لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم ڪين وليمسن جي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ تي کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
ليجنڊري بيٽر ۽ اڳوڻي ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن جي رٽائرمينٽ تي سڄي دنيا مان سندس مداحن ۽ ساٿي رانديگرن طرفان پيغام موڪليا پيا وڃن.
ان ڏس ۾ پاڪستاني اسٽار بابر اعظم به سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ڪين وليمسن کي سندس شاندار ڪيريئر تي ڀيٽا پيش ڪئي.
بابر اعظم لکيو ته ”ڪين وليمسن! توسان گڏ کيڏڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه هئي، هر مقابلي مون کي ڪجهه نئون سيکاريو، تون هن راند کي ان کان بهتر حالت ۾ ڇڏي وڃين ٿو جنهن حالت ۾ تو ان کي پاتو هو. ان اعليٰ معيار لاءِ تنهنجي مهرباني جيڪو تو قائم ڪيو، چيمپيئن! رٽائرمينٽ مبارڪ هجي.“