اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي پاڪستاني وقت موجب 22 اپريل جي صبح 4 لڳي 50 منٽن تي ختم ٿي رهي آهي.
سماجي رابطن ويب سائيٽ ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ عطا الله تارڙ چيو ته ايران طرفان اسلام آباد امن ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ تصديق جو انتظار آهي، ايران طرفان امن ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ اڃا تائين باظابطا جواب ناهي مليو.
وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽياڪڙ طور ايراني اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهي، پاڪستان سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ٻن هفتن جي جنگبندي ختم ٿيڻ کان اڳ ڳالهين ۾ شرڪت بابت ايران جو فيصلو انتهائي اهم آهي.
ٻئي پاسي مريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جنگبندي ۾ وڌيڪ واڌ نٿو چاهيان، ايران جو معاملو وڏي ڊيل سان ختم ٿي ويندو.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته اسان ايران سان معاملن کي ڪاميابي سان سنڀالي رهيا آهيون، اسان ڳالهين ۾ مضبوط پوزيشن ۾ آهيون.
ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايران جي ناڪابندي ڪامياب رهي آهي، اسان وٽ ان معاملي تي وڌيڪ وقت ناهي، آمريڪا ضرورت پوڻ تي فوجي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي.
هن چيو ته ايران جي معاملي ۾ تڪڙ ۾ ڪو فيصلو نه ڪندس، جنگبندي ۾ وڌيڪ واڌ نٿو چاهيان، ايران جو معاملو وڏي ڊيل سان ختم ٿي ويندو.