مريم نواز جو بيوٽي پارلرز تي ٽيڪس نه لڳائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز اي ڊي ايل کي بيوٽي پارلرز تي ٽيڪس لڳائڻ کان روڪي ڇڏيو.
مريم نواز جي صدارت هيٺ پنجاب ڪابينا اجلاس ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ حتمي امدادي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي.
ٻوڏ متاثرن ۾ 17 آڪٽوبر کان امدادي رقم جا چيڪ ورهائڻ جي منظوري ڏني وئي، فوتين جي وارثن کي 10 لک، مستقل معذوري تي 5 لک ۽ معمولي معذوري تي 3 لک رپيا ڏنا ويندا.
اهڙي ريت پڪو گهر مڪمل ڪرڻ تي 10 لک، جزوي طور ڪرڻ تي 3 لک، ڪچو گهر مڪمل ڪرڻ تي 5 لک ۽ جزوي ڪرڻ تي ڏيڍ لک تائين امداد ڏني ويندي، جڏهن ته چوپايو مال مرڻ تي به پيسا ڏنا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.