حڪومت عوام يا پارليامينٽ کي آمريڪا سان نون لاڳاپن جي نوعيت ناهي ٻڌائي: رضا رباني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته حڪومت عوام يا پارليامينٽ کي آمريڪا سان نون لاڳاپن جي نوعيت ناهي ٻڌائي، عوام جو حق آهي ته اهي پرڏيهي پاليسي جي تفصيلن کان آگاهه هجن.
پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو تاريخ شاهد آهي ته آمريڪا ڪڏهن به يقين جوڳو دوست ثابت ناهي ٿيو، ناياب معدنيات يو ايس اسٽريٽيجڪ ميٽلز کي ڏيڻ جي معاهدن جي خبر ميڊيا ذريعي پئي آهي، جيڪو افسوسناڪ آهي، حقيقي اسٽيڪ هولڊرز صوبن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي.
هن چيو حڪومت تسليم ئي نه پئي ڪري ته آئين جي آرٽيڪل 172 تحت صوبا معدنيات جا اڌ مالڪ آهن، صوبن وفاقي حڪومت جي متعارف ڪرايل معدنياتي قانون کي به رد ڪري ڇڏيو آهي، عالمي ميڊيا کان اهو ڄاڻي ڳڻتي ٿي رهي آهي ته پسني بندرگاهه واشنگٽن کي ڏني پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ان جا خطي جي ٻين ملڪن سان لاڳاپن تي انتهائي سنگين اثر پوندا، حڪومت کي فوري طور پنهنجي نئين آمريڪي پاليسي جي مختلف پهلوئن تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.