غزا ۾ رتوڇاڻ ڪرائڻ  بجاءِ عمل جوڳو حل ڳوليو وڃي

وچ اوڀر ۾ صورتحال وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ سنگين ٿي رھي آھي.عالمي طاقتن جي ضد سبب تاحال غزا جي ننڊڙي علائقي ۾ ناڪابندي ڪيل لکين بي ياورمددگار کي ڪنھن بھ پاسي کان ڪا مدد نھ ملي آھي.ويتر آمريڪا ۽ سندس ساٿاري ملڪن پاران اسرائيل کي اھو چئي ھشي ڏني پئي وڃي تھ ”حماس جي ڪارروائي بعد اسرائيل کي دفاع جو حق حاصل آھي“ عالمي اڳواڻ جي اھڙي غيرذميواري واري رويي جي ڪري اسرائيل غزا جو گھيرو جاري رکيو پيو اچي.جنھن سان ان خطي ۾ کاڌي پيتي جي شين سان گڏ علاج معالج جي سمورين سھولتن توڙي دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آھي.

دنيا جي اڳواڻن جو ان کان وڌيڪ ٻيو بي حسي وارو رويو ڪھڙو ٿي سگھي ٿو، جو انھن غزا ۾ لکين بي ھٿيار ماڻھن جا سمورا رستا بند ڪري پوءِ انھن کي چيو ٿو وڃي تھ ”اتان نڪري وڃو“.دنيا ۾ فوجي طاقت رکندڙ ملڪ اسرائيل سان گڏ آھن،خاص طور تي آمريڪا ان معاملي ۾ ھر قدم تي اسرائيل جي قيادت کي ڀڙڪائي رھيو آھي.جنھن سان سموري دنيا ۾ نفرت جي ھڪ نئين باھ ڀڙڪي پئي.آمريڪي شھري مسواڙ تي رھندڙ ھڪ فلسطيني ٻار ۽ ان جي ماءَ تي اھو چئي حملو ڪيو ھو تھ ”انھن کي جئيڻ جو ڪو حق نھ آھي“ ھن کان اڳ آمريڪي صدر جو بائيڊن جو حماس پاران ھڪ سئو ٻارڙن کي قتل ڪرڻ واري ڪيل ڳالھھ بھ وڏو ممڻ مچائي ڇڏيو.اھا ڳالھھ سراسر ڪوڙ تي ٻڌل ھئي.ھڪ سپر پاور جي اڳواڻ جي اھڙي غيرذميواري واري بيان مان سندس اندر ۾ پيدا ٿيل ولوڙ جو پتو پئجي سگھي ٿو.

ھن وقت غزا ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري ويو آھي. اسرائلي حملن ۾ شهيد فلسطينن جو انگ ٽن هزارن کان وڌي ويو آهي. هزارين فلسطيني زخمي ۽ ڏهه لک کان وڌيڪ بي گهر ٿي ويا آهن. اسرائيلي فوج طرفان 250 هٿين خالي فلسطينن کي دوکي سان قتل ڪرڻ واري منظر دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. اسرائيل پنهنجي ئي ڏنل مهلت دوران لڏپلاڻ ڪندڙن تي حملو  ڪري رھيو آھي ۽ آمريڪي نشرياتي اداري اسرائيل جي محفوظ رستن واري ڪوڙ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن.

اسرائيلي بربريت سبب اسپتالون به محفوظ ناهن رهيون، صيهوني هوائي فوج غزا جي عرب نيشنل اسپتال تي به حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ ڊاڪٽر پڻ  شهيد ٿي ويا. جڏهن ته رفح ڪراسنگ ۾ موجود اسپتال کي به خالي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.

ٻئي پاسي اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطنين جا مڙهه رکڻ لاءِ اسپتالن جي مرده خانن ۾گنجائش ختم ٿي وئي آھي. شهيدن جا مڙهه ٽرڪن ۽ ريفريريٽر گاڏين ۾ رکيا پيا وڃن .  آمريڪي پرڏيهي کاتي دعويٰ ڪئي آهي ته حماس جي حملن ۾ مارجي ويل آمريڪين جون انگ ٽيهه ٿي ويو آهي ۽ تيرنهن آمريڪي اڃا گم آهن.

اسرائيلي فوج موجب، حماس 155 اسرائيلن کي يرغمال بڻايو آهي، ان کان اڳ يرغمالي اسرائيلن جو انگ 126 ٻڌايو ويو هو. اسرائيلي بمباري ۾ بي گهر ٿيل غزه جا لکين فلسطيني مصر جي سرحد تي گڏ ٿي رھيا آھن. اسرائيل پاران غزه جي ناڪابندي سبب لکين فلسطيني بک، بيمارين، پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏين پيا.  پرڏيهي خابرو ادارن موجب آمريڪا، اسرائيل ۽ مصر متاثر فلسطينين جي لاءِ رفح جي سرحد کولڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. مصر سان لڳندڙ سرحد رفاح تي هزارين فلسطيني مصر جي سرحد کلڻ جي انتظار ۾آهن.

گڏيل قومن جي انساني امداد واري اداري اسرائيل کي غزا جو ڪڙو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.  يو اين آر ڊبليو اَي جي سربراهه فلپ ليزرني چيو آهي ته غزه ۾ زندگيءَ جو تصور ختم ٿيندو پيو وڃي.اسرائيلي فورسز نھ لڏپلاڻ ڪندڙ فلسطيني شھرين  کي پر ايمبولسن کي به نشانو بڻائي رھيون آھن،نھ رڳو ايترو پر انھن جي حملي کان عالمي ادارن جون مددگار تنظيمون ۽ انھن جا ورڪرز پڻ محفوظ نھ آھن.

عالمي ميڊيا ۾ جاري مسئلي امڪاني حل بابت سامھون ايندڙ حل ۾ ھڪ تھ غزا مان حماس کي ختم ڪرڻ،غزا جو ڪنٽرول فلسطيني اٿارٽي حوالي ڪرڻ ۽ غزا وٽ ڪنھن بفر زون قائم ڪرڻ جي تجويزن تي بحث جاري آھي.تاحال غزا جي صورتحال ۾ ڪنھن بھ خاص تبديلي يا ان جو حل نھ نڪري سگھيو آھي.

غزا ۾ جاري اھڙي صورتحال ۾ دنيا جي طاقتور  ملڪ سمورا انساني حق ۽ انساني قدر وساري ڇڏيا آھن،جنھن موجب ھر انسان کي مرضي موجب جيئن جو حق آھي.ھتي طاقتور ملڪ ھن ننڊڙي تنظيم جي آڙ ۾ جيڪو ڪجھھ ڪري رھيا آھن، ان سان دنيا ۾ وڏي جنگ پيدا ٿيڻ جو خطرو پڻ موجود آھي.

ھئڻ تھ ائين گھرجي جو دنيا جي طاقتور ملڪن کي ھي جنگ وسائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي پر ھن وقت تائين جي صورتحال مان اھو ثابت ٿي رھيو آھي تھ ھر ملڪ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ چاھي ٿو ۽ دنيا ۾ مھذب ھئڻ جو چوغو پائي ٻين کي انسانيت جو درس ڏيندڙ ڌريون ھن وقت اھي سمورا قاعدا ۽ قانون وساري ڇڏيا آھن،بلڪھ انھن کي بي شرمي سان لتاڙي رھيا آھن.جنھن جو دنيا جي نقشي تي اڄ نھ تھ سڀاڻي خطرناڪ ۽ منفي اثر پوڻو آھي.

دنيا جي ملڪن کي فوري طور تي غزا ۾ انسانن سان ھن ايڪيھن صديءَ ۾ ٿيندڙ ظلم کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ عملي طور تي اڳيان اچڻ گھرجي جئين پھرين غزا جي پٽي ۾ جنم ورتل انساني الميي کي روڪي سگھجي ان کانپوءِ معاملن  کي درست ڪرڻ جي لاءِ ڳالھيون ڪري ھڪ مثبت حل ڳوليو وڃي.

مسلم ملڪن تي پڻ اھو بار آھي تھ اھي اڳتي اچي ڪري سفارتي ڪوششون ڪري ھن علائقي ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي لاءِ عمل جوڳي حل ڏانھن وڌن.ھن وقت ايران کانسواءِ ڪو ٻيو ملڪ سڌي ريت فلسطينن جي حمايت ۾ کليل نموني سامھون نھ اچي رھيو آھي.

اھو درست آھي تھ ھن صديءَ ۾ ھر انسان ٻئي تي ڀاڙي ٿو، ھڪ ملڪ ٻئي تي ڀاڙي ٿو پر ان جو عمل جوڳو ڪو حل ضرور ھوندو.جنھن کان اھي طاقتور ملڪ ھڪ عرصي کان نٽائي رھيا آھن ۽ گڏيل قومن جي عمل جوڳين قراردادن کي تي بھ عمل ڪرائڻ بجاءِ انھن کي نظر انداز ڪري رھيا آھن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.