لاهور (ويب ڊيسڪ) ليگ اسپنر زاهد محمود پاڪستان سُپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين ايڊيشن جو حصو بڻجي ويو.
پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز جي باقي رهيل ميچن لاءِ ليگ اسپنر زاهد محمود دستياب هوندو، کيس متبادل رانديگر طور اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
زاهد محمود ان کان اڳ به ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ڪنگز يو اي اي جي خزيمه بن تنوير ۽ محمد وسيم کي رليز ڪري ڇڏيو هو.
محمد وسيم جي جاءِ تي انگلش بيٽر جيسن راءِ کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو.