افغانستان خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ڪوهلي انگلينڊ جي دوري لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ هوندو يا نه؟ اهم خبر اچي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ڀارتي ڪپتان ۽ اسٽار ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ڀارتي اسڪواڊ ۾ واپسي ڪري سگهي ٿو.
واضح رهي ته آءِ پي ايل 2026 جي فائنل ميچ دوران هيمسٽرنگ انجري سبب ويرات ڪوهلي افغانستان خلاف شروع ٿيندڙ ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو هو.
بي سي سي آءِ جي طبي ٽيم طرفان کيس آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو هو، جنهن ڪري هو سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ حصو نه وٺي سگهندو.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ موجب، ويرات ڪوهلي جي واپسي 14 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز ۾ متوقع آهي، جنهن لاءِ هو ريهيبيليٽيشن جو عمل مڪمل ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.