9 مئي واري ڇڪتاڻ پوءِ ڪيئن ختم ٿيندي!

تحرير: خدا بخش بروھي

موجوده ملڪي سياسي بحران جي حل خاطر پي ٽي آءِ ليڊرشپ پاران مسلسل اھو بيان ۽ تاثر  ڏنو ٿي ويو  ته ھو سياسي ماڻھن سان قطعي ڪونه ڳالھائيندا جي ڳالھائيندا ته سڌو اسٽيبلشمينٽ جي بالا آفيسرن سان ڳالھائيندا ان پي ٽي آءِ جي بيان  گھڻن سياسي قوتن کي منجھائي ڇڏيو ھو ۽ ڪاوڙ به ڏياري ھئي سندن کان سواءِ  ڳالھيون ڪيئن ممڪن ٿينديون ان سڄي مسئلي تي تازو  ڊي جي آءِ ايس پي آر واري بيان واضع ڪيو آھي ته عسڪري ادارا ڪنھن ڊيل جو حصو نه ٿيندا نه مستقبل ۾ چاھيندا  نه فقط ايترو پر ھن بنا ڪنھن نالي وٺڻ جي  اھو به چيو آھي ته 9 مئي واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏيڻ ضروري آھي انتشار ڦھلائيندڙ ملڪ عدليا عسڪري قوتن کي بدنام ڪرڻ جي جيڪا ڪوشش ڪن پيا،  ان تان کين ڪجھه  حاصل نه ٿيندو ھن اھو واضع  تاثر ڏنو آھي ته  سياسي مسئلن  کي حل ڪرڻ فوج جو ڪم نه آھي اھڙي طرح ڪجھه  ڏينھن اڳ  آرمي چيف جو بيان. به آيو ھو  ۽ تازو ڊي جي آئي ايس پي آر  پنھنجو موقف بيان ڪري ڇڏيو آھي ان ٻنھي بيانن پي ٽي آءِ وارن جي عسڪري ادارن جي آفيسرن سان سڌو ڳالھائڻ  واري خواھشن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آھي ۽  واضع طور تي کين  ٻڌائي ڇڏيو آھي ته ھو بجاءِ ڪنھن آسري ۽ خوش فھمي ۾ رھڻ جي ته ساڻن عسڪري قوتون ڳالھائنديون، ڇڏي ڪري سڌي ريت  سياسي ماڻھن سان  لھه وچڙ ۾ اچي ڳالھائين جي نه ته اھو خيال  قطعي طور  لاھي ڇڏين ته ڪو  ساڻن سياسي قوتن کي بائي باس ڪري اسٽيبلشميت جا اسيٽڪ  ھولڊر ڪي ڳالھيون ڪندا يا ڪو معاھدو طئي ڪندا.

جھڙي طرح  ان سلسلي ۾  تازو ڊي جي آئي ايس پي آر پنھنجي اداري جو موقف بيان ڪيو آھي تيئن  آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چٽو چيو ھو فوج سياسي پارٽين جي مسئلن کان بالاتر  پري  رھندي.  آرمي چيف  ڪجھه  ڏينھن اڳ  رسالتپور ۾ فضايه جي پاسنگ آئوٽ پريڊ  پروگرام. ۾  پنھنجي صدارتي  تقرير ۾  ڪافي مسئلا  واضح ڪري ڇڏيا ھئا   ته آرمي سياستدان جي اندروني مسئلن ۾  ڪابه مداخلت نه ڪندي  سياسي پارٽيون پنھنجا مسئلا پاڻ ويھي حل ڪن ان کان سواءِ  مسئلو حل ڪونه ٿيندو آرمي چيف ان تقرير ۾ اھو به چيو ھو ته  پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 19 اظهار جي آزادي جي حدن کي واضح ڪري ٿو اسان پنهنجي آئيني حدن کان چڱيءَ طرح واقف آهيون ۽ ٻين کان به اها اميد رکون ٿا ته هو آئين جي پاسداري ڪندا ۽ ايئن به چيو ھئائين جيڪي آئين ۾ اظهار جي آزاديءَ تي واضح پابندين جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا، اهي ٻين تي آڱر  نٿا کڻي سگهن

چيف آف آرمي سيد عاصم منير اھو به واضع لفظن چيو ھو ته پاڪ فوج پيشيور ذميوارين ۽ انهن سان جڙيل نظرين جو چٽو اظهار ۽ مظھر  آهي،

آرمي چيف گريجوئيٽ ڪيڊٽس کي خطاب  ڪيو پئي ان موقعي ڪافي آفيسر موجود ھئا جتي ھن  نون ڪيڊيٽس کي مخاطب ٿيندي   چيو ته توهان اسان جي اميدن جو مرڪز آهيو، محافظ ۽ علائقائي اتحاد جا ضامن آهيو، توهان جو عمل نه رڳو ذاتي اخلاقيات لاءِ  پر هڪ معزز اداري لاءِ  به غير معمولي هجڻ گهرجي، پاڪ فوج هميشه بي مثال بهادري ۽ پروفيشنلزم سان هر قسم جي مشڪلاتن جي فضا کي مانيٽر ڪيو آھي  جنهن جو هڪ وڏو مثال 2019ع  فيبروري وارو واقعو آهي، جنرل عاصم منير غزه ۾ جنگ ۽  والاريل ڪشمير ۾ ڀارت ظلم جي بابت ڳالھائيندي چيو ھو ته  ياد رهي ته سچ ته طاقت آهي ۽ ڪوڙ ڪڏهن به طاقتور نٿو ٿي سگهي،ساڳي وقت  آرمي چيف جي خطاب جو ٻيو پاسو اھو  هو ته پاڪستان جي فوج پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪري آئين جي بالادستي ۽ اظهار جي آزادي جي حدن کي واضح ڪري ٿي آرمي چيف جي خطاب جي روشنيءَ ۾ آئين ۾ ڏنل آزاديءَ تي واضح پابنديون لاڳو نه ٿيون ٿين، اها ڳالھه مڃڻ گهرجي ته ڪنهن به مهذب سماج ۾ رياستي ادارن جي اهميت اهڙي ئي آهي.

جهڙيءَ طرح هڪ مشين جا سمورا پرخا ۽ حصا لازمي هوندا آهن ساڳي ڳالهھ قومي ادارن جو به آهي ته ان سان سڄي رياستي مشينري متاثر ٿيندي آهي ۽ ماضيءَ جي ورقن تي نظر وجهجي ته رياست جو ڪاروبار مفلوج ٿي ويندو آھي واضح رهي ته پاڪستان جي 76 سالن جي تاريخ سياستدانن، عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ٻين تي مسلط ڪرڻ جهڙيون حالتون شامل آهن، جن سان جمهوريت کي نقصان رسيو آهي، هاڻي جيڪڏهن چونڊ عمل ۾ استحڪام اچي رهيو آهي ته سياستدانن جي گڏيل ڇڪتاڻ سان عزت متاثر ٿي رهي آهي پارليامينٽ پاڪستان جي ميڊيا بريفنگ ۾ هميشه واضح ڪيو آهي ته هي هڪ قومي ادارو آهي جيڪو ڪڏهن به ڪنهن خاص سياسي سوچ يا نظريي کان متاثر ٿيڻ نه چاهيندو. آئين هر پاڪستاني کي اظهار جي آزادي جو حق ڏئي ٿو، پاڪستان جي فوج ۽ ادارن جي خلاف ڳالهائڻ نه رڳو غير ذميواراڻو آهي، پر ملڪ لاڀ نقصانڪار آھي

پر اچون ٿا موجوده پاڪستاني سياست تي جيڪو سياسي انتشار جو شڪار آهي هن وقت مجموعي صورتحال ۾ حوصلا افزائي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 19 ۾ اظهار راءِ جي آزادي جي حدن جو ذڪر ڪندي پاڪ فوج جي سربراه چيو ته اسان پنهنجي آئيني حدن کي چڱي ريت ڄاڻون ٿا ۽ ٻين کان اها اميد رکون ٿا ته اهي آئين جي پاسداري ڪن.

ايئن جيڪڏھن اچجي موجوده سياسي بحران تي جيڪو ھن وقت حڪومت ۽ اپويشن پارٽين. جي وچ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي رھي آھي  جنھن جو پائيدار حل  ڪيئن ممڪن ٿيندو؟   ان سڄي مسئلي تي تي تازو پاڪستاني فوج جي ترجمان سڄي ڳالھه کي  ڪليئر ڪندي چيو آھي انتشار ڦھلائيندڙن کي معافي نه ملندي ھن چيو آھي ته ھو  اظھار جي آزادي تي يقين رکون  ٿا پر اھو قطعي برداشت نٿو ڪري سگھجي ان آزادي جي اظھار جي آڙ جي پويان لڪي  فوج ۽ عدليا تي ڪوڙا الزام لڳائي ملڪي جي سلامتي کي داءُ تي لڳايو  وڃي  ھن  مطالبو ڪيو آهي ته ”انهن سڀني کي  قانون موجب سزا ڏني وڃي جن 9 مئي تي فوجي تنصيبات تي حملا ڪيا

ڪجھه  ميڊيا رپورٽن موجب پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ جنرل (ر) نعيم لوڌي ۽ ڪجھه  اهم شخصيتن سان سياسي ۽ اداري مفاهمت لاءِ  رابطي ۾ آهن.  ماضيءَ ۾ جيڪي ڪجھه  ٿيو، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ  تي مختلف رايا ڏنا ويا آھن

پر ھاڻ  فوج جو موقف آرمي چيف جي تقرير مان جتي  واضع چٽو ظاھر ھو اتي ان مان اھو واضع ٿي ويو آھي ته  فوج ڪنھن به  ڊيل جو حصو نه بنجندي پر ساڳي وقت  ڊي جي آءِ ايس پي آر جي  بيان مان  وڌيڪ ظاھر ٿيو آھي جنھن  فوج جي موقف کي سٺي نموني طور واضع ڪيو آھي ان  تي  ڊي جي آءِ ايس پي آر اھو  موقف اختيار ڪندي  چيو آھي جنھن مخصوص ٽولي دوست ملڪن سان رابطا ڪيا آئي ايم ايف کي خط لکيا ته پاڪستان کي ڇڏيو ته ان جو ڏوالو نڪري پاڪستان تي پابندين لاءِ  امريڪا ۾ لابنگ ڪئي وئي ان مان اندازو ٿو ٿئي ھاڻي مسئلي ٻيو رخ ورتو آھي پي ٽي آءِ سان عسڪري ادارا ڳالھيون نٿا چاھين ۽ اھو به  واضح لفظن ۾  پيغام  آھي  ڳالهيون فوج نه پر سياسي پارٽيون ڪري سگھن ٿيون تنھنڪري  ھاڻ اھو بلڪل واضع ٿي ويو آھي ته عسڪري قوتون پاڻ کي سياست کان پري رکڻ لاءِ  مڪمل پابند آھن پوءِ   ھاڻ ملڪ کي سياسي بحران مان ڪڍڻ خاطر  سياسي ماڻھن خاص ڪري حڪومتي ڌرين ۽ اپوزيشن کي گھرجي ھو ملڪي مفادن کي مد نظر رکي اھڙو ڪو تعميري حل ڪڍن جنھن سان ھن ملڪ ۾ سياسي،سماجي،  معاشي، تعليمي۽ تعميري  استحڪام اچي وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.