اسٽيفن ھاڪنگ: جسم ۾ قيد، پر دماغ آسمان تي!

فيض محمد تيوڻو

جڏھن دنيا جي سڀ کان مشڪل سائنس، ”ڪائنات جي ابتڙ ۽ انت(Origin and End of the Universe)“ سمجھڻ وارن ۾ سڀ کان وڏي نالي جو ذڪر ٿئي ٿو، تڏھن اسٽيفن ھاڪنگ جو نالو سڀني کان مٿاهون ٻڌجي ٿو. اھو انسان جيڪو پنھنجي جسم کي وڃائي ويٺو، پر دماغ سان سڄي ڪائنات فتح ڪري ڇڏي.

اسٽيفن وليئم ھاڪنگ 8 جنوري 1942ع تي انگلينڊ جي شهر آڪسفورڊ ۾ ڄائو، سندس ڄمڻ جو ڏينهن عجيب اتفاق سان بلڪل اھا تاريخ ھئي، جنھن ڏينهن 300 سال اڳ ”گليليو گليلي“ وفات ڪئي ھئي. ھڪڙو ڪائنات جو ڳولائو ويو، ٻيو پيدا ٿيو.

بالڪپڻي ۾ ھو ذھين ضرور ھو، پر اسڪول ۾ ڪڏهن خاص شاگرد سمجھيو نه ويندو ھو، پر سندس اندر ھڪ اهڙي باھ هئي جيڪا علم ۽ ڳولا جي شوق سان ٻرندي رهندي هئي.

ھاڪنگ جڏھن 21 سالن جو ٿيو، تڏھن کيس ھڪ خطرناڪ بيماري ٿي ـــ(Motor Neuron Disease – MND) ڊاڪٽرن چيو ته ھو صرف ٻه سال زنده رهندو. سندس جسم آهستي آهستي ڪم ڪرڻ بند ڪرڻ لڳو، ھٿ، پير، زبان ، سڀ ڪمزور ٿيندا ويا.

پر ھاڪنگ نه رڪيو، ھن چيو: “My body is weak, but my mind is free.” (منھنجو جسم ڪمزور آھي، پر منھنجو دماغ آزاد آھي) ھن ويل چيئر تي ويهي، مشيني آواز ذريعي ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ ڪائنات جا راز کولڻ جاري رکيا.

ھاڪنگ جو وڏو ڪم ”ڪاري تارن“ (Black Holes) بابت ھو. ان کان اڳ تائين سائنسدان سمجھندا ھئا ته ڪارا تارا سڀ ڪجھه ڳھي وڃن ٿا، پر ڪڏهن به ڪجھه واپس نٿا ڏين، پر ھاڪنگ چيو ته نه، ڪارا تارا “Hawking Radiation” ڇڏين ٿا. يعني اھي توانائيءَ جا ذرڙا ٻاھر ڪڍن ٿا. ھن نظريي سان ڪائنات جي باري ۾ سوچڻ جو طريقو ئي بدلجي ويو.  پوءِ ھن “Big Bang Theory” تي به ڪم ڪيو، يعني ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي.

ھن جو مشھور ڪتاب  A Brief History of Time 1988۾ شايع ٿيو. دنيا جي لکين ماڻهن ان کي پڙهيو ۽ اھو ڪتاب ڪيترن لاءِ فزڪس کي سمجهڻ جو دروازو بڻيو. ھڪ ڀيري ھن چيو “Intelligence is the ability to adapt to change.” (ذھانت اھا صلاحيت آھي جيڪا تبديليءَ سان پاڻ کي هم آهنگ ڪري).

جڏھن دنيا جو سڀ کان وڏو دماغ ويل چيئر ۾ قيد ھجي، پر ان جو ذهن ڪائنات جي حدن کان به ٻاھر سوچيندو ھجي، اھو پاڻ ۾ ھڪ معجزو آھي، ھاڪنگ جو جسم ڪمزور ھو، پر سندس خيال آسمان کي ڇهندا ھئا. ھن چيو: “Look up at the stars and not down at your feet.” (پنھنجن پيرن ڏانھن نه، پر تارن ڏانھن ڏسو).

اسٽيفن ھاڪنگ 14 مارچ 2018ع تي لاڏاڻو ڪري ويو ۽ عجيب ڳالهه اها آهي ته اها ئي تاريخ آئن اسٽائن جي جنم ڏينهن جي هئي. اھو به ڪائنات جو ھڪ عجيب اتفاق لڳي ٿو، ڄڻ وقت پاڻ به ھاڪنگ لاءِ جھڪي ويو ھجي.

اڄ سندس نالو علم، حوصلي ۽ انسان جي بي پناھ طاقت جي علامت بڻجي چڪو آھي. ھاڪنگ جي زندگي اسان کي سيکاري ٿي ته جسماني معزوري ڪڏهن به انساني عظمت کي روڪي نٿي سگهي. جيڪڏهن توھان جو ارادو مضبوط آھي، ته ڪائنات جا سڀ راز توھان اڳيان جھڪي پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.