آڪٽوبر جو مهينو، جيئن هميشه ڪراچيءَ لاءِ گرمي ۽ تپش جو پيغام کڻي آيو آهي، پر هن ڀيري اها تپش رڳو موسم تائين محدود نه رهي آهي؛ ملڪ جي سياسي ۽ سماجي حالتن ۾ به هڪ عجيب قسم جي گرمي پکڙجي وئي آهي، جيڪا ايندڙ نومبر جي انديشن سان گڏ وڌندي پئي وڃي. دل ڏاڍي اداس ٿئي ٿي جڏهن ڏسون ٿا ته آزاد ڪشمير ۾ عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ ٽڪراءُ جون حالتون پيدا ٿي ويون آهن. اها ڌرتي، جيڪا هميشه صبر، شڪر ۽ درگذر جي علامت رهي آهي، اڄ احتجاجن ۽ مزاحمتن جي ور چڙهيل آهي. عوامي ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻي ۾ اُهي ماڻهو پنهنجي ئي حڪمرانن سان مهاڏو اٽڪائي بيٺا آهن، جن جي اميدن جو مرڪز هميشه اهو شعر رهيو آهي:
مرے وطن تیری جنت میں آئیں گے اک دن
ستم شعاروں سے تجھ کو چھڑائیں گے اک دن
پر افسوس، هاڻي انهن جو رخ ڪنھن ٻاهرين ظلم ڏانهن نه، پر پنهنجي ئي حڪمرانن جي بي حسي ڏانهن ٿي ويو آهي. ڪيترن مهينن کان ڏک ۽ ڏمر جون چڻنگون اٿي رهي هيون، پر جيئن ته اسان جا حڪمران تيسائين جاڳن ئي نٿا، جيستائين باهه ڀڙڪي نٿي، سو نتيجو اهو ٿيو جو هاڻي شعلا هر طرف ڦهلجي ويا آهن. اسان جا حڪمران پنهنجن پروازن ۾ گم آهن. 1985ع کان پوءِ حڪمرانن ۽ عوام وچ ۾ جيڪي فاصلا پيدا ٿيا هئا، اهي هاڻي تڪرارن ۽ بي اعتمادي جي ديوار بڻجي چڪا آهن. اپريل 2022 ۽ فيبروري 2024 ۾ جيڪي نوان سيٽ اپ ٺهيا، تن جي پاڙن ۾ عوامي اعتماد جي ڪا مٺ مٽي به ناهي. حڪمران پاڻ به ڄاڻن ٿا ته سندن طاقت جو سرچشمو عوام نه پر اهي آھن، جيڪي پٺيان کان نظام هلائين ٿا.
هجڻ ته ايئن گهرجي ته ماڻهو پنهنجن ٻارن، پوٽن ۽ نياڻين سان گڏ ويهي، سماجي ۽ قومي مسئلن تي ڳالهائين. پر افسوس ته اسان وٽ اهڙي فڪر جي کوٽ آهي. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مسئلا وڌن پيا، بلوچستان ۾ گم ٿيل نوجوانن جي مائرون روئين ٿيون، سنڌ ۽ پنجاب پاڻيءَ لاءِ ويڙهن ٿا، غزه ۾ انسانيت رت ۾ لت پت آهي ۽ دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي. غزه لاءِ امدادي سامان کڻي ويندڙ قافلي تي به اسرائيلي بمباري ٿي آهي. پاڪستان جا رضاڪار، جن ۾ اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان به شامل آهي، گرفتار ٿيا آهن. پر اسان جي حڪمرانن جو ڌيان رياض ۽ واشنگٽن تائين محدود آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاهدا ٿين ٿا، پر ملڪ اندر سلامتي ۽ انصاف جا بنياد بنهه ڪمزور بڻيل آهن. اهو وقت آهي ته اسلام آباد جا حڪمران جاڳن، خاص طور تي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جهڙن حساس علائقن بابت سنجيده ٿين. اهي علائقا نه رڳو سياسي پر قومي لحاظ کان به انتهائي نازڪ آهن. انهن تي اسان جي ازلي دشمن هندستان جي نظر هميشه رهي ٿي. ڪو به ننڍڙو تڪرار يا احتجاج اتي چڻنگ بڻجي سگهي ٿو، جنهن کي دشمن باهه ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪندو. تنهن ڪري حڪمرانن لاءِ ضروري آهي ته اهي انهن علائقن جي ذميوارين کي چند مشيرن يا وزيرن جي حوالي نه ڪن، پر اتي اهڙا نمائندا آڻين، جن جي پاڙ پنهنجي ماڻهن ۾ هجي.
لے سانس بھی آہستہ کہ نازک ہے بہت کام
آفاق کی اس کارگہ شیشہ گری کا
اها قوم جي مستقبل بابت خبرداري آهي. وزيراعظم کي مڃڻو پوندو ته جڏهن آزاد ڪشمير جون حالتون خراب ٿيڻ لڳيون، تڏهن سندن نظرون رياض ۽ واشنگٽن جي دوري تي هيون. مشيرن وٽ وقت ئي نه هو ته اهي وڌندڙ گرمي کي محسوس ڪن ۽ هاڻي وري اهي ئي ماڻهو صورتحال سنڀالڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. پر حالتن کي عارضي طور سنڀالڻ نه پر مستقل حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو وقت پاڪستاني رياست جي بصيرت جي آزمائش آهي. عالمي سازشن ۽ خطي جي نازڪ حالتن کي ڏسندي ايندڙ ويهين سالن لاءِ هڪ مضبوط حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي. صرف حڪمران پارٽين سان نه، پر آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي دانشورن، يونيورسٽي جي وائس چانسلرن ۽ دنيا ۾ موجود ڪشميري عالمن سان صلاح مشورا ٿيڻ گهرجن.
هاڻي ڳالهه رڳو احتجاجن تائين محدود نه رهي آهي، پر اها اعتماد جي بحاليءَ تائين پهچي وئي آهي. ضروري آهي ته آزاد ڪشمير ۾ اهڙا حڪمران آندا وڃن، جيڪي پنهنجي ماڻهن جي مزاج، ثقافت ۽ تاريخ سان آشنا هجن ۽ جن جو دارومدار پنهنجي ئي ماڻهن جي تائيد تي هجي، نه ته اقتدار جي ڪرسي رڳو اهڙن لاءِ عارضي آرامگاهه بڻجي ويندي. ٻئي پاسي، غزه ۾ ظلم ۽ بربريت پنهنجي انتها تي آهي. امدادي قافلن تي حملا، عورتن ۽ ٻارن جي بي دردي سان قتل عام ۽ دنيا جي وڏين طاقتن جي منافقاڻي خاموشي انسانيت جي پيشانيءَ تي بدنما داغ بڻجي چڪي آهي. عالمي راءِ عامه جي باوجود، نيتن ياھو کي پرواهه ناهي. سندس ارادو آهي ته غزه کي ”مشرق وسطىٰ جو نئون هانگ ڪانگ“ بڻائي، جتي عياشي، جوا ۽ بربادي جو راڄ هجي. بيٺل بيروت کي اجاڙي، غزه کي نئين تجارتي جنت ۾ بدلائڻ جو خواب ڏسي رهيو آهي. ٽرمپ ۽ نيتن ياھو ٻنهي جي اتفاق سان اهڙو ”امن منصوبو“ تيار ڪيو پيو وڃي، جيڪو لاشن تي تعمير ٿي رهيو آهي.
غزه، جيڪو صرف هڪ زميني پٽي ناهي، پر هڪ تاريخي خطو آهي جتي 16 لک فلسطيني تنگ حالتن ۾ جيئڻ تي مجبور آهن، دنيا جي سڀ کان وڏي ”اوپن ايئر جيل“ بڻيل آهي. 332 ق.م کان وٺي هي خطو مختلف سلطنتن جي هٿان لٽجندو رهيو آهي، پر اڄ جيڪو ظلم هلي رهيو آهي، اهو جديد زماني جي سڀ کان وڏي نسل ڪشي آهي. نومبر 1987ع ۾ کان وٺي غزه فلسطيني مزاحمت جو مرڪز رهيو آهي، ۽ هاڻي نيتن ياھو چاهي ٿو ته ان مرڪز کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏي. ستر هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن مان اڪثريت ٻارن ۽ عورتن جي آهي. اهو رڳو نسل ڪشي نه، پر مزاحمت جي سوچ کي ختم ڪرڻ جي سازش آهي. پر افسوس، اسلامي دنيا جا حڪمران غزه ڏانهن نه، پر اڃا تائين وائٽ هائوس ڏانهن ڏسن ٿا. انهن جي ضمير تي جهڙوڪ ڌوڙ ويهي وئي آهي.
’’حمیت نام تھا جس کا گئی تیمور کے گھر سے‘‘
اهو شعر اسان جي حالتن تي مڪمل طور لاڳو ٿئي ٿو. آڪٽوبر جو هي مهينو رڳو موسمي گرمي نه، پر اخلاقي، سياسي ۽ انساني حرارت جو امتحان بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن حڪمران، عوام ۽ فڪر وارا طبقا هاڻي به نه جاڳيا، ته ايندڙ نومبر صرف سردي نه، پر قومي بي حسيءَ کڻي ايندو ۽ پوءِ شايد هي ڌرتي واقعي قيامت جو نظارو ڏسندي.