ۽ سياسي مخالفن خلاف غير آئيني هٿيار بڻجڻ بدران عوام جي ووٽن جي بحالي ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ ميثاق آئين و جمهوريت لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪن. الله الله خير صلھ..

 

هن کي آڪٽوبر ۾ پنهنجي بروقت رٽائرمينٽ جو اعلان پڻ ڪرڻ گهرجي. اندروني صورتحال تي وزير اعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پاران ادارن کي مفاهمت لاءِ صدر جي طرفان جرگي طلب ڪرڻ جي تجويز ساراهه جوڳي هجڻ باوجود غير آئيني آهي.معاملن جو حل صفا سادو آهي، هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهڻ گهرجي ۽ هر اداري جي سربراهه، خاص ڪري فوج جي سربراهه کي پنهنجي اڳوڻن طرفان ڇڏيل غلط روايتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ گهرجي.سياستدانن کي سياسي اختلافن کي جمهوري طريقي سان ڳالهين سان حل ڪرڻ گهرجن ۽ سياسي مخالفن خلاف غير آئيني هٿيار بڻجڻ بدران عوام جي ووٽن جي بحالي ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ ميثاق آئين و جمهوريت لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪن. الله الله خير صلھ..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.