ٿيٽر اداڪار ۽ ڪاميڊين نسيم وڪي چيو آهي ته اڪثر ٿيٽر ڊرامن ۾ ڊانس ڪندڙ ڇوڪريون مجبوريءَ سبب نچن ٿيون، جڏهن ته گهڻا ڊانسر ڇوڪرا به مجبوري ۾ اهو ڪم ڪن ٿا.
نسيم وڪي تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ٿيٽر ۽ اسٽيج ڊرامن جي رنگيني ۽ مسئلن بابت کليل نموني ڳالهايو.
هن دعويٰ ڪئي ته پنجاب حڪومت طرفان ٿيٽر ڊرامن ۾ ڊانس تي پابندي لڳائڻ کانپوءِ کيس لڳ ڀڳ 80 لک رپين جو نقصان ٿيو، مان پنهنجو بينڪ اڪائونٽ ڏيکاري سگهان ٿو.
هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت ڪنهن شئي تي پابندي لڳائي ٿي ته پوءِ ان پابندي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن جو حل به ڪڍڻ گهرجي، سرڪاري عملدارن کي رڳو ڪنهن جي چوڻ تي پابنديون نه لڳائڻ گهرجن.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سندس زال به اسٽيج اداڪارا هئي، ٿيٽر سندس جذبو آهي پر هو پنهنجن ٻارن کي ٿيٽر جي ميدان ۾ اچڻ نه ڏيندو.
نسيم وڪي موجب هن زال سان ان شرط تي شادي ڪئي هئي ته هوءَ شاديءَ کان پوءِ ٿيٽر ڇڏي مڪمل طور گهريلو عورت بڻجي رهندي.
هن ٻڌايو ته سندس پٽ لنڊن ۾ پڙهي رهيو آهي، جڏهن ته وڏي ڌيءَ تازو نفسيات جي ماهر (سائڪاٽرسٽ) بڻجي آهي ۽ ننڍي ڌيءَ اڃا پڙهائي ڪري رهي آهي.
اداڪار واضح ڪيو ته هو ڪڏهن به پنهنجي ٻارن کي ٿيٽر ۾ اچڻ نه ڏيندو، ڇو ته ٿيٽر ۽ اسٽيج جو شعبو سٺو ناهي ۽ نه ئي ان کي سٺو ڪم سمجهيو وڃي ٿو.
هن چيو ته جيتوڻيڪ ٿيٽر سندس جذبو آهي پر کيس چڱيءَ طرح خبر آهي ته هن ميدان ۾ ڪيترائي غلط ڪم ٿين ٿا، تنهنڪري هو پنهنجن ٻارن کي ڪڏهن به ان فيلڊ ۾ اچڻ نه ڏيندو.
نسيم وڪي اهو به چيو ته هن اڄ تائين ڪنهن به نئين ڇوڪري کي ٿيٽر ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو آهي، هو رڳو اڳ ئي ڪم ڪندڙ اداڪارائن سان ڪم ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن به نئين ڇوڪريءَ جي زندگي خراب نٿو ڪرڻ چاهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو ٿيٽر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ڊانس تي تنقيد ڪن ٿا، انهن کي خبر ئي ناهي ته اهي سڀ ڪهڙي مجبوريءَ ۾ اسٽيج تي نچن ٿا، جيڪڏهن ٿيٽر هڪ هفتي لاءِ به بند ٿي وڃي ته اسٽيج تي نچندڙ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي گهرن ۾ فاقا پئجي وڃن ٿا، اهي سڀ مجبوريءَ ۾ اهو ڪم ڪن ٿا.
اداڪار ٻڌايو ته ڪي ڇوڪريون پنهنجي بيمار والدين لاءِ نچن ٿيون، ڪنهن جي ماءُ کي ڪينسر آهي، ڪنهن کي پنهنجن ٻارن جو پيٽ پالڻو آهي ته ڪنهن جي گهر جا سڀ ماڻهو بيمار آهن، سڀني جون دردن ڀريون ڪهاڻيون آهن.
اسٽيج اداڪارائن تي تنقيد ڪندڙن کي خبر ئي ناهي ته اهي ڪهڙي مجبوري ۾ نَچن ٿيون: نسيم وڪي
You might also like