سنڌ ڪابينا موت جي سرٽيفڪيٽ جي فيس معاف ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا موت جي سرٽيفڪيٽ جي فيس معاف ڪري ڇڏي.
ترجمان موجب ميونسپل، يونين ڪائونسل ۽ ٽائون ڪميٽي سطح تي موت سرٽيفڪيٽ جي رجسٽريشن فيس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، اهو فيصلو سيپٽمبر 2024 ۾ پيدائش جي مفت رجسٽريشن جي ڪابينا منظوري جي تسلسل ۾ ڪيو ويو.
مراد علي شاهه چيو ته نئين انتظام تحت سنڌ حڪومت نادرا جي سروس چارجز جي لاڳت برداشت ڪندي، شهري موت جو سرٽيفڪيٽ بنا ڪنهن فيس جي حاصل ڪري سگهندا.
هن چيو ته فيصلو قانون ۽ ناڻي کاتي جي حمايت سان ڪيو ويو، چيف سيڪريٽري جي منظوري کانپوءِ اهو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.