پوليس حراست دوران قتل روز جو معمول بڻيل!

غلام حسين جوڻو

تازو نوشهروفيروز جيل ۾ قيدي جوابدار شاهد حسين مجيداڻو دل جي دوري پوڻ ڪري فوت ٿي ويو آهي. لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي ڪرڻ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. اسپتال جي ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪري جزا وٺي ڇڏيا آهن جيڪي ليبارٽري موڪليا ويندا. رپورٽ اچڻ کان پوءِ موت جي اصل ڪارڻ جي خبر پوندي. ٻئي طرف ميت جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي نوجوان کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان جاچ جو مطالبو ڪندي انصاف جي گھر ڪئي آهي. جڏهن ته مقامي ماڻهو به قتل سمجهن ٿا ۽ دل واري دوري جي سبب کي رد ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن قيدي کي دل جو دورو پيو هو ته کيس ترت علاج لاءِ موڪلڻ گھربو هو. شايد سندس حياتي بچي وڃي ها ان معاملي ۾ پوليس جي ضرور ڪا ڪوتاهي ۽ لاپرواهي جو عنصر شامل آهي جنهن کي هرگز رد ڪري نه ٿو سگھجي. جيلن ۽ ٿاڻن ۾ اهڙا واقعا تمام گھڻا ٿين ٿا. بروقت قيدين جو علاج ڪونه ٿو ڪرايو وڃي جنهن ڪري موت واقع ٿئي ٿو. ٻئي اها ڳالهه آهي ته، پوليس قيدين تي تشدد ڪندي رهي ٿي اهو روزانه جو معمول بنجي چڪو آهي جنهن ڪري ٿي سگھي ٿو ته شاهد حسين مجيداڻي کي به تشدد ڪري ماريو ويو هجي. ان امڪان کي به رد ڪري نه ٿو سگھجي. هاڻ ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت ۽ سچائي آهي اهو رپورٽ اچڻ کان پوءِ معلوم ٿي سگھي ٿو ڪا راءِ قائم ڪري سگھجي ٿي، ڪي خيال ونڊي سگھجن ٿا هن وقت ڪا حتمي راءِ ڏيئي نه ٿي سگھجي ۽ قياس آرائي به ڪري نه ٿي سگھجي.  مٿيون واقعو جيئن اخبار ۾ آيو آهي اهو ساڳيو هتي لکيو اٿم ته جيئن ڪو مغالطو نه ٿئي.

هيءُ سٽون لکڻ مهل اهو به ياد اچي ويو ته، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ شهدادپور جي ٿاڻي ۾ استاد ڄام عزيز جکرو کي قتل ڪيو ويو هو. جنهن جي خلاف هالا وٽ نيشنل هاءِ ويز (موٽروي) بند ڪري قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو هو. پوليس اعليٰ آفيسرن اهو روڊ کولرايو هو پر، وارث انصاف جي گھر ڪندا رهن ٿا ۽ مطالبو ڪري رهيا آهن ته، اصل ۽ حقيقي جوابدارن کي گرفتار ڪري کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي تانته کين انصاف ملي سگھي. ڪجهه مهينا اڳ سڪرنڊ ۾ به اهڙو واقعو پيش ٿيو هو. هڪ جوابدار زرداري ذات جو قيد هو جنهن کي به قتل ڪيو ويو هو. اهو معاملو عدالت ۾ هلندڙ آهي. مطلب ته ائين ٿو سمجهه ۾ اچي ته پوليس کي تشدد ڪري ماڻهو مارڻ جو پروانو ملي ويو آهي. تشدد سان به ماڻهو ماريا وڃن ٿا. فل فرائي جي آڙ ۾ به قتل ٿي رهيا آهن. پوليس اڇي ۽ ڪاري جي مالڪ بنيل آهي. ڀوتارن جي ونگار وهندي رهي ٿي. جنهن ڪري ڄاڻايل عملدارن جا ظلم گھٽجي نه رهيا آهي پر، وڌي رهيا آهن. ان ڪري بدامني وڌندي پئي وڃي ۽ امن و امان واري فضا ڪوهين پري ٿيندي پئي وڃي جڏهن ته پوليس پنهنجي ذميوارين کي صحيح نموني نڀائي ته آئون سمجهان ٿو ته ڏوهن ۾ گھٽتائي اچي سگھي ٿي. امن و امان جي فضا قائم ٿي سگھي ٿي. اڻوڻندڙ واقعا به گھٽجي ويندا. پر، حڪمران ۽ ڀوتار اها ڳالهه نه ٿا چاهين ته سنڌ ۾ ڪو امن ٿئي. سندن سياست ٿاڻن تائين محدود آهي. جنهن ڪري ٿاڻن واري سياست کي اوليت ۽ ترجيح ڏني پئي وڃي. پوليس اهڙو کاتو آهي جو نوڙي مان نانگ ۽ نانگ مان نوڙي بنائڻ ۾ مهارت ۽ قابليت رکي ٿي. جنهن ڪري ان کاتي کان سڀڪو عزت وارو ۽ غريب ماڻهو لهرائي ٿو. هاڻ ته اهو عام پاراتو ڏنو وڃي ٿو ته شال ڪو پوليس وارو منهن ۾ نه پوي.

پوليس جيڪو قيدين سان حشر ڪري ٿي ناروا ۽ بيجا سلوڪ ڪري تشدد ڪري ٿي تنهن جي ملڪ جي ڪنهن به قانون ۽ آئين ۾ اجازت ڪونه مليل آهي. پوليس قانون جي لتاڙ ڪري ٿي. چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پائمال ڪرڻ ۾ دير ئي ڪونه ٿي ڪري.

جيڪڏهن حڪومت مخلص ٿي، ٿاڻن ۽ جيلن جي حالت سڌاري پوليس کي لغام ڏيئي ته قيدي قتل ٿيڻ کان بچي سگھن ٿا ۽ تشدد جا واقعا پيش ڪونه ايندا ۽ پوءِ ڪجهه سڌاري جي اميد رکي سگھجي ٿي. باقي هن وقت جيڪا صورتحال آهي. ان کان واڳ ڌڻي بخوبي واقف آهن. پر، ڄاڻايل کاتي جي خلاف ڪارروائي ڪونه ٿا ڪن. ان جو سبب ڪهڙو آهي حڪومت جي خاموشي جو مقصد ڇا آهي. ان باري ۾ واڳ ڌڻي خود ٻڌائي سگھن ٿا ته سندن ڪهڙيون مجبوريون آهن جو کين خاموش ڪرايو ويٺيون آهن. اسان هن ليک ذريعي وس وارين اختيارين کي گذارش ٿا ڪريون ته جيلن ۽ ٿاڻن ۾ قتل و غارتگري جي بازار کي هميشہ لاءِ بند ڪيو وڃي بيجا تشدد ڪندڙ عملدارن کي هرگز معاف نه ڪيو وڃي. جنهن مقصد لاءِ ٿاڻا ۽ جيل قائم ڪيا ويا آهن. اهي مقصد حاصل ڪرڻ گھرجن. انسانن جي تذليل ڪرڻ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي. هن وقت اهي سڌار گھر ڪونه آهن پر، جيڪڏهن انهن کي تذليل گھر چئون ته ڪوبه واڌارو ڪونه ٿيندو. هتي هڪ ڳالهه لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته، قيدين کان ٿاڻن ۽ جيلن ۾ رشوت ورتي وڃي ٿي. رشوت جي بازار تمام گھڻي گرم آهي. اهو سلسلو به بند ٿيڻ گھرجي. ڪي قيدي رشوت ڏيئي نه ٿا سگھن ته اهي سدائين پوليس جي عتاب ۽ عذاب ۾ رهن ٿا. انهن تي حد کان وڌيڪ تشدد به ڪيو وڃي ٿو ۽ سخت پورهيو به ڪرايو وڃي ٿو. مطلب ته حڪومت کي مذڪوره ٿاڻن ۽ جيلن جي حالت سڌارڻ لاءِ خاص ڌيان ڏيڻ گھرجي. تڏهن وڃي ڪو سڌارو ايندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.