9 مئي واري واقعي جي پهرين ورسي ۽ وري نئين ڇڪتاڻ شروع!

اڄ 9 مئي واري واقعي جي پهرين ورسي آهي، ملڪي تاريخ جي هڪ انوکي واقعي جي ورسي آهي. سال 2023ع تي اڄوڪي تاريخ تي تحريڪ انصاف جي پارٽيءَ پرتشدد احتجاج ڪندي فوجي عمارتن، آفيسن ۽ يادگارن کي نشانو بڻائيندي ڀڃ ڊاهه به ڪئي ۽ تخريبڪاري جو پڻ مظاهرو ڪيو.

هن واقعي کي ڪيترن ئي حوالن سان منفرد واقعو  چئجي ٿو. پهريون ته فوجي هنڌن تي ان قسم جو حملو پهريون ڪنهن به ملڪي سياسي جماعت نه ڪيو هو، اهو حملو ان سياسي جماعت ڪيو جيڪا پرو اسٽيبلشمينٽ ۽ اقتداري سمجهي ويندي آهي. هن واقعي جو ٻيو منفرد پاسو اهو آهي ته ان جماعت کي ڀڃ ڊاهه جو پورو پورو موقعو ڏنو ويو يعني ڪنهن به قسم جي روڪ رنڊڪ نه وڌي وئي. ان جا بظاهر ٻه ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. هڪ اهو ته شايد انتظاميا ڪو خوني واقعو ڪرائڻ نه پئي چاهي ٻيو سبب ممڪن آهي ته ان جماعت کي رياست مخالف جماعت  ثابت ڪرڻ جي ڪوشش هجي ۽ پوءِ اسان سڀني ڏٺو ته ان جماعت تي اڻ اعلاني بندش وڌي وئي، ان پارٽي کي پوري طاقت سان ٽوڙيو ويو، 9 مئي واري واقعي جي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کان سرعام ٽيليويزن تي معافي وٺرائي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪرايو ويو. چونڊ ۾ ان جماعت جو چونڊ نشان کسيو ويو جنهن نتيجي ۾ ان پارٽيءَ آزاد اميدوارن کي چونڊن ۾ بيهاريو ۽ جڏهن چونڊن کٽڻ کانپوءِ اهي آزاد اميدوارن حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آيا ته انهن کي مخصوص سيٽون نه ڏنيون ويون ۽ پوءِ سندن اهي مخصوص سيٽون ٻين پارلياماني جماعتن کي روهائي سندن حڪمت ٺاهڻ جو خواب چڪناچور ڪيو ويو.

جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ان سڄي پسمنظر کي انتقامي ڪارروائي سڏين ٿا پر  ٻين غير جانبدار تجزيي نگارن جو وري اهو خيال رهيو آهي ته جڏهن کان پي ٽي آءِ جي حڪومت کي بي اعتمادي جي تحريڪ ذريعي  هٽايو ويو آهي تڏهن کان اها اسٽيبلشمينٽ جي خلاف انتقامي ۽ وڳوڙي سياست تي لهي آئي آهي.

ان سڄي سياسي صورتحال تي سپريم ڪورٽ جي چف جسٽس قاضي عيسيٰ فائز جو ريمارڪ بيحد اهم ۽ سڄي معاملي کي چٽو ڪري ڏيکاريو آڏو آيو آهي جيڪو هن فيض آباد ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ تي ڏنو آهي ته جيڪڏهن فيض آباد ڌرڻي جي ڪميشن رپورٽ تي تڏهن عمل ٿئي ها ته 9 مئي وارو واقعو نه ٿئي ها. يعني 9  مئي واري واقعي جو فيض آباد ڌرڻ0ي واري واقعي سان ڪو تعلق آهي. جيڪڏهن ان ريمارڪ کي تسليم ڪجي ته محسوس ٿيندو ته اهو جهيڙو اصل ۾ وڏن ادارن جو پنهنجو اندروني جهيڙو آهي.

اسان اهو به گذريل سڄي سال ۾ ڏٺوسين ته پي ٽي آءِ 9 مئي جي واقعي تي اندورني طور ڳالهيون ڪري معافي تلافي جون پڻ ڪوششون ڪندي رهي ۽ جڏهن ٻئي پاسي ڏانهن ڪا نرمائي نظر نه آئي ته ظاهري طور ان خلاف مذاحمتي ۽ ڇڪتاڻ واري پاليسي اختيار ڪئي وئي. اهي افواهه به هلايا ويا  ته اندروني طور تي ”ڊيل“ ٿي چڪي آهي ۽ ڪن ”ڊيل“ جون به ڳالهيون ڪيون پر ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل احمد شريف چوڌريءَ ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي  جي صورتحال تي جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي هئي تنهن ۾ کائنس 9 مئي جي واقعي جي حوالي سان پڻ سوال پڇيا ويا ۽ پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت به گهڻو ڪجهه پڇيو ويو جنهن جي جواب ۾ آءِ ايس پي آر جي، ڊي جي چيو ته پهرين ڳالهه ته اها طئي آهي ته 9 مئي واري واقعي ۾ ملوث شرپسندن کي هر قيمت  تي سزا ڏني ويندي، کين بخش نه ڪرڻ گهرجي. هن اهو به چيو ته پي ٽي آءِ جي جن آزاد اميدوارن کي 8 فيبروري جي چونڊن ۾ سوڀ ملي آهي تنهن جو بلڪل به اهو مقصد ناهي ته اهو ووٽ کين 9 مئي جي واقعي ڪري يا همدردي ۾ مليو آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن معافي جو معاملو آهي ته ان لاءِ هن جماعت کي پنهنجي ڪيئي تي دل سان معافي وٺڻي پوندي ته اڳتي اهي پرتشدد ۽ رياست مخالف سياست نه ڪندا. هن پي ٽي آءِ جو نالو کڻڻ بنا ان جماعت جي رياست مخالف پاليسي جا ڪجهه حوالا به مثال ڏئي ٻڌايا.

ڪي ڌريون وري 9 مئي جي واقعي تي عدالتي ڪميشن جو پڻ مطالبو ڪري رهيون آهن جنهن تي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پهرين ڳالهه جو جوڊيشل ڪميشن ان معاملي تي ٿيندي آهي جنهن ۾ ڪو ابهام هجي، هي واقعو ته عالم آشڪار آهي پر جيڪڏهن پوءِ به جوڊيشل ڪميشن لاءِ چيو ويو ته اهو 2014ع واري ڌرڻي کان شروع ٿيندو ته اهو ڌرڻو ڪهڙن مقصدن لاءِ ڏنو ويو هو.

آءِ ايس پي آر جي ان تازي ترين موقف کي اسان 9 مئي واري واقعي جو پيش منظر سمجهون ٿا ۽ اهو پيش منظر ٻڌائي ٿو ته پي ٽي آءِ  ته 9 مئي  واري واقعي ۾ پاڻ کي ملوث نه سمجهندي ان کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي رهي آهي پر اسٽيبلشمينٽ ان واقعي کي وسارڻ لاءِ يا نرمي ڏيکارڻ لاءِ تيار ناهي. آءِ ايس پي آر جي عملدار ته اهو به چيو ته پي ٽي آءِ کي جيڪڏهن ڳالهائڻو آهي ته پارليامينٽ وارن سان ڳالهائي اسان سان آئيني يا جمهوري طور ان جي ڳالهائڻ جو ڪو تُڪ ناهي.

هوڏانهن پي ٽي آءِ جي حوالي سان اهو به تاثر آهي ته اها هڪ پاسي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو زور ڀري ان کي وري سياست ۾ ڌڪي رهي آهي ۽ ڳالهائڻ لاءِ ان کي بليڪ ميل به ڪري رهي آهي جنهن تي مٿس تنقيد ٿي رهي آهي. هاڻي جڏهن آءِ ايس پي آر واضح پاليسي جاري ڪئي آهي ته 9 مئي واري واقعي ۾ ملوث ان جماعت سان ڳالهيون نه ٿينديون جيستائين اها دلي طور معافي نه ٿي وٺي ته ان تي هاڻي پي ٽي آءِ جو وري سخت ردعمل ظاهر ٿيڻ لڳو آهي ته ۽ اهو سخت رد عمل اتفاق سان  وري 9 مئي واري ڏنهن تي ساڳي شدت اختيار ڪري ويو آهي. ڪالهه لاهور ۾ وڪيلن جي احتجاج تي مسلم ليگ (ن) پنجاب جي حڪومت مٿن لٺ بازي ڪرائي ۽ گرفتاريون ڪري 9 مئي کان هڪ ڏينهن اڳ وري ڇڪتاڻ جي صورت حال پيدا ڪئي وئي. جيڪا صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. اسان جو خيال آهي ته ان معاملي کي فوري طور تي ڳالهين ذريعي سلجهائڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي پنهنجن روين ۾ لچڪ ڏيکارڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.