اوهان چاهيو ٿا بل گهٽ اچي ته پوءِ هي طريقا استعمال ڪيو

جنهن طريقي سان مهانگائي ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي ان جي ڪيترائي پاڪستاني شهري يوٽيليٽي بلن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

بجلي جي قيمت ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، ۽ هر مهيني ان جو بل ڏسي ڪيترائي ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن۽ کين سمجهه ناهي ايندو ته ايترو گهڻو بل ڇو پيو اچي.

هر گهر ۾ ڪيتري بجلي خرچ ٿيندي آهي ان جو سڄو مامرو ته ضرورتن تي هوندو آهي، پر گهڻن ماڻهن جي هڪ عام عادت به بجلي جي بل ۾ لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو واڌ جو سبب بڻجندي آهي.

گهڻو ڪري ماڻهو پنهنجي گهرن اندر ڪيترن ئي بجلي جي شين کي بند ڪرڻ باوجود به پلگ سوئچ ۾ لڳائي رکندا آهن، جنهن اهي شيون هر وقت معمولي مقدار ۾ بجلي خرچ ڪنديون رهنديون آهن.

ته انهن شين جي باري ۾ ڄاڻيو جن جو اوهان پلگ لڳائي پنهنجي بجلي جي بل ۾ هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ 5 کان 10 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪري سگهو ٿا.

ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ

ڇا اوهان ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ استعمال ڪندا آهيو ته ڄاڻي وٺو اهي ڊيوائسز ان وقت به بجلي خرچ ڪري رهيا هوندا آهن جڏهن اوهان کين استعمال ناهيو ڪندا.

آمريڪا جي بيڪرلي نيشنل ليبارٽري موجب هڪ ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر جو پلگ لڳل رهي ته اهو سال ۾ 23 ڊالرز کان وڌيڪ واڌو بجلي خرچ ڪندو آهي.

اهڙي طرح مانيٽر 1.53 ڊالرز جڏهن ته موڊيم يا رائوٽر لڳ ڀڳ 7 ڊالرز جي بجلي سال ۾ خرچ ڪندو آهي، اهي ڊيوائسز سڄي سال ۾ 40 يا 50 ڊالرز جي واڌو بجلي خرچ ڪري ڇڏيندا آهن يا مهيني جا 3 کان 4 ڊالرز خرچ ٿيندا آهن.

پاڪستان موجب ڏٺو وڃي ته هر مهيني اهي ڊيوائسز بجلي جي بل ۾ هڪ هزار رپين تائين واڌ ٿي سگهي ٿو.

ٽيليوزن (ٽي وي)

جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا رموٽ ڪنٽرول سان ٽي وي بند ڪرڻ بعد اهو بجلي خرچ نه پيو ڪري ته اهو غلط آهي، اسٽينڊ باءِ ٽي وي سال ۾ 20 ڊالرز کان وڌيڪ واڌو بجلي خرچ ڪري سگهي ٿو.

اسپيڪر ۽ سائونڊ سسٽم

جيڪڏهن اوهانجي گهر ۾ اسٽيريو سسٽم موجود آهي ته ڄاڻي وٺو اهو گهڻي بجلي خرچ ڪندو آهي، آڊيو سسٽم سڄي سال ۾ 10 ڊالرز جي واڌو بجلي کپائي ڇڏيندو آهي، انهن جا پلگ ڪڍي ڪري اوهان هر مهيني ڪجهه سو رپين جي بچت ڪري سگهو ٿا.

موبائيل فون جا چارجرز

جيڪڏهن اوهان جي گهر ۾ 2 يا 3 موبائيل فونز موجود آهن ته انهن کي روزانو ڪيترائي ڀيرا چارج به ڪرڻو پوندو هوندو، گهڻا ماڻهو چارجرز استعمال نه ڪرڻ باوجود به انهن کي سوچ آن رکندا آهن، جنهن جي ڪري به چارجر واڌو بجلي خرچ ڪندا آهن.

اهڙي طرح ڪيترائي ماڻهو رات جو موبائيل فون چارج ڪرڻ جا عادي هوندا آهن جنهن سبب به هر مهيني ڪجهه سو رپيا وڌيڪ بل ايندو آهي.
Pakistan Wapda NEPRA

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.