اسرائيل غزه جي پٽي تي زميني حملو شروع ڪري ڇڏيوآھي.داڻو پاڻي بند ڪيل 11 لک شهرين کي 24 ڪلاڪن اندر ڏاکڻي حصي ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ھو. غزه جي سرحد تي هزارين فوجي، ٽينڪون۽ توپخانا گڏ ٿي رھيا آهن.تنهن هوندي ڳتيل آبادي واري غزه ۾فوج موڪلڻ ڪنھن خطري کان خالي ناھي. غزه تي ممڪن زميني حملي جي وقت مقرر ناھي ۽ ان جي نوعيت بابت بھ ڪجھھ چٽو ناھي.
غزه تي زميني حملي جون تياريون شروع ٿي چڪيون آهن. اسرائيلي فوج جي ميجر جنرل اموس گيلاڊ چيو آهي ته اسرائيل پهرين اتحادي حڪومت جي قيام جو فيصلو ڪندو ته جيئن مستقبل جي ڪاررواين لاءِ عوام جي حمايت حاصل ڪري سگهجي.اعليٰ سطحي آمريڪي ۽ يورپي سياستدانن جي تازن دورن سان اسرائيل عالمي سطح تي تھ حمايت سگھاري ڪري رھيو آهي، پر جيڪڏهن جنگ ڊگھي ٿي۽ وڌيڪ شهري جانيون ويون تھ ان جي حمايت گھٽجي سگھي ٿي. فوجي آپريشن ۾ اسرائيلي فوجين جي وڌيڪ مرڻ سان بھ ان جو ارادو ڪمزور ڪري سگهي ٿو.جيتري تائين تيارين جو تعلق آهي ته اسرائيل غزه جي سرحد تي پنهنجي فوج کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي. ھڪ لک 60 ھزار سپاهين کان علاوه اٽڪل ٽي لک ريزرو سپاهين کي به گهرايو ويو آهي.
بظاهر اسرائيل ۾ ماڻهو متحد نظر اچن ٿا پر فوجي حڪمن جي انتظار ۾ وقت گذري رهيو آهي. غزه جي سرحد تي فوج جيترو وڌيڪ انتظار ڪندي، اوترو ان جو حوصلو برقرار رکڻ مشڪل هوندو.اسرائيل پاران غزه ۾ رهندڙ فلسطينين کي ڏکڻ طرف وڃڻ جي خبرداري ان ڳالهه جو اشارو آهي ته فوجي آپريشن جو ايندڙ مرحلو ويجهو آهي.
پهرين مرحلي ۾ اسرائيل کي پنهنجي زمين تان حماس ويڙھاڪن کي گرفتار ڪرڻ يا مارڻ آھي.جيڪي غزه مان نڪري ڪري 1,300 اسرائيلين کي قتل ڪري ويا ۽ تقريبا 150 ماڻھن کي يرغمال بڻايو.
اسرائيلي هوائي فوج حماس جي فوجي قيادت کي نشانو بڻائي رهي آهي. غزه تي گذريل ڇهن ڏينهن ۾ 6 ھزار کان وڌيڪ بم ڪيرايا ويا آهن. مقابلي ۾ ڏسجي تھ، نيٽو اتحاد 2011 ۾ ليبيا ۾ سڄي جنگ ۾ 7ھزار ست سئو بم اڇلايا ھئا. غزه جي پٽي ۾ اسرائيلي هوائي حملن ۾ هينئر تائين 1500 ماڻهو مارجي ويا آهن.
اسرائيل جي زميني حملي جو منصوبو ڳجهو رکيو ويندو، پر اسرائيل سالن کان ان جي تياري ڪري رکي آهي. اسرائيل اربين ڊالرن ماليت جو ‘مني غزه’ نالي ھڪ سينٽر ٺاهيو آهي جتي سپاهين کي تربيت ڏني ويندي آهي ته ڳتيل آبادي ۾ڪيئن وڙهيو وڃي.ان مرڪز ۾ اسرائيل غزه جهڙي ڳتيل آباد علائقي ۽ سرنگن ۾ جنگ لاءِ تيار ي ڪئي آھي.ياد رهي ته حماس غزه ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ زير زمين سرنگن جو نيٽ ورڪ وڇائي چڪو آهي.يروشلم پوسٽ جي اڳوڻي مدير ياڪوو ڪاٽز جنھن اسرائيلي فوج تي ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آهي. هن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج اهڙين ڪارروائين لاءِ برگيڊ تيار ڪئي آهي، جنهن ۾ بڪتر بند بلڊوزر ۽ انجنيئر ٽينڪون ۽ پيادل فوج شامل آھن.
ميجر جنرل ياڪوو اميڊور اڳوڻو اسرائيلي ڪمانڊر آهي. هو تسليم ڪري ٿو ته حماس سان وڙهڻ ڏکيو هوندو.هن جو چوڻ آهي ته حماس غزه جي داخلي دروازن ۽ تنگ گهٽين ۾ ڌماڪيدار مادو نصب ڪري رکيو هوندو.
اسرائيل کي يقين آهي ته حماس وٽ 30 ھزار ويڙهاڪن آھن جيڪي خودڪار رائفلز، راڪيٽ گرنيڊ ۽ اينٽي ٽينڪ ميزائلن سان هٿياربند آهن. حماس وٽ راڪيٽ جو به وڏو انگ آهي جيڪي اسرائيل تي فائر ڪري رهيو آهي.ھن جو چوڻ آهي ته حماس ننڍا ڊرون به ٺاهي رهيو آهي، جن ۾ خودڪش ڊرون به شامل آهن. هن مطابق حماس وٽ محدود تعداد ۾ زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل بھ آهن. بهرحال، حماس وٽ بڪتربند گاڏيون، ٽينڪ ۽ توپ خانا ناهن.پر اسرائيل لاءِ اصل مسئلو گتيل آبادي ۾ وڙهڻ وارو آھي. اسرائيل سرنگ وارفيئر لاءِ خاص ٽيمون ٺاهي ڇڏيون آهن، جن ۾ هڪ انجنيئرنگ يونٽ به شامل آهي. ان کان علاوه ’آڪٽز‘ نالي هڪ يونٽ ڪتن وارو آهي.
ياڪوو ڪاٽز مطابق اسرائيلي فوج سرنگن ۾ بلڪل ضروري ھجڻ تي ويندي. ڇاڪاڻ ته حماس انهن سرنگن کي اسرائيلي سپاهين کان بهتر ڄاڻي ٿو. اسرائيلي فوج انهن سرنگن کي بارود سان تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.
زميني حملو اسرائيلي يرغمالين سبب منجھيل ٿي ويو آھي.ميجر جنرل گلياد انهن ڳالهين ۾ شامل هو جنهن جي نتيجي ۾ 2006 کان 2011 تائين حماس جي قبضي ۾ هڪ اسرائيلي سپاهي کي آزاد ڪرايو ويو. ان جي بدلي ۾ اسرائيل 1000 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ھو.بهرحال، ميجر جنرل اميڊور جو چوڻ آهي ته يرغمالين جي ڪري آپريشن نه رڪجندو ٿيندو. حماس جي خاتمي تائين وڙهنداسين ۽ ان آپريشن دوران يرغمالين کي ڳولڻو پوندو.
اسرائيل موجب ان جو مقصد حماس کي تباهه ڪرڻ آهي.30سالن تائين اسرائيلي فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ميجر جنرل گلاد جو چوڻ آهي ته اهو مقصد غزه ۾ اسرائيلي فوج جي گذريل آپريشنن کان تمام وڏو آهي. هن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري ڪجهه وڌيڪ ڊرامائي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.هن جو خيال آهي ته فيصلائتي فوجي ڪارروائي خطي ۾ اسرائيل جي ٻين حريفن حزب الله ۽ ايران کي به روڪڻ ۾ مدد ڪندي.
ياڪوو ڪاٽز جو خيال آهي ته اسرائيل جي مقصدن ۾ اهو يقيني بڻائڻ شامل آهي ته حماس مستقبل ۾ وري اسرائيل تي اهڙو حملو ڪرڻ جي صلاحيت حاصل نه ڪري سگھي. ھن جو چوڻ آھي تھ ”اسرائيل غزه تي ٻيهر قبضو ڪرڻ نٿو چاهي، ڇو ته ان صورت ۾ کيس 20 لک ماڻهن جو خيال رکڻو پوندو. جيڪي سندن خلاف پڻ آهن،“
بهرحال تاريخ ٻڌائي ٿي ته زميني حملا منصوبي جي مطابق نٿا ھلي سگھن.دنيا جي جديد فوج بھ مسئلن ۾ ڦاسي سگهي ٿي، جيئن عراق ۽ افغانستان ۾ آمريڪا ۽ يوڪرين ۾ روس سان ٿي رھيو آهي.غزه جي پٽي ۾ فوجي آپريشن جو نتيجو اڃا واضح ناهي. حماس جي ويڙهاڪ تنظيم کي شڪست ڏيڻ ۾ آپريشن ڪيترو به ڪامياب ڇو نه هجي، حماس جي سياسي اهميت ۽ مزاحمت لاءِ عوامي حمايت جاري رهندي.
( بي بي سي جي ٿورن سان)
ياڪوو ڪاٽز جو خيال آهي ته اسرائيل جي مقصدن ۾ اهو يقيني بڻائڻ شامل آهي ته حماس مستقبل ۾ وري اسرائيل تي اهڙو حملو ڪرڻ جي صلاحيت حاصل نه ڪري سگھي. ھن جو چوڻ آھي تھ ”اسرائيل غزه تي ٻيهر قبضو ڪرڻ نٿو چاهي، ڇو ته ان صورت ۾ کيس 20 لک ماڻهن جو خيال رکڻو پوندو. جيڪي سندن خلاف پڻ آهن،