نازيه چنو جي خون سان انصاف نه ٿيو، ڪيس رولڙي جو شڪار، وارث مايوس

وارھ (رپورٽ: منظورقريشي) وارھ ۾ اجتمائي زيادتي بعد علاج دوران اسپتال ۾ فوت ٿيل نياڻي نازيه چنو جي موت کي مهينو گذرڻ ويو پر جاچ رپورٽون مڪمل نه ٿي سگهيون، ڪيس جي فريادي الطاف چنو، ظفر چنو نياڻي  جي والد اختيار چنو  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس جي رويي مان تنگ اچي ويا آھيون، ٻن مهينن کان ايس ايس پي، ڊي آءِ جي، ڊي ايس پي آفيس ۽ ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي رھيا آھيون، ھنن چيو ته شروعاتي جاچ ۾  پوليس جي غفلت سبب  ڊي اين اي جا سيمپل اٺ ڏينهن بعد ليباريٽري موڪليا ويا، جيڪي رپورٽ اڃان تائين ظاھر نٿي ڪئي وڃي، لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ باوجود عدالت ۾ جمع نه ڪرائي وئي آھي، ھنن چيو ته انصاف نه مليو ته روڊن تي اچي احتجاج ذريعي  انصاف جي گھر ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.