سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن کي صاف شفاف بڻائڻ جو سوال

تحرير: مدثر بيدار چانڊيو

اها ڳالھه  نئين ڪونهي ته صرف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) جا هن ڀيري پيپر وقت کان اڳ آؤٽ ٿيا آهن پر اڳ به ٿيندا رهيا آهن. يا ڪرپشن ڪرپشن جو لفظ ٻڌي ڪن ئي پچي پيا هوندا. تازو ئي 2 مئي تي سيڪنڊري اسڪول ٽيچر (SST) ٻيهر ٽيسٽ ورتي وئي جنهن ۾ 2300 سيٽن جي لاءِ لڳ ڀڳ ٽن لکن کان مٿي شاگرد توڙي شاگردياڻين پنهنجي قسمت آزمائي. ياد رهي گذريل ڀيري فيبروري مهيني ۾ اها ٽيسٽ پيپر ليڪ ٿيڻ سبب، سمورا پيپرز سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران  ڪينسل ڪري ڇڏيا هئا. هن ڀيري به ساڳي ئي صورتحال رهي آهي پر ان جو اثر ايترو خاص نه پيو آهي.

2 مئي تي لاڙڪاڻو  پي ٽي ايس گرائونڊ ۾ ايوننگ واري شفٽ ۾ جنرل ڪيٽيگريءَ جي  منهنجي ٽيسٽ هئي ان ٽائيم  سلپ تي 2 بجه لکيل هو ۽ اسان کي اندر ساڍي ٽي وڳي امتحاني حال ۾ ڇڏيو ويو. جيئن ئي پهتاسين ته ڪو به سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو انويجيلٽر نظر نه آيو، ۽ نه ئي ڪو اهڙو خاص نظام جتي شاگردن کي  صحيح معنيٰ ۾ رهنمائي ڏئي سگهن، ۽ اهڙو  سرگرم ماحول نه هو چيڪنگ کان ويندي ٽيسٽ تائين، جيڪي به انويجليٽر مٿان بيٺا هئا اهي مقامي هئا ۽ وڏي ڳالھه  اها آهي ته انهن جي ئي کيسي ۾ موبائلز هيون ۽ ڪجھه  دوستن کي ڪاپي ڪرائڻ ۾ به گهٽ ڪونه ڪئي. هوئنن ته ٿيڻ ائين گهرجي ته حال ۾ جيئن ئي عملو داخل ٿئي ته انهن کان موبائلز ورتيون وڃن ته جيئن هو پنهنجي نظر پيپر ڪندڙن تي صحيح معنيٰ ۾ رکي سگهن.

بحرحال! ٽيسٽ اڃان  شروع ئي ڪانه  ٿي هئي ته ڏھ منٽ اڳ ڪوسچن پيپرز کي کوليو ويو ۽ ان جي تصويرون به نڪري ويون، هاڻي اها ڳالھه  ڪا عام ڪونهي يا چوڻ تائين محدود ڪونهي ته خير آ ائين ٿيندو رهندو آهي. ان دوران اسان اهو لمحو ڏسي رهيا هئاسين جڏهن ته اسان کي ڪجھه  منٽن کان پوءِ پيپر ڏنو ويو ۽ بعد ۾ انويجليٽرز کان موبائل ورتيون ويون. افسوس جهڙي ڳالھه  آهي اها عام ڳالھه  ڪونهي. ان بابت ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا. بظاهر ته سوشل ميڊيا تي من گهڙت ڳالهيون هجن پر جيڪڏهن ههڙين ڳالهين توڙي واقعن کي سامهون ڏسجي ٿو ته ڪجھه  حقيقت آهي. تڏهن ته هر اميدوار پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري ٿو.

مٿي اسان ڪجهھ ڳالهيون لکيون آهن جيڪي ٽيسٽ دوران ٿيون آهن منهنجي خيال ۾ اها افسوس جهڙي ڳالھه  آهي هيڏو سارو ادارو ان جو عملو ۽ پيپر ليڪ ٿيڻ غير ذميواري آهي، ۽ سوشل ميڊيا تي افواھ آهن ته سيٽون اڳواٽ ئي کپي ويو آهن پر سيٽون کپڻ واري وائرل خبر پنهنجي جاءِ تي پر ڪوسچن پيپر کپيا آهن ڇو ته انهن جون تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن، هڪ ڇوڪري جي هٿن جي تصوير آهي اها پيپر کي اڳواٽ حل ڪري رهي آهي ۽ هڪ ٻئي تصوير به آهي هڪ شخص رليءَ تي پيپر حل ڪري رهيو آهي جنهن تي سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هلڻ شروع ٿي ويو ته (رلي ڪميشن)  ڇو ته جڏهن به ٽيسٽ ٿيندي آهي ته ٽيسٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪوسچن پيپر واپس ورتو ويندو آهي ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اڳواٽ پيپر ڪنهن جي گهر پهچي ۽ اول حل ڪري پوءِ ٽيسٽ ۾ ويهي ۽ صاحبان گهڻي ڀاڱي ائين ئي ٿئي ٿو. جيڪي نوجوان سڄو سڄو ڏينهن  محنت ڪري ٽيسٽ ڏين ٿا اهي پٺتي رهجي وڃن ٿا.

پر  هتي مان ان ڳالھه  جي تصديق به ڪندو هلان ته جيڪي ڪوسچن پيپرَ ٽيسٽ کان اڳ ئي ليڪ ٿين ٿا آخر ادارو ان جي تصديق ڇو نٿو ڪري يا ڪٿي ائين ته ناهي جيڪي پيپرَ رات جي وقت يا هڪ ڏينهن اڳ ٻين ضلعن تائين پهچن ٿا ڇا اتان ته ليڪ نٿا ٿين، ٿي سگهي ته اتان  جو عملو ملوث هجي. پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو پيپر هن ڀيري به ليڪ ٿي ويو. چار مئي  ايوننگ، مارننگ شفٽ، جنرل سائنس ڪيٽيگري وارو پيپر ٽيسٽ کان اڳ ليڪ ٿي ويو، پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران تصديق ڪئي ته اهي بي بنياد ۽ ڪوڙيون خبرون آهن ان جي ڪا به حقيقت ناهي ۽ محض سوشل ميڊيا تي اداري کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ خبرون ڦهلايون وڃن پيون. محترم سائين بلڪل بي بنياد خبرون هجن پر جيڪو منظر سامهون نظر اچي ٿو ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيتري غير ذميواري آهي جو پيپر ٽيسٽ کان اڳ ليڪ ٿي وڃي ٿو.

ليڪ واري معاملي تي ڀروپور تصديق ٿيڻ گهرجي هر ڀيري ائين ڇو ٿو ٿئي انهن ڳالهين سان اسان جي نوجوانن جو ذهن ان ڳالھه  تي فٽ ٿي ويو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن معنيٰ ڪرپشن ۽ پئسا آهن جيڪڏهن توهان وٽ پئسا آهن ته سيٽ وٺو جيڪڏهن پئسا ناهن ته ٽيسٽ ڏيڻ ئي اجائي آهي ۽ وقت جو ذيان آهي.

ڳالھه  اها آهي ته ههڙو سارو ادارو جيڪو هڪ نه بلڪه لکين ڪروڙين شاگردن جي اميد آهي هر اميدوار ٽيسٽ جي پئٽرن موجب تياري ڪري ٽيسٽ ڏئي ٿو ۽ اتي ڪجھه  ماحول ئي ٻيو هجي ته اها سراسر نا انصافي چئبي.

گذريل سال فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن اداري جي اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر پاران سي ايس ايس جي رزلٽ تبديل ڪرڻ تي واويلا مچي ويا هئا جنهن تي ترت ئي جوڳا اپاءُ ورتا ويا جنهن تي اداري پاران رپورٽ جاري ڪئي وئي جنهن ۾ ٻن شاگردن جو نتيجو تبديل ڪري ٻين کي انٽرويو ۾ ويهاريو ويو. ان خبر پوري پاڪستان ۾ هلچل مچائي ڇڏي البته، پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڪيترائي ڏينهن بحث پئي هليو نتيجو اهو نڪتو ته ان کان اڳ به ائين ٿيندو رهيو آهي ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪيس  وڌيڪ هوندا جيڪي ظاهر نٿي سگهيا آهن. هاڻي پاڪستان جي وڏن ادارن توڙي پروائينشل ليول تي امتحان هجي ۽ ان ۾ هير ڦار هجي شايد اهو هڪ وڏو گناھ آهي لکين ڪروڙين اميدوارن جي اميدن تي پاڻي ڦيرڻو آهي.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ادارو جيڪڏهن صاف شفاف ٽيسٽ وٺي ٿو ته ان ۾ ڪجھه  تبديلون آڻي، ٽيسٽ ٿئي ته ٽيسٽ وٺندڙ ٽيم هر روز تبديل هجي ۽ گهڻي ڀاڱي والٽنيئرز ٽيم ٺاهي وڃي جن کي مهينو اڳ ٽيسٽ کان پهريان ٽرينگ ڏني وڃي ۽ چيڪنگ جو عملو پڻ سخت هجي ڪو به ماڻهو هيڏي هوڏي نه ڏسي سگهي، ۽ اهي ماڻهو هجن جيڪي ڪنهن کي سڃاڻي نه سگهن “ ڇو ته ٽيسٽ دوران جيڪڏهن ماڻهو ڪنهن کي سڃاڻي ٿو ته اتي ڪاپي ڪرڻ ۾ ڪيٻائي نٿو.  مثال طور جيڪڏهن لاڙڪاڻي ۾ ٽيسٽ هجي ته اتي جو عملو حيدرآباد ڪراچي جو هجي، ائين ٻين هنڌن تي به  مختلف ماڻهو ويهاريا وڃن ته جيئن ڪنهن به ڪاپي، يا ليڪ پيپر ٿيڻ جو سسٽم نه ٿي سگهي.

جيڪڏهن خبرون وائرل ٿين ٿيون اداري جي خلاف انهن جي صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي جيڪڏهن حقيقت ناهي ته انهن ماڻهن کي ڪڙَي سزا ڏني وڃي ڇو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ وڏو ادارو آهي ۽ پنهنجي ساک کي برقرار رکڻ جي لاءِ جوڳا اپاءُ وٺڻ گهرجن هر ڀيري پيپر ليڪ ٿيڻ، ۽ ناقص ڪارڪردگيءَ تي ڪيترائي سوال جنم وٺي رهيا آهن. بحرحال جيڪي به ڳالهيون ٿين ٿيون انهن تي سختي سان ايڪشن وٺڻ گهرجي ڇو ته اڄڪلهھ سوشل ميڊيا جو دور آهي ڳالھه  ڪڏهن به لڪي ڇپي نٿي سگهي. ادارو اهڙين خبرن تي ميٽنگ ڪوٺائي لکين اميدوارن جي حوصلا افزائي ڪري ته جيئن هُو هر ڀيري پنهنجي ڪيرئير جي لاءِ پرعزم رهن.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.